موجوده عالمي نظام، جيڪو جمهوريت ۽ آفاقي انساني حقن جي مقدس لباس ۾ ملبوس آهي، هڪ انتهائي پيچيده ۽ ظالمانه تضاد پيش ڪري ٿو. هي نظام، جيڪو واحد طاقت جي زوال پذير ماڊل جي جهٽن ۾ هلندڙ آهي، اهڙو تماشو بيهاري ٿو، جيڪو ماضي جي رت سان لکيل سبقن تي ڄڻ ٺٺوليون ڪري رهيو هجي. اسان اهڙي دور ۾ جيئري رهيا آهيون، جتي اهڙا واقعا ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، جن جي مثال جديد تاريخ ۾ شايد ئي ملي. اهو چوڻ باوجود ته موجوده عالمي نظام جمهوريت، بنيادي انساني حقن ۽ گڏيل قومن جهڙن ادارن تي ٻڌل آهي، پوءِ به اهو مڃڻ ڏکيو آهي ته انسانيت ماضي جي تجربن مان ڪو حقيقي سبق سکيو آهي.
اسان اهڙي عهدي جا مسافر آهيون، جتي دانشورانه وسارڻ جو پردو طاقت جي هر هنڌ موجود حقيقت تي ڇانيل آهي. بين الاقوامي لاڳاپن جو هي ٿيٽر، جنهن جو سنهري اسٽيچ گڏيل قومن جهڙن ادارن سان سينگاريل آهي، اصل ۾ اهڙي ڊراما نگاري آهي، جنهن جو اسڪرپٽ چند هٿن تائين محدود آهي. ”انساني حقن“ ۽ ”جمهوري قدرن“ جا شاندار لباس هن سياسي ڪمال جي اسٽيچ تي صرف ان وهم کي زنده رکڻ لاءِ آهن ته عالمي ڳالهه ٻولهه اڃا جاري آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ان جي ٻولي ته عالمي آهي، پر عمل مڪمل طور هڪ طرفو آهي. ان جا اصول تڏهن کان ورجائبارهن ٿا، جيستائين جيوپوليٽيڪل شطرنج انهن جي ڀڃڪڙي جو مطالبو نه ڪري.
جديد ميڊيا هن طاقت جو هڪ اهم اوزار بڻجي، اهڙيون هڪ طرفيون ڪهاڻيون ٻڌائي ٿو، جن جي تصديق جا ذريعا عام ماڻهن جي پهچ کان پري آهن. اهي ادارا رڳو اهڙا يادگاري اسٽيچ آهن، جيڪي اجتماعي نظم جي خواهش جي گونج ته پيدا ڪن ٿا، پر انصاف جي فيصلائتي ڌڪ کان پاسو ڪن ٿا. هتي طريقيڪار جي شائستگي، دراصل عمل جي غير موجودگي کي لڪائڻ جو ذريعو بڻجي ٿي. هي نظام هڪ سڪون بخش افسانو پيش ڪري ٿو ته ”گهٽ ۾ گهٽ هڪ فورم ته موجود آهي“، پر ان جو مقصد تبديلي آڻڻ نه، پر صرف اها شاهدي قائم رکڻ آهي ته ڳالهه ٻولهه، ڀلي ڪيتري ئي بي جان ڇو نه هجي، اڃا ختم ناهي ٿي. اسان جي دور جو بنيادي تضاد به اهو ئي آهي: هڪ اهڙو ڊرامو، جيڪو قانونيت جي دوکي ۾ جڪڙيل آهي، جتي طاقت جي بي رحم منطق سنهري پردن جي پٺيان پنهنجو ڪم جاري رکي ٿي. سوال اهو اڀري ٿو ته هن سامراجي تسلسل جو ايندڙ نشانو ڪير هوندو؟ هي اهو فلسفياتي ۽ سياسي سوال آهي، جيڪو اسان جي عهدي تي ڇانو بڻيل آهي.
هن ڇڪتاڻ واري منظرنامي ۾ جديد ميڊيا رڳو واقعن جو بيان ڪندڙ نه رهيو آهي، پر ”طاقت جو هڪ بنيادي تيز هٿيار“ بڻجي چڪو آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ اهڙو هٿياربند راوي سامهون آيو آهي، جنهن جو ڪو مٽ ناهي: اينڪر ۽ تجزيه نگار. وينزويلا ۾ کليل مداخلت کان وٺي گرين لينڊ لاءِ لالچ، ۽ ايران تي مڙهيل ڌمڪين تائين، بيانيه ٺاهڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار پيماني ۽ نفسياتي اثر جي لحاظ کان بي مثال آهي. خاص طور يورپ ۽ آمريڪا ۾ عوام هڪ طرفي معلومات جي وهڪري ۾ ٻڏل آهي، جتي تصديق ٿيل، متبادل حقيقت جو تصور ئي پهريون شڪار بڻجي ٿو. هي ميڊيا ٿيٽر حقيقتن کي اهڙي نموني سان تعمير ڪري ٿو، جو واقعي ۽ بيانيي جي وچ واري ليڪ ڌندلي ٿي وڃي ٿي، ۽ عالمي عوام ”ڪوڙين، اڌوريون ۽ مروڙيل ڪهاڻين“ تي ٻڌل دنيا ۾ سفر ڪرڻ لڳي ٿي. هڪ صاف نقشو سامهون اچي ٿو: هڪ اهڙي بک، جيڪا مادي به آهي ۽ نظرياتي به، جنهن جو مقصد دنيا جي وسيلن ۽ اتحادين تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي. هي ميڊيا پاڻ ۾ هڪ مڪمل جنگ آهي، جيڪا جديد پروپيگنڊا هٿيارن سان ليس آهي. ان جو پهريون شڪار سچ ناهي، پر سچ کي سڃاڻڻ جو امڪان پاڻ آهي، جيڪو ذهني جوڙجڪ جي پهرين منزل هوندو آهي.
هاڻي اسان کي ڌيان ان لڪل دراڙ ڏانهن موڙڻو پوندو، جيڪا هاڻي زلزلي جهڙي قوت سان متحرڪ ٿي رهي آهي: بلوچستان. معدنيات سان مالا مال هي خطو، جيڪو پاڪستان، ايران ۽ افغانستان جي سنگم تي واقع آهي، هاڻي هن نئين ”عظيم راند“ جي علامت بڻجي چڪو آهي. اسرائيل پاران قائم ڪيل ”بلوچستان اسٽڊيز سينٽر“ رڳو هڪ علمي ادارو ناهي. اسرائيلي سرپرستي هيٺ قائم ٿيل هن سينٽر بابت خبرون آهن ته ان جو مقصد ايران اندر مرڪز خلاف بلوچ اقليت جي ناراضگي کي هوا ڏيڻ آهي. تجزيو ڪيو پيو وڃي ته هي قدم نه رڳو ايران، پر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ به بلوچ تحريڪن کي سگهه ڏيندو. هي بارود جي ڍير تي چنگاري آهي، جيڪا عدم استحڪام جي هڪ بدنصيبي راند جو اشارو ڏئي ٿي، جنهن جو مقصد اقليتن جي جائز مسئلن کي جيوپوليٽيڪل هٿيارن ۾ تبديل ڪرڻ آهي. نشانو صاف نظر اچي ٿو: تهران جي استحڪام کي ڌڪ رسائڻ، پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ (۽ ان سان گڏ چين-پاڪستان اقتصادي راهه، سي پيڪ، کي نقصان پهچائڻ)، ۽ افغانستان جي نازڪ توازن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ. هڪ ڀيرو لڳل باهه سرحدن کي نٿي سڃاڻي. ان جا شڪار رڳو حڪومتي ڍانچا نه هوندا، پر سڀ کان وڏي قيمت بلوچستان جي عوام کي ادا ڪرڻي پوندي. انهن تي مصيبتن جو نئون دور مڙهيو ويندو: تشدد ۾ واڌ، معاشي سرگرمين جو خاتمو، لڏپلاڻ، ۽ بنيادي انساني حقن کان محرومي. اهي ئي ماڻهو آهن، جن بابت وڏيون طاقتون ڳالهائين ٿيون، پر جن جي آواز فيصلو ساز ڪمرن تائين ڪڏهن به نٿي پهچي. اهي هن راند جو حصو ناهن، پر ان جو ايندھن آهن.
هيءَ صورتحال هڪ انتهائي اهم سوال کي جنم ڏئي ٿي: هن افراتفري مان اصل فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ هي سوال علائقي جي ڪيترن ئي رانديگرن کي اسٽيچ جي ڪنارن کان ٻاهران به سڏي ٿو. سعودي عرب ۽ خليجي رياستون، جيڪي پيچيده دفاعي معاهدن ۽ گهري فرقيوارانه اسٽرٽيجڪ مفادن ۾ جڪڙيل آهن، پنهنجي شيعه حريف جي ممڪن زوال جو تماشو ڏسي رهيون آهن. روس ۽ ترڪي، جن لاءِ هي علائقو شطرنج جي هڪ اهم بساط آهي، رڳو خاموش تماشائي نه آهن، پر پنهنجي پنهنجي انداز ۾ جواب ڏيڻ لاءِ تيار رانديگر آهن. چين، جنهن جو عظيم الشان سي پيڪ منصوبو هن ئي خطي مان گذري ٿو، جنهن لاءِ عدم استحڪام بيلٽ اينڊ روڊ جي خواب لاءِ وجودي خطرو آهي. پر تاريخ هڪ تلخ، طنزيه سبق ڏئي ٿي: اهڙا بحران اڪثر انهن ئي رياستن جي هٿان هضم ٿي ويندا آهن، جن کي اهي خطرا لاحق هوندا آهن. ايران-عراق جنگ تهران ۾ انقلابي رياست کي وڌيڪ مضبوط ۽ سخت بڻايو. پاڪستان تاريخي طور بلوچستان ۾ هنگامن کي سيڪيورٽي بنيادن تي ڪنٽرول ۽ تحفظ جي بهاني طور استعمال ڪيو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ جي نالي تي فوجي موجودگي جو جواز ٺاهيو آهي. اهڙيءَ طرح، افغان حڪومتن بغاوت کي بي رحماڻي دٻاءُ ۽ رياستي اختيار وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي. اهڙي نموني، ٻاهرين خطرو اندروني مضبوطيءَ جو هڪ الٽو هٿيار بڻجي وڃي ٿو، قومي دفاع جي نالي تي طاقت کي مرڪوز ڪرڻ جو ذريعو. ڇا هي بحران وري انهن مرڪزي حڪومتن کي امن ۽ سيڪيورٽي قائم ڪرڻ جي بهاني وڌيڪ کليل ڪاررواين جي آزادي نه ڏئي ڇڏيندو؟ ۽ هن عظيم راند جي هيٺان زمين پاڻ موجود آهي. بلوچستان جا حيرت انگيز معدني وسيلا هن جيوپوليٽيڪل ڇڪتاڻ جي مادي بنياد آهن. جڏهن آمريڪا جهڙي عالمي طاقت پاڪستان سان ناياب معدنيات بابت ”معاهدن“ جون ڳالهيون ڪري ٿي، ۽ پراسرار نموني انهن جي ترسيل شروع ٿيڻ جا اشارا ملن ٿا، ته حڪمت عمليءَ جي تجريد هڪ بي رحم وجودي حقيقت اختيار ڪري وٺي ٿي. بلوچستان رڳو هڪ سرحدي علائقو ناهي، پر هڪ اهڙو خزاني جو گودام آهي، جنهن جا ماڻهو اڪثر اهي غريب ترين اسٽيڪ هولڊر هوندا آهن، جن جي مٿان هي راند کيڏي ويندي آهي.
هتي اسان طوفان جي انساني مرڪز تي پهچون ٿا. هتي جي عام ماڻهو جو ڇا ٿيندو؟ غريب بلوچ، ايراني شهري، افغان ڳوٺاڻو؟ انهن لاءِ افق وڌيڪ اونداهو ٿيندو پيو وڃي، هڪ ٻئي مڙهيل هنگامي حالت سبب، ڀلي ان کي جنگ چئو يا ”اسٽرٽيجڪ عدم استحڪام“. انهن وٽ ڪا راءِ ناهي، ڪو ڪنٽرول ناهي، هن عظيم ڊيزائن ۾ ڪو حصو ناهي. پوءِ به اهي ئي ان جا پهريان شڪار هوندا، تاريخ جو خام مال. اهي هڪ تلخ فلسفياتي سوال تي سوچڻ تي مجبور آهن: جڏهن آخرڪار سپر پاورز جا ڇڏيل طوفان ٿڪجي پوندا، سرحدون بدلبيون ۽ حڪومتون ڊهي پونديون، ته ڇا بچيل منظرنامي ۾ انهن لاءِ ڪو ميوو هوندو؟ يا اهي هميشه وانگر سازشن جي راک ۽ هڪ نئين اجنبي نظام جي بار هيٺ ئي ڇڏي ڏنا ويندا؟
طاقت جا ويس اڃا به مضبوط نموني سان قائم آهن. هي ڦيٿو نه ان هاريءَ لاءِ ڦري ٿو، نه مٽيءَ سان ڀريل گهٽين جي مسافر لاءِ، پر انهن لاءِ ڦري ٿو، جيڪي بساط تي مهرون هلائين ٿا. ڇا تاريخ جو ڦيٿو رڳو طاقتور ماڻهن لاءِ ئي هلندو رهندو، جيڪو هميشه عام انسان جي اميدن کي پنهنجي بي پرواهه ڊوڙ هيٺ چيڀاٽيندو رهي ٿو؟ خطو ساهه روڪي انتظار ۾ آهي، اهو ڏسڻ لاءِ ته ڇا طاقت جي هي بي رحم ڊوڙ ڪڏهن اهڙي صبح آڻيندي، جيڪا انهن ماڻهن جي هوندي، جن جي پٺيءَ تي هي راند کيڏي وڃي ٿي. لکين ماڻهن جي خاموشي رضامندي ناهي، پر اهو هڪ اهڙي سوال جو ناقابلِ برداشت بار آهي، جنهن جو جواب تاريخ هميشه ڏيڻ کان پاسو ڪندي آئي آهي.