عمران خان ڪيترو جمهوريت پسند انسان آهي؟

تحرير: ڊاڪٽر عبدالرئوف

اڄ جڏهن مان عمران خان جي سياست تي تنقيد ڪريان ٿو ته منهنجا دوست اڪثر مون کان سوال ڪن ٿا ته توھان جي جمهوريت پسندي هاڻي ڪيڏانهن وئي؟ مان انهن کي هميشه هڪ ئي جواب ڏيندو آهيان ته منهنجي تنقيد ڪنهن شخصيت سان نفرت تي نه، پر اصولن تي ٻڌل آهي. عمران خان ڪرڪيٽر طور منهنجو هيرو رهيو آهي، مان ان جي سماجي خدمت جو به مداح رهيو آهيان پر سياستدان طور، ان جو پورو سفر غير جمهوري قدمن ۽ آمريت پسندي جي ڇانو هيٺ گذريو آهي. هو هاڻي جيل ۾ قيد آهي، هڪ انسان جي حيثيت سان اسان جون سڀ همدرديون ساڻس آهن ۽ ان جي خلاف ٿيندڙ هر زيادتي جي مذمت ٿيڻ گهرجي، پر تاريخ جو درست ريڪارڊ همدردين سان نه پر ٺوس حقيقتن سان ٺهي ٿو. ان لاءِ مان اهي حقيقتون پڙهندڙن جي سامهون رکندو آهيان ته اهي پاڻ فيصلو ڪن ته عمران خان ڪيترو  جمهوريت پسند آهي.

عمران خان جي سياست جي شروعات ئي انهن قوتن جي سرپرستي ۾ ٿي، جيڪي سول بالادستي جي بدران ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي تي يقين رکن ٿيون. 1995 ۾ تحريڪِ انصاف جي بنياد رکڻ کان اڳ، اڳوڻي آءِ ايس آءِ چيف جنرل حميد گل سان ان جو اتحاد پهريون اشارو هو ته سندن سوچ پارلياماني سياست جي طرف ناهي، ڪنهن ٻي ذهنيت جي آهي. ان دور جو سڀ کان ڏکيو باب عبدالستار ايڌي کي هراسان ڪرڻ هو. ايڌي صاحب پنهنجي ڪٿا ۾ انڪشاف ڪيو ته ڪيئن حميد گل ۽ عمران خان انهن تي دٻاءُ وڌو ته اهي بينظير ڀٽو جي چونڊيل حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ اوزار بڻجي. انسانيت جي ان عظيم خادم کي اهڙي طريقي سان ڊيڄاريو ويو جو هو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو. عمران خان جي شخصيت ۾ تضاد به نمايان رهيو آهي. پنهنجي انٽرويوز مطابق، هو برطانيا ۾ پڙهائي دوران هر آچر تي بينظير ڀٽو جي عوامي دسترخوان تي پنهنجي بک مٽائڻ لاءِ ويندو هو، پر جڏهن اها بينظير ڀٽو دهشتگردن پاران شهيد ڪئي وئي، ته عمران خان جي چپن تي مذمت جا ٻه لفظ به نه آيا. ان جو اهو چوڻ ته بينظير تي حملو پاڻ انهن تي ذميواري آهي، دراصل دهشتگردن کي ڪلين چٽ ڏيڻ جي مترادف سمجهيو ويو. اها مصلحت پسندي ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي معاملي ۾ به نظر آئي. انهن دهشتگردن جو نالو وٺڻ کان پرهيز ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن مان انهن جي مذمت ڪندس ته مون کي ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن کي ڪير بچائيندو؟ رياست جي سربراهه بڻجڻ جي خواهشمند ليڊر جو اهو بيان گروهي مفاد کي قومي سلامتي تي ترجيح ڏيڻ جي واضح مثال آهي.

سندس آمريت پسند رويو 1999 جي فوجي بغاوت جي حمايت سان پڻ عيان ٿيو، جڏهن انهن پرويز مشرف جي مارشل لا کي جمهوريت جي ضرورت قرار ڏنو. اپريل 2002 جي غيرآئيني صدارتي ريفرنڊم ۾ هو مشرف جي وڪيل طور ظاهر ٿيو ۽ چيائين ته مشرف جي حمايت انهي اميد تي ڪري رهيو آهيان ته هو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي سياسي نظام کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو. آڪٽوبر 2002 جي چونڊن ۾ مشرف سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهھ ٻول ڪئي ۽ جڏهن کيس اقتدار جو گهربل حصو نه مليو ته اصولي سياست جو لباس اوڍي ڇڏيائين. آڪٽوبر 2002 کان پوءِ، مشرف جي 2001 ۾ آمريڪي جنگ ۾ ڪيل حمايت به ان کي ملڪ جي خودمختياري جو سودو نظر اچڻ لڳي. يعني  پيمانو ساڳيو رهيو، پر زاويو بدلندو رهيو.

2008  ۾ جڏهن سڀ وڏيون پارٽيون آمريت کان جمهوريت ڏانهن واپسي جي ڪوشش ڪري رهيون هيون ته عمران خان پارلياماني نظام جي بدران روڊن جي سياست کي ترجيح ڏئي جمهوريت جي عمل کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي تسلسل ۾ 2013 ۾ 35 پنڪچر جو دعويٰ ڪئي ۽ بعد ۾ ثبوت نه ملڻ تي پاڻ ئي عدالت ۾ رد ڪيو. 1996 کان 2010 تائين پي ٽي آءِ ۾ ڪو حقيقي اندروني چونڊ نه ٿي ۽ اها مڪمل طور تي شخصي جماعت رهي. جڏهن 2015 ۾ پارٽي اندروني چونڊ ۾ ڌانڌلي جي نشاندهي ٿي  ته عمران خان سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس وجيهه الدين کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. جمهوريت جيڪڏهن اندر کان شروع ٿئي ته پوءِ جماعت اندر اختلاف ۽ احتساب جا دروازا بند ڪري ڪهڙي جمهوريت جي ڳالهه ٿي رهي آهي؟

2013  کان پوءِ عمران خان جو بيانيو هڪ وڌيڪ خطرناڪ رخ اختيار ڪري ٿو، انتهاپسندن جي معاملي ۾ غير معمولي نرمي. تحريڪ طالبان پاڪستان جهڙا هٿياربند گروپ، جيڪي هزارين پاڪستانين جي خون ۾ ملوث رهيا، عمران خان جي زبان ۾ پنهنجا ماڻهو ۽ غلط فهمي جا شڪار بڻجي وڃن ٿا. آمريڪي ڊرون حملا تي شديد ردعمل، طالبان قيادت جي مارجڻ تي افسوس ۽ رياستي طاقت جي استعمال جي مسلسل مخالفت سبب انهن کي عالمي ميڊيا ۾ طالبان خان جو لقب مليو.     2014  ۾ اسلام آباد ڌرڻو عمران خان جي سياست جو اهو باب آهي جتي جمهوريت جي پردي ۾ آمريت پسندي مڪمل طور ظاهر ٿي. پارليامينٽ ۾ اڪثريت نه هجڻ باوجود، احتجاجن ذريعي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش، سول نافرماني جي ڪال، ٽيڪس ۽ بل نه ڏيڻ جي اپيل ۽ پوءِ اهو چوڻ ته مان ماڻهن کي ڪنٽرول نه ڪري سگهان  هي سڀ ڪنهن جمهوري ليڊر جي نه پر هڪ هجوم کي هٿيار طور استعمال ڪندڙ سياستدان جي علامت آهن.

 2018 ۾ اقتدار سنڀالڻ بعد عمران خان پنهنجي آمراڻي مزاج کي باقاعده سرڪاري پاليسي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سڀ کان پهريان وفاق جي روح يعني 18هين ترميم کي نشانو بڻايو، ان کي وفاق لاءِ بار قرار ڏنو ۽ اين ايف سي ايوارڊ ذريعي صوبن جي مالي حقن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت تي الزام لڳو ته سي سي آءِ جي اجلاس مڪمل ڪرڻ کان سواءِ قومي معاملن تي هڪ طرفو فيصلو ڪيو، جنهن سبب صوبن جي حصيداري ڪمزور ٿي. ان کان علاوه، وزيراعظم طور اهم آئيني مقررين (جهڙوڪ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر ۽ نيب چيئرمين) تي اپوزيشن ليڊر سان مشاورت کان انڪار ڪيو ۽ آرڊيننس جي فيڪٽري هلائي. پارليامينٽ کي ربڙ اسٽيمپ بڻائي 75 کان وڌيڪ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيا، مارچ 2021 ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي سينيٽ چونڊن جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پيڪا ۽ ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي تجويز کي به ڪارو قانون قرار ڏنو، جنهن جو مقصد ميڊيا کي سڌو حڪومتي ڪنٽرول ۾ آڻڻ هو.

سياسي انتقام کي احتساب جو لباس پهرايو ۽ نيب کي سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جو الزام پڻ انهن دور سان جڙيل آهي. هڪ طرف رانا ثناءُالله تي جعلي ڪيس، فريال تالپور جي عيد جي رات گرفتار ۽ ٻي طرف سي پيڪ اٿارٽي جي سربراهه ريٽائرڊ جنرل عاصم سليم باجوه جي ملڪ ٻاهر اثاثن جي مالي اسڪينڊل تي ڪوئي انڪوائري نه ڪرائي، پاڻ ئي جج بڻجي ڪلين چٽ جاري ڪئي. احتساب جيڪڏهن اصول آهي ته پوءِ اصول ڇو چونڊيا وڃن؟

عمران خان جي دور اقتدار جو سڀ کان وڏو الميو پارليامينٽ جي مڪمل بي توقيري ۽ سول اختيارن جي غير مشروط دستبرداري هئي، جنهن جي مثال پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ گهٽ ملندي آهي. انهن هڪ صفحي جي آڙ ۾ رياست جي نظم و نسق، معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي کي چونڊيل نمائندن جي بدران عسڪري قيادت جي حوالي ڪيو، قومي ترقي ڪائونسل ۾ آرمي چيف کي معاشي پاليسي ٺاهڻ جي فورم تي رکيو، سي پيڪ اٿارٽي کي ريٽائرڊ جنرل جي سربراهي ڏني ۽ سولين وزارتن کي صرف تماشائي بڻايو.

2022  ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ هڪ آئيني امتحان هو جنهن ۾ عمران خان مڪمل ناڪام ٿيو. پارليامينٽ کي منهن ڏيڻ بدران آئين کي موڙڻ جي ڪوشش، ڊپٽي اسپيڪر ذريعي ووٽنگ روڪڻ ۽ اسيمبليءَ کي تحليل ڪرڻ، جنهن کي سپريم ڪورٽ غير آئيني قرار ڏنو.  2024 جي چونڊن کان پوءِ جڏهن پيپلز پارٽي سياسي مفاهمت جي پيشڪش ڪئي ته خان صاحب پارلياماني قيادت سان هٿ ملائڻ بدران صرف مقتدره سان ڳالهائڻ تي زور ڏنو. اهو رويو ڏيکاري ٿو ته اهي اڃا به سياست کي عوام ۽ پارليامينٽ جي بدران مقتدر حلقن ذريعي حل ڪرڻ مناسب سمجهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.