وينزويلا ۾ ڪنهن کي خبر به نه پئي ۽ آمريڪا راتو رات اتي جي صدر نڪولس مادورو کي اغوا ڪري رجيم چينج ڪري ڇڏيو ۽ ساڳي وقت فتح جو اعلان به ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته هي ملڪ آمريڪا لاءِ سڀ کان سولو ٽارگيٽ ثابت ٿيو، جتي رجيم چينج لاءِ نه ته نيٽو کي اربين ڊالر خرچ ڪرڻا پيا ۽ نه ئي ڪو جاني نقصان ٿيو. اڳتي وڌڻ کان اڳ اها وضاحت ضروري آهي ته رجيم چينج جهڙو اصطلاح اصل ۾ ان موقعي تي استعمال ٿيندي آهي، جڏهن ڪنهن رياست ۾ اقتدار هڪ قيادت کان نڪري ٻي قيادت جي هٿ ۾ هليو وڃي. اها تبديلي جمهوري به ٿي سگهي ٿي ۽ غير جمهوري به. يعني جيڪڏهن عوام پنهنجي ووٽ ذريعي حڪومت تبديل ڪري ته ان کي پرامن يا ايئني رجيم چينج چيو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جي ابتڙ، جيڪڏهن حڪومت احتجاج، فوجي مداخلت يا ڪنهن پرڏيهي دٻاءَ جي نتيجي ۾ تبديل ٿئي ته اهو عمل تڪراري رجيم چينج سمجهيو ويندو آهي.
تاريخ شاهد آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رجيم چينج مختلف طريقن سان ٿي آهي. ڪٿي عوامي تحريڪن آمريت جو خاتمو آندو، ته ڪٿي فوجي بغاوتن چونڊيل حڪومتن کي هٽايو. ڪڏهن وري طاقتور ملڪن پنهنجن مفادن تحت ڪمزور رياستن ۾ حڪومتي تبديلي جي حمايت يا مخالفت ڪئي، جنهن هن اصطلاح کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو. وينزويلا جي حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته اتي رجيم چينج آپريشن جو خطرو سڀني کي نظر اچي رهيو هو، پر وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو کي اهو خطرو نظر نه آيو. هن پنهنجي ملڪ جي نوبل انعام يافته مخالف اڳواڻ ماريا ڪورينا مچادو تي پرڏيهي سفر جي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي، پر ڊسمبر 2025ع ۾ ماريا سمنڊ جي رستي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. هن ڊرامائي فرار جو مطلب اهو هو ته هاڻي صدر مادورو لاءِ خطرو وڌي ويو آهي، پر هو ضرورت کان وڌيڪ اعتماد جو شڪار رهيو.
هاڻي ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته آمريڪا اهڙو ئي هڪ ٻيو آپريشن ايران ۾ به ڪرڻ چاهي ٿو. ڪجهه اطلاعن مطابق آمريڪا اهڙي قسم جو منصوبو افغانستان لاءِ به تيار ڪري رکيو آهي، پر اهو آپريشن ايران ۾ ڪاميابي کان پوءِ ٿيندو. ماهرن موجب ايران ۾ ڪاميابي جا امڪان پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. ايئن ڇو آهي، اهو به سڀ ڄاڻن ٿا، ڇو ته اسرائيلي جارحيت کان پوءِ ڪيترائي ملڪ ايڪسپوز ٿي چڪا آهن. روس ۽ چين هن صورتحال ۾ خاموش نه رهندا ۽ دنيا هڪ وڏي جنگ جي خطري سان منهن ڏيندي.
پاڪستان لاءِ تيزي سان بدلجندڙ عالمي سياست ۾ هڪ ئي وقت آمريڪا ۽ چين کي خوش رکڻ تمام ڏکيو ٿيندو. وينزويلا ۾ رجيم چينج کان پوءِ تيل جا ذخيرا آمريڪي آئل ڪمپنين جي پهچ ۾ اچي چڪا آهن. اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته آمريڪا اهڙي قسم جا رجيم چينج آپريشن پاڪستان ۾ به ڪيا آهن، البت انهن جو طريقو ٿورو مختلف رهيو آهي. مثال طور، آمريڪا پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي ڳجهي آپريشن ذريعي منظر تان هٽايو. جڏهن ته ون مين ون ووٽ وسيلي اقتدار ۾ آيل ٻئي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي کلي عام جنرل ضياءُ الحق ذريعي اقتدار کان هٽايو ويو. لياقت علي خان جي قتل بابت آمريڪا پاڻ پنهنجا دستاويز پڌرا ڪيا. آمريڪي سيڪريٽري خارجا هينري ڪسنجر ذوالفقار علي ڀٽو بابت ڌمڪي آميز خط جو ڪتابي اعتراف ڪيو.
مولانا فضل الرحمن ڪجهه عرصو اڳ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو هو ته جنرل باجوه اسان کي گهرايو ۽ عمران خان جي حڪومت خلاف رجيم چينج تي مجبور ڪيو. اهو به مڃڻو پوندو ته اڄ دنيا جو بادشاهه آمريڪا آهي، جيڪو ٿورن ملڪن کانسواءِ جتي چاهي پنهنجن ماڻهن کي اقتدار ۾ آڻي ٿو ۽ پوءِ اتي موجود قدرتي وسيلن سميت تيل جي ذخيرن تي به ان جو قبضو هوندو آهي. هن وقت اسان جي خطي کي خودمختياري بابت هڪ کان پوءِ ٻيا چيلنج درپيش آهن. ايشيا ۾ تڪرارن جو سلسلو هلي پيو آهي ٿائيلينڊ-ڪمبوڊيا جنگ، بنگلاديش-ڀارت ڇڪتاڻ، پاڪ-افغان جهڙپون ۽ هاڻي ٻه برادر رياستون ڪنهن ٽئين هنڌ هڪ ٻئي آمهون سامهون آهن. ايران ۽ آمريڪا جي ڇڪتاڻ خدا نه ڪري ڪنهن جنگ ۾ تبديل ٿئي، پر حالتون ٻڌائن ٿيون ته پاڪستان جي دروازن وٽ نئين جنگ لاءِ صف بندي ۽ زمين جي گرمي آخري حدن کي ڇهي رهي آهي.
اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان اندر سياسي ۽ عوامي عدم استحڪام ڪنهن کان لڪل ناهي. جڏهن ته شهباز شريف سرڪار هر روز پي ٽي آءِ سان ڳالهين تي زور ڏئي رهي آهي، جنهن کي پنج وڏن جي ڊائلاگ جو نالو ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن انهن مان سڀ کان وڏي اسٽيڪ هولڊر کي راضي ڪري ملڪ ۾ سياسي استحڪام آندو وڃي ته بهتر، نه ته هوشيار رهڻ گهرجي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا ڪنهن جو دوست ناهي، اهو بدمعاش آهي ۽ بدمعاش پنهنجي طاقت جي تسلسل کي برقرار رکڻ چاهي ٿو. ان لاءِ اهو ضروري ناهي ته گهِي ٽيڙي آڱر سان نڪري يا سڌي سان، اهم ڳالهه اها آهي ته ان جي بدمعاشي قائم رهي.
ان ڪري پاڪستان لاءِ اڳتي ڪيترائي چيلنج آهن. هڪ پاسي غزه ۾ فوج موڪلڻ بابت عوامي دٻاءُ آهي ۽ ٻئي پاسي آمريڪا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته موجوده فيصلا ڪندڙ قوتون ڪنهن کي ناراض ڪن ٿيون ۽ ڪنهن کي ساڻ کڻي هلن ٿيون. ٻئي پاسي ايران خلاف رجيم چينج آپريشن ۾ به پاڪستان انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان کي اهڙي ڪنهن به ايڊونچر کان پري رهڻ گهرجي، جيڪو ملڪ ۾ نفرتن جي باهه ڀڙڪائي. جيڪڏهن پاڪستان ٽرمپ جي ايڊونچرز جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ٿو ته پاڪستان خلاف نيون سازشون به شروع ٿي سگهن ٿيون.
انهيءَ لاءِ پاڪستان کي پنهنجي اندروني استحڪام تي ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. ملڪ ۾ سياسي نفرتون ۽ ورهاست خطري جون سڀ حدون پار ڪري چڪيون آهن ۽ حڪومت جي مخالفن مان ڪنهن لاءِ به ڪنهن ماريا ڪورينا مچادو کي ڳولڻ ڏکيو نه هوندو. اهڙين حالتن ۾ رانا ثناءُ الله پاڪستان جي پنجن وڏن ۾ اعتماد سازي لاءِ قدم کڻڻ جي تجويز ڏني آهي. سندس چوڻ آهي ته صدر زرداري هن تجويز جا حامي آهن، پر ڪجهه اطلاعن مطابق اهڙو ناهي. چيو وڃي ٿو ته صدر زرداري في الحال عمران خان سان مفاهمت لاءِ تيار ناهي ۽ خود عمران خان به صدر ۽ وزيراعظم سان مفاهمت تي راضي ناهي. پر جيڪو به هجي، حڪمرانن کي هوشيار رهڻ گهرجي ۽ پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي، نه ته رجيم چينج ساڻن به ٿي سگهي ٿي، ڇو ته هو مسئلن جي دٻڻ ۾ بري طرح ڦاٿل آهن.
پاڪستان لاءِ اڳتي ڪيترائي چيلنج آهن. هڪ پاسي غزه ۾ فوج موڪلڻ بابت عوامي دٻاءُ آهي ۽ ٻئي پاسي آمريڪا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته موجوده فيصلا ڪندڙ قوتون ڪنهن کي ناراض ڪن ٿيون ۽ ڪنهن کي ساڻ کڻي هلن ٿيون. ٻئي پاسي ايران خلاف رجيم چينج آپريشن ۾ به پاڪستان انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان کي اهڙي ڪنهن به ايڊونچر کان پري رهڻ گهرجي، جيڪو ملڪ ۾ نفرتن جي باهه ڀڙڪائي. جيڪڏهن پاڪستان ٽرمپ جي ايڊونچرز جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ٿو ته پاڪستان خلاف نيون سازشون به شروع ٿي سگهن ٿيون.