سنڌ جي تعليمي پاليسي تي اٿندڙ ڪجهه سوال

تحرير: اعجاز ممنائي

جنوري جي پهرئين ڏهاڪي کان سنڌ ۾ سردي ۽ ڪوهيڙي ۾ شديد اضافو ٿي ويو آهي جنهن سبب ماڻهو مختلف بيمارين جهڙوڪ نزلي زڪام فلو ۽ بخار ۾ وٺجي ويا آهن۔ مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن۔ ڇوته ڌنڌ ايترو شديد آهي جو ماڻهو ڪو ڪم ڪار به نه ٿا ڪري سگهن۔ سياري ۾ سرديءَ جي هن پهرين لهر ماڻهن کي منجهائي وڌو آهي صبح جو لهندڙ ڪوهيڙو منجهند تائين جاري رهي ٿو جنهنڪري معصوم ٻار اسڪول وڃڻ کان به قاصر آهن۔

 موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ هلندڙ سرديءَ جي لهر ۾ 15جنوري کان گهٽتائي اچڻ جا امڪان آهن پر ان کان وڌيڪ ۽ سخت سرديءَ جو سسٽم 20جنوري کانپوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو چيو پيو وڃي جنهن سان ڪيترن ئي علائقن ۾ سرديءَ جا نوان رڪارڊ قائم ٿيندا۔ مطلب ته سنڌ صوبي ۾ جنوري مھيني دؤران سخت سرديءَ جي لهر ۽ ڪوهيڙي سبب زندگيءَ جو ڪاروهنوار مفلوج بڻجي ويو، ماڻھو گھرن تائين محدود اسڪولن ۾ حاضري گھٽ هئڻ سبب تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي اسڪولي شاگردن کي اسڪول پھچڻ ۾ سخت ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، پر اسان وٽ انگريزن جي دور کان هلندڙ قانون سبب تعليم کاتو اسڪولن جون موڪلون هرحال ۾ ڊسمبر ۾ ڪرڻ جو پابند آهي جيڪڏهن جنوري ۾ موڪلون ڪندو ته ڪهڙو فرق پوندو؟

تعليم کاتي هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي اسڪول ٽائيم صبح جو 8 وڳي کان وڌائي 9 وڳي ڪيو ويو۔ جڏهن ته سردي جي شدت منجهند 2 وڳي تائين جاري رهي ٿي وزير اعليٰ سنڌ صوبائي وزير تعليم ۽ ضلعي حڪومت کي سخت سرديءَ کي نظر رکندي اهڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن جيڪي شاگردن والدين ۽استادن لاءِ لاڀائتا هجن۔ باقي هڪ ڪلاڪ جي تبديلي سان نه اسڪولن ۾ حاضري پوري ٿيندي ۽ نه ئي تعليمي معيار وڌندو۔ موسمياتي تبديليءَ سبب ٿيل تباھ ڪارين ۽ سرديءَ گرميءَ جي خطرناڪ لهر توڙي ايندڙ وقت ۾ ان ۾ يقيني واڌ سبب ماحولياتي تبديليءَ بابت جاڳرتا وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سرڪار کي سنجيدگي اختيار ڪرڻي پوندي ۽ اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ ڪلائيميٽ چينج ايجوڪيشن وسيلي موسمياتي تبديلن جي اثرن بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻي پوندي.

خدارا سنڌ جي مستقبل جي معمارن تي ڪجهه رحم ڪريو۔ وزير تعليم پنجاب سخت سردي جي ڪري 19 جنوري تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو پر وزير تعليم سنڌ هڪ ڪلاڪ جي مهلت ڏيئي عقلمندي جون سمورون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري سنڌ جي شاگردن والدين توڙي استادن ۾ بيچيني پکڙجي ويئي آهي ته سنڌ سرڪار نه سردي جو خيال ٿي ڪري ۽ نه گرمي کان بچڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي ٿي ٺاهي۔ هن وقت اسڪولن اندر شاگردن جي حاضري انتهائي گهٽ، لڳ ڀڳ صرف ٻه سيڪڙو رهجي وئي آهي. اهڙي حالت ۾ نه رڳو تدريسي عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي، پر شاگردن جو ذهني ۽ جسماني تحفظ به سوال بڻيل آهي. استاد ڪلاس روم ۾ موجود آهن، نصاب به موجود آهي، پر شاگردن کان خالي ڪلاس روم تعليم جي جنازي جو منظر پيش ڪري رهيا آهن.هي ڪو پهريون سال ناهي، هر سال ساڳي غلطي ورجائي وڃي ٿي. فيصلا موسم، علائقي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکڻ بجاءِ فائيلن ۽ هيٽر وارن ڪمرن ۾ ويهي ڪيا وڃن ٿا. پوءِ جڏهن نتيجا سامهون اچن ٿا ته سڄو الزام استادن مٿان مڙهيو وڃي ٿو هن وقت اڌ سنڌ ۾ اسڪولن جون عمارتون زبون بڻيل آهن ۽ معصوم ٻار منهَن ۽ کلئي آسمان هيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور آهن۔ هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن پاليسيون غير حقيقي، غير سائنسي ۽ عوامي مفاد کان ڪٽيل هجن، جيڪڏهن موسم جي سختين کي نظرانداز ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن شاگردن جي حاضري عملي طور ناممڪن بڻائي وڃي، ته پوءِ تعليم کي تباھ ڪرڻ جو ذميوار استاد ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اصل ۾ تعليم کي نقصان استاد نٿا پهچائين،بلڪه حڪمرانن ۽ بيوروڪريٽ جون غلط ۽ بي وقت پاليسين سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي

 موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ هلندڙ سرديءَ جي لهر ۾ 15جنوري کان گهٽتائي اچڻ جا امڪان آهن پر ان کان وڌيڪ ۽ سخت سرديءَ جو سسٽم 20جنوري کانپوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو چيو پيو وڃي جنهن سان ڪيترن ئي علائقن ۾ سرديءَ جا نوان رڪارڊ قائم ٿيندا۔ مطلب ته سنڌ صوبي ۾ جنوري مھيني دؤران سخت سرديءَ جي لهر ۽ ڪوهيڙي سبب زندگيءَ جو ڪاروهنوار مفلوج بڻجي ويو، ماڻھو گھرن تائين محدود اسڪولن ۾ حاضري گھٽ هئڻ سبب تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي اسڪولي شاگردن کي اسڪول پھچڻ ۾ سخت ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، پر اسان وٽ انگريزن جي دور کان هلندڙ قانون سبب تعليم کاتو اسڪولن جون موڪلون هرحال ۾ ڊسمبر ۾ ڪرڻ جو پابند آهي جيڪڏهن جنوري ۾ موڪلون ڪندو ته ڪهڙو فرق پوندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.