اڪبر ايس مڱريو جي شخصيت ۽ سندس ڪتاب ”سنڌڙي جي سونهن“

تحرير: عبدالغني شر

تاريخ سهيڙي لکڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ عام ماڻهوءَ جي وس جي ڳالھه ناھي ھوندي، پر ڪي غير معمولي ۽ کاهوڙي ڪردار ئي ھوندا آھن، جيڪي اھڙي مشڪل ڪم کي شوق سان ڪندا آھن. انھن لاءِ گرمي، سردي، رُڃ، اُڃ، بُک، اوکا لنگهه، گس، اونها گهيڙ، ڪچا يا پٿريلا رستا ڪا معنيٰ نٿا رکن، بس منزل ئي محبوب ھوندي آھي. اڪبر ايس مڱريو، جنهن جي زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌ جي تاريخ کي پڙھڻ ۽ انھن ماڳن مڪانن، ڍنڍن ڍورن تي وڃي جامع معلومات حاصل ڪري لکڻ ۾ گذريو آھي. پاڻ انهن واهڻ وستين، اوکن پيچرن تي پنڌ ڪيو آھي. جنهن ۾ سهڻي سنڌ جو خوبصورت ماضي مدفون ٿيل آھي!  پُراڻ جي پٽن کان وٺي لاڙ جي تقريبن سمورن تاريخي ماڳن، ڀُريل ڀِڙن، لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن، درويشن، اوئلي دور جي عبادتگاهن، ڍنڍن، ڍورن، بچاءَ بندن، برساتي پاڻي جي قدرتي وهڪرن، پتڻن، ماضي جي مشھور بهادر عورتن ۽ حر تحريڪ سان منسوب تاريخي ماڳن مڪانن تان ڪيئي ڀيرا ڀڃيا آھن ۽ انھن کي پنھنجي مشاهداتي اک سان وقفي سان وري وري ڏٺو آھي.

لاهوتين سان لاهوتي ٿي لاهوت جا سفر ڪيا، ته وري ڪراچي کان ڪيچ مڪران ۽ موکيءَ جي ماڳن جو به مشاھدو ڪيو،  ڀنڀور، ڪيٽي بندر کارو ڇاڻ، ڊيلٽا جو علائقو جتي مهراڻ جي موجن جو سمنڊ سان سينو سائڻ جھڙو منظر به اکين سان ڏٺو.  اڇڙي ٿر جي اوليائن، تاريخي ماڳن، ڍنڍن، ڊيهن. تڙن سان منسوب ٿيل ڳوٺن جي طبعي جاگرافيائي حدن جي ورهاست ۽ اتي جي روايتي رهڻي ڪهڻي جو تمام گهرو مشاهدو ڪيو آھي.  اڪبر  ايس مڱريو ورهين جي پنڌ ۾ ٿڪجي نٿو، هو اڄ به ساڳئي تسلسل سان هلندو ٿو رھي، پنھنجي سُنگ جي ساٿين سان مهيني ٻن جي وقفي کانپوءِ سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ماڳ، مڪان يا  علائقي ڏانهن مطالعاتي دورو ضرور ڪندو آھي.اڪبر ايس مڱريي جو ”سنڌڙي جي سونهن“  نالي هي ٽيون ڪتاب آھي، جنھن ۾ سنڌڙي تعلقي جي انهن ماڳن جو تذڪرو ٿيل آھي، جنهن تي اڳ ۾ مشڪل سان ڪا معمولي تحقيق ٿيل هوندي. جئين ورهاڱي کانپوءِ سکن جي نالن سان منسوب ڳوٺ هڪ  لالا دتارام جيڪو ڳوٺ ھن وقت لالي پنجاپي جي نانءُ سان آباد آھي، ٻيو بيان سنگھه جو ڳوٺ آھي جيڪو اڄ به ساڳئي نانءُ سان آباد آھي، ٽيون سک عورت جي نالي سان ڳوٺ ڌني سکڻ جو آھي،  چوٿون ڳوٺ ديهھ 70 وڏي ڀڙي ، پنجون ڳوٺ ديھه 70 ننڍي ڀڙي ۾، ڇهون ڳوٺ منشي سک جي نالي سان آھن. انهن ڳوٺن مان ڪجهه ڳوٺن جا نالا وقت سان گڏ تبديل ٿيا آھن، باقي ڳوٺ پنهنجي اصلي نالن سان آباد آھن. انهن سڀني ڳوٺن ۾ تمام اونهان کوهه هوندا هئا کاڻي مڱريو، پنگو خاصخيلي، پير جو ڳوٺ، پنهل  مري ۽ هنڱورني ۾ به مشھور مٺي پاڻي جا کوھ هئا. هنڱورني کان اتر طرف ديهه جيائو ۾ جيائو جي نالي سان مشھور کوهه هو. .

”سنڌڙي جي سونهن“ ڪتاب ۾ ماضي توڙي حال جي سگهڙن، شاعرن، فنڪارن، اديبن جي معلومات ڏنل آھي. ديهھ ڪهروڙي چراگاھ جي مشھور لوڪ ڪهاڻي جا ڪردار  صابل ۽ بهرام جو مڪمل احوال لکيل آھي، انهن جون آخري آرامگاهون  ڪٿي آھن؟  بهرام ڪير ۽ ڪٿان جو ھو؟ ۽ ڪهڙي قبرستان ۾ دفن آهي؟ ڪهروڙي چراگاھ ۾ ڪيئن  ميلاپ ٿيو؟  ۽  هاڪڙي جي بچاءُ بند جي معلومات به ڏنل آھي. ڳوٺ اسماعيل ڪنڀار جي لائبريري ۾ ڪهڙن موضوعن تي ڪيترا ڪتاب هئا،   گهڻن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪئي، ان کانسواءِ ڪتابن جي لسٽ به موجود آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.