اسلام آباد (منصور علي خان) گذريل ڪجهه ڏينهن دوران خبرون سامهون آيون، جن مان هڪ خبر محمد مالڪ پنهنجي پروگرام ۾ ڏني ته حڪومت کي پنج کان ڇهه مهينا وقت ڏنو ويو آهي ۽ جيڪڏهن معاشي طور محسوس ڪيو ويو ته معاملا درست نٿا هلن ته تبديليون آڻي سگهجن ٿيون. ان کانپوءِ شڪي صورتحال پيدا ٿي وئي ته ڇا ڪجهه وڏو ٿيڻ وارو آهي؟ ان حوالي سان مختلف ذريعن کان تصديق ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ٻن قسم جا ذريعا هئا، هڪ حڪومتي ۽ ٻيا عسڪري ذريعا. سڀ کان پهرين عسڪري ذريعن بلڪل واضح طور ٻڌايو ويو ته اهڙي ڪا به صورتحال ناهي، نه ڪا ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي ۽ نه ئي موجوده حڪومت بابت ڪي خدشا آهن. عسڪري ذريعن موجب معاملا بلڪل ٺيڪ آهن. ان کان پوءِ حڪومتي ذريعن کان به پڇا ڪئي وئي، جتان به اهو ئي چيو ويو ته ڪو به سنجيده مسئلو ناهي ۽ رابطا ۽ ڪوآرڊينيشن صحيح نموني هلي رهي آهي. ٽن مختلف ذريعن، هڪ حڪومتي ۽ ٻن عسڪري، واضح طور تي ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته حڪومت کي ڪا ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي يا ڪو غيرمعمولي بحران موجود آهي.