نواز شريف ايترو ئي محب وطن آهي جيترو ڪو ٻيو، عوامي حقن تي سوديبازي نه ٿيندي: اچڪزئي

لاهور (م ڊ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي صدر محمود خان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته اسان ايترا سادا به نه آهيون جو راز اوهان کي ٻڌائي ڇڏيون، اوهان سان هڪ واعدو آهي ته پاڪستان جي قيمت تي ڪڏهن به سودو نه ڪنداسين. لاهور پريس ڪلب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هو آئين جي بحالي لاءِ سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ ويندا، نواز شريف ايترو ئي محب وطن آهي جيترو ڪو ٻيو شخص هجي. ننڍن ماڻهن آڏو وڏا بحران آهن، ملڪ ۾ اهڙا 10 ماڻهو به ناهن جيڪي بحران جو حل ڪڍن. هن چيو ته 8 فيبروري تي سڀني کي نڪرڻو آهي، ڪنهن کي منٿون ڪرڻ نه آيا آهيون، گڏيل سمجهه سان ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو، هن وقت بحران ٻاهريون نه اندريون آهي، جعلي طريقي سان ڪجهه ماڻهن کي وڏو بڻايو ويو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ننڍا صوبا سينيٽ ۾ ووٽ نه وجهن ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم منظور نٿي ٿي سگهي، سنڌ سميت سڀني صوبن ۾ آئين جي بحالي، آزادين لاءِ وينداسين. راجا ناصر عباس  چيو ته پارليامينٽ کي بي اثر ۽ عدليا کي ڪمزور ڪيو ويو، ماڻهن پنهنجي حقن لاءِ پاڻ بيٺا ته حالتون خراب ٿي وينديون. مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته موجوده حالتن مان نڪرڻ لاءِ آئين تي عمل ئي واحد رستو هوندو. ان کان اڳ حقوق خلق پارٽي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. سيڪريٽري جنرل عمار علي جان چيو ته8 فيبروري لاءِ پنجاب جي عوام کي منظم ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.