ڪراچي (رپورٽر) ڊولپمينٽ پروجيڪٽس ۾ ميگا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، نيب ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کان 5 سالن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، بلديا عظيميٰ ڪراچي (ڪي ايم سي) جي ڊولپمينٽ پراجيڪٽس ۾ ميگا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيڻ بعد نيب ڪراچي ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب کان گذريل پنجن سالن جا پراجيڪٽس جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، نيب جي خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪي ايم سي جي ڊولپمينٽ پروجيڪٽس ۾ ميگا ڪرپشن بابت شڪايتون مليون آهن، خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته 2020 کان 2025 تائين مڪمل ڪيل يا جاري ڪم وارن پراجيڪٽس جا تفصيل ڏنا وڃن، خط ۾ چيو ويو آهي ته نيب آرڊيننس جي سيڪشن 27 تحت تفصيل 15 جنوري کان اڳ نيب ڪراچي کي مهيا ڪيا وڃن.