سنڌ حڪومت جو ڪرپشن جي شڪايتن تي کاتن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ مختلف وڏن کاتن خلاف مليل ڪرپشن جي شڪايتن تي سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو، چيئرمين  اينٽي ڪرپشن سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ ڊي جي اينٽي ڪرپشن امتياز علي ابڙو شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ ۽ مختلف کاتن خلاف مليل ڪرپشن جي شڪايتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته شڪايتن تي سخت ۽ فوري ڪارروائي جي منظوري ڏيندي اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين جنوري کان 31 ڊسمبر 2025 تائين اينٽي ڪرپشن جي ڪميٽي ون، ٽو ۽ ٿري جا مجموعي طور 28 اجلاس ٿيا، جن ۾ 536 ڪيس ۽ 328 اوپن انڪوائريون شامل هيون، انهن اجلاسن دوران 23 ري-انڪوائريون، 15 ڪيس بند، 103 ڪيس لاڳاپيل کاتن ڏانهن موڪلڻ، 43 ڪيس ملتوي ۽ 24 ايف آءِ آرز جي منظوري ڏني وئي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن امتياز علي ابڙو ٻڌايو ته سنڌ ۾ 22 مختلف کاتن خلاف مجموعي طور 13 هزار 603 ڪرپشن جون شڪايتون مليون، انهن ۾ ايس بي سي اي خلاف 1022، ڪي ڊي اي خلاف 408، بلديات خلاف 1623، روينيوخلاف 2598، تعليم کاتي خلاف 841، پوليس کاتي  خلاف1211، ورڪس اينڊ سروسزخلاف 736، صحت خلاف 595، پبلڪ هيلٿ خلاف 344، فوڊ کاتي خلاف 255، فاريسٽ خلاف 216 ۽ آبپاشي کاتي خلاف 619 شڪايتون شامل آهن، اينٽي ڪرپشن کاتي واري وزير سردار محمد بخش مهر هدايت ڪئي ته مختلف کاتن جي آفيسرن خلاف مليل ڪرپشن جي شڪايتن تي فوري ۽ بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي، عوام جو اعتماد بحال رکڻ هر آفيسر جي اولين ذميواري آهي ۽ هر ڪيس ۾ بنا رڪاوٽ ۽ شفاف طريقي سان ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.