اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو خيبر پختونخواهه جي عوام جي مسئلن کان مڪمل طور تي واقف آهي ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي دائري اختيار ۾ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن اها ڳالهه خيبر پختونخواهه جي عوامي نمائندن سان ملاقات دوران چئي. وزيراعظم چيو ته عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ وفاقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ خيبر پختونخواهه ۾ جاري وفاقي ترقياتي منصوبن جي بروقت مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي، سهولتن ۽ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ نمائندن وزيراعظم کي صوبي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو.