شهري حالتون بهتر ٿيڻ تائين ايران وڃڻ کان پاسو ڪن: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزارت پاڪستاني شهرين کي چيو آهي ته هو پنهنجي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ صورتحال بهتر ٿيڻ تائين ايران جو غير ضروري سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل ٽريول ايڊوائزري موجب، ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي انتهائي احتياط ڪرڻ  ۽ محتاط رهڻ لاءِ چيو ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غير ضروري حرڪت کي گهٽ ۾ گهٽ ڪيو وڃي ۽ انهن کي پاڪستاني سفارتي مشنن سان باقاعده رابطي ۾ رهڻ گهرجي. ٻئي طرف، ايران ۾ تازي صورتحال ۾، پاڪستاني سفارتخاني شهرين جي سهولت لاءِ هڪ ڪرائسز مئنيجمينٽ يونٽ قائم ڪيو آهي. تهران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو جو چوڻ آهي ته پاڪستاني شهرين سان مدد لاءِ 24 ڪلاڪ رابطو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ٽن آفيسرن جا فون نمبر ۽ لينڊ لائن نمبر پڻ فراهم ڪيا ويا آهن. رابطي جا نمبر: فرحان علي: 00989107648298، فيضان: 00989906824496، ڪشف علي: 00989938983309، ڪرائسس مئنيجمينٽ يونٽ جا لينڊ لائن نمبر هن ريت آهن: 00982166941388، 00982166944888.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.