ڪيلاش جو قاتل سرفراز نظاماڻي ۽ سندس سهولتڪار گرفتار

بدين/ حيدرآباد (عوامي آواز رپورٽ) سنڌ ۾ بااثر جي گرفتاري لاءِ هلندڙ جدوجهد رنگ لاتو، بدين پوليس هاري ڪيلاش جي قاتل سرفراز نظاماڻي ۽ سندس سهولتڪار جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، پيرو لاشاري ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ بااثر سرفراز نظاماڻي پاران جهوپڙي ٺاهڻ ان نوجوان ڪيلاش ڪولهي کي قتل ڪيو ويو، نوجوان ڪيلاش جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ بدين ۾ ٻن ڏينهن تائين ڌرڻو هنيو ويو، ايس ايس پي طرفان هفتي جي مهلت گهري ڌرڻو ختم ڪيو  ويو، پهريان چيو ويو ته جوابدار کي پنجاب مان گرفتار ڪيو ويو آهي، هاڻ بدين پوليس پڌرائي جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته نوجوان ڪيلاش ڪولهي جي قتل ۾ ملوث بااثر وڏيري سرفراز نظاماڻي ۽ سندس سهولتڪار دوست ظفر الله خان کي حيدرآباد جي علائقي فتح چوڪ ويجهو گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس عملدارن موجب سر فراز نظاماڻي ۽ سندس سهولتڪار ظفرالله خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعو 4 جنوري 2026 تي ڳوٺ ڊاھو ڪولهي ۾ پيش آيو، جتي اعجاز نظاماني جي زرعي زمين تي رهائش لاءِ جهوپڙي ٺاهڻ تان نوجوان ڪيلاش کي بااثر سرفراز نظاماني گوليون هڻي قتل ڪيو هو، پوليس موجب ظفرالله خان قاتل وڏيري کي سوزوڪي ۾ کڻي مختلف هنڌن تي لڪائڻ ۾ مدد ڪري رهيو هو، ڪار پڻ برآمد ڪئي وئي آهي.

ڪيلاش کان وٺي نادر جمالي جي قتل تائين سنڌ مقتل گاهه بڻيل آهي:اسدالله ڀٽو

ڪراچي/حيدرآباد (پ ر) جماعت اسلامي جي سينئر اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آھي ته اڄ جي سياست پنھنجي قوم ۽ وطن جي خدمت بدران ڪرپشن انا ۽ مفاد پرستيءَ جي ورچڙھي وئي آھي جنھن جي ڪري بھتري جي ڪا اميد نظر نٿي اچي، حڪمرانن حڪومت ۽ جمھوريت  کي ھٿ جي لٺ ۽ کيسي جي گھڙي بڻائي ڇڏيو آھي، بدامني ڪرپشن ڌاڙيل راڄ توڙي قبيلائي جھيڙن ذريعي سنڌ جي امن محبت مھمان نوازي ۽ ڀائيچاري واري سڃاڻپ کي ميساريو پيو وڃي جيڪو سنڌ توڙي سنڌ واسين خلاف وڏي سازش آھي. عوام کي مدي خارج نظام توڙي ان جي ڇاڙتن خلاف نڪري پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اھڙن خيالن جو اظهار ھن سخي ڏاتار چولياڻي ھائوس پھچي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو سان ملاقات ۽ امڙجي وفات تي تعزيت بعد ڳالھائندي ڪيو، مولانا اسدالله ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌ تي وڏي عرصي کان ۽ گذريل 17سالن کان لاڳيتو پ پ جي حڪومت آھي پر سنڌ ساڳي سورن ۾ آھي، ڪيلاش ڪولھي کان وٺي نادر جمالي جي بيدردي سان قتل تائين سنڌ مقتل گاهه بڻيل آهي. ان انڌيري نگري خلاف عوام سراپا احتجاج ۽ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي، جيڪا بي حسي جي انتها آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.