ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران ٻه ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب صبح جي وقت سرجاڻي ٽائون پوليس سرجاڻي سيڪٽر 14 ناردرن باءِ پاس ڀرسان ڪارروائي ڪئي، مقابلي دوران ٻه ڦورو مارجي ويا، مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙ ڦورن کي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ عرفان ولد رحيم بخش ۽ صفدر ولد شوڪت طور ڪئي وئي، زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ دلاور ولد عبدالله ۽ سهيل ولد فدا حسين شامل آهن، جڏهن ته پنجين گرفتار جوابدار پنهنجو نالو حمزه ولد مهتاب ٻڌايو، پوليس موجب مارجي ويل ۽ گرفتار جوابدارن وٽان چار پسٽل گولين سميت، پنج ڦريل قيمتي موبائل فون، نقد رقم ۽ ٻه موٽرسائيڪلون برآمد ڪيون ويون، ٻئي پاسي سعيد آباد واري علائقي بلديه گلشن مزدور ۾ هڪ ڦورو شهرين جي هٿ اچي ويو، شهريَن ڦورو کي تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ پوليس حوالي ڪيو، شهريَن جي تشدد سبب زخمي ٿيندڙ جوابدار کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 24 ورهين جي افضل ولد اصغر طور ٿي آهي.