ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ سبب نوجوان مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ ڦورن جي فائرنگ سبب هڪ نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، نوجوان ڦورن کي فرار ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش دوران ڦورن جي فائرنگ جو نشانو بڻجي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورنگي جي الفلاح ٿاڻي جي حد، شمسي سوسائٽي ۽ البدر سوسائٽي  واري علائقي ۾ فرار ٿيندڙ ڦورن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪيو. مقتول جي لاش کي فوري طور ڇيپا ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 25 ورهين جي محمد شعيب ولد محمد اسلم طور ڪئي وئي، واقعي جي اطلاع تي الفلاح پوليس موقعي تي پهتي ۽ پوليس واقعي واري هنڌ تان ٻه گولين جا خول سميت اهم ثبوت گڏ ڪيا، ايس ايڇ او الفلاح رائو عمير موجب مقتول نوجوان محمد شعيب جي پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۽ ڊسپوزيبل شين جي دڪان هئي، نوجوان صبح سوير دڪان کولڻ ۾ مصروف هو ته ان دوران موٽرسائيڪل تي سوار ٻه ڦور اتي پهتا، ڦورن هٿيارن جي زور تي دڪان مان 10 کان 15 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٿورو اڳتي موٽرسائيڪل کڏ ۾ ڪري پئي. ڦورن کي پڪڙڻ لاءِ ويجهي هوٽل تي ويٺل شهري پهتا، ان دوران مقتول نوجوان به پنهنجي دڪان تان ڀڄندو کڏ ۾ ڪري پيل ڦورن کي پڪڙڻ لاءِ پهتو. جهڙپ دوران هڪ ڦورو ماسڪ به لهي ويو، فائرنگ سبب نوجوان شعيب کي ڳلي ۾ گولي لڳي ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هٿياربند ڦور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، مقتول شعيب جي ننڍي ڀاءُ محمد سهيل ٻڌايو ته سندس ڀاءُ وٽ ٻه کان اڍائي لک رپيا موجود هئا، جيڪي هو بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ وڃي رهيو هو، علائقي ۾ پوليس جو گشت نه هجڻ برابر آهي، پوليس اچي پنهنجا خرچ وٺي واپس هلي وڃي ٿي. جيڪڏهن ان ڏينهن علائقي ۾ پوليس موجود هجي ها ته سندس ڀاءُ زنده هجي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.