لاهور (بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته طاقتور طبقو غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ بند ڪري، هن منصوره لاهور ۾ تربيت گاهه جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته طاقتور ماڻهن کي چوان ٿو ته عوام جو رستو بند نه ڪيو، جماعت اسلامي عوامي راءِ جي طاقت سان ملڪ ۾ انقلاب آڻيندي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته رشوت، ظلم ۽ ڪوڙ کي هٿي ڏيندڙ نظام تي ڪجهه ماڻهو قابض آهن، جڏهن ته قابض اشرافيا عوام کي تعليم، صحت ۽ انصاف جهڙن بنيادي حقن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، ڪنهن کي آر ٽي ايس ذريعي آڻڻ ۽ فارم 47 جهڙا طريقا هاڻي ختم ڪيا وڃن، هن چيو ته ملڪ ۾ نوجوان نسل منشيات جو شڪار بڻجي رهي آهي، جنهن لاءِ جماعت اسلامي نوجوانن خاطر زي ڪنيڪٽ پروگرام شروع ڪيو آهي، حڪمران طبقو نئين نسل کان خوفزده آهي، بنگلاديش جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته يحييٰ، شيخ مجيب ۽ ڀٽو ملڪ ٽوڙڻ جا ذميوار هئا، شيخ مجيب جي ڌيءَ جماعت اسلامي بنگلاديش تي وڏا ظلم ڪيا پر اڄ بنگلاديش جي عوام جي وڏي اڪثريت ڀارت کان نفرت ڪري ٿي، جڏهن ته بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي هڪ وڏي طاقت بڻجي اڀري آهي.