اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت هاءِ لاس پاور فيڊرز کي شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ بي ترتيب بجلي جي فراهمي ۽ بجلي جي شعبي ۾ سڌارن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميونٽي ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان خساري ۾ هلندڙ بجلي فيڊرن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اهو قدم نقصانن کي گهٽائيندو ۽ متاثر علائقن ۾ بجلي جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻائيندو. هن پيسڪو ۽ ڪيسڪو جي هاءِ لاس فيڊرز تي فوري طور تي پائلٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته شمسي توانائي ۾ تبديلي ماحول دوست ۽ گهٽ قيمت وارا مائڪرو گرڊ قائم ڪندي. وزيراعظم فوري طور تي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ پائلٽ منصوبن جي منظوري ڏني. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف رمضان المبارڪ لاءِ عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ هڪ اثرائتو ۽ فائديمند رمضان پيڪيج تيار ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي حڪومت جي تجويز ڪيل رمضان پيڪيج ۽ گذريل سال جي پيڪيج جي ٿرڊ پارٽي تصديق تي هڪ جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بااختيار آڊٽ اداري پاران شفافيت بابت رپورٽ کي ساراهيو ويو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال غريب ماڻهن کي سستي اگهن تي کاڌو ۽ شربت فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ شفاف نظام متعارف ڪرايو ويو ۽ يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي هلندڙ بدعنوان نظام کي ختم ڪيو ويو. هن هدايت ڪئي ته ايندڙ رمضان پيڪيج گذريل سال کان وڌيڪ اثرائتو هجي ۽ امدادي فنڊ ڊجيٽل والٽس ذريعي فراهم ڪيا وڃن. وزيراعظم مستحق ماڻهن جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ نگراني لاءِ ڊجيٽل ڊيش بورڊ قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.