پنجاب ۾ شگر سيز لاڳو، کنڊ جي قيمت ۾ 10 رپيا واڌ

لاهور (بيورو) حڪومت پنجاب پاران شوگر سيز لاڳو ڪرڻ کان پوءِ لاھور جي اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت وڌي وئي، پنجاب حڪومت پاران شوگر سيز جي لاڳو  ڪرڻ کان پوءِ لاھور جي اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت 10 رپيا وڌي، جنهن سان هاڻي اها 160 رپيا في ڪلو ٿي وئي، مارڪيٽ ذريعن موجب کنڊ جي قيمت 150 رپيا في ڪلو هجڻ گهربي  هئي، اڪبري منڊي ۾ کنڊ جو 50 ڪلو جو ٿيلهو اضافي قيمت سان 7 هزار 500 رپيا جو ٿي ويو، جڏهن ته کنڊ جو ايڪس مل ريٽ 135 رپيا في ڪلو آهي، ڪريانا مرچنٽ ايسوسيئيشن موجب مارڪيٽ ۾ کنڊ ڪافي مقدار ۾ موجود آهي، واضح رهي ته حڪومت پنجاب هڪ جنوري کان 40 ڪلو کنڊ تي 5 رپيا شوگر سيز نافذ ڪيو آهي، جنهن ۾ 2.5 رپيا شوگر مل ۽ 2.5 رپيا هاري ادا ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.