گذريل سال 7 لک کان وڌيڪ پاڪستاني روزگار جي ڳولا ۾ پرڏيهه روانا

اسلام آباد (بيورو) سال 2025 ۾ 7 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ٻاهرين ملڪ نوڪري لاءِ ويا، جن ۾ 18 هزار 352 اعلي تعليم يافته ماڻهو به شامل آهن، بيورو آف اميگريشن پاران بيرون ملڪ وڃڻ وارن جو ڊيٽا جاري ڪيو ويو، بيورو موجب 2025 ۾ 7 لک 62 هزار 499 پاڪستاني نوڪري لاءِ ٻاهرين ملڪ ويا، جڏهن ته سال 2024 ۾ 7 لک 27 هزار 381  پاڪستاني ٻاهرين ملڪ ويا هئا، دستاويز موجب 2025 ۾ 5 هزار 659 اڪائونٽنٽ، 10 هزار 503 باورچي، 3 هزار 795 ڊاڪٽر، ۽ 5 هزار 946 انجنيئر ٻاهرين ملڪ ويا، ان کان سواءِ 2025 ۾ 1 هزار 640 نرس، 1 هزار 725 استاد، 1 لک 63 هزار 718 ڊرائيور، ۽ 6 هزار 475 اليڪٽريشن ٻارهين ملڪ نوڪري لاءِ ويا، بيورو موجب 4 لک 65 هزار 138 پورهيت، 5 هزار 700 مستري، 12 هزار 703 ٽيڪنيشن، 11 هزار 777  مئنيجر، 2 هزار 306 پلمبر ۽ 2 هزار 27  بيرا پڻ نوڪري لاءِ بيرون ملڪ ويا، دستاويز موجب 2025 ۾ 18 هزار 352 اعلي تعليم يافتا، 13 هزار 657 انتهائي ماهر ۽ 2 لک 22 هزار 171 ماهر ماڻهو ٻاهرين ملڪ ويا، ان کان سواءِ 42 هزار 257 نيم ماهر ۽ 4 لک 66 هزار 62 ڪا مهارت نه رکندڙ ماڻهو ٻاهرين ملڪ نوڪري لاءِ ويا، مخالف ملڪن ۾ روانگي جي تفصيل موجب 5 لک 30 هزار 256 پاڪستاني سعودي عرب، 52 هزار 664 يو اي اي، 68 هزار 376 قطر، 37 هزار 726 بحرين، 6 هزار 590 ڪويت ۽ 39 ڏکڻ ڪوريا ويا، بيورو موجب 2025 ۾ 1 هزار 5 پاڪستاني آمريڪا، 4 هزار 355 برطانيه، 984 جرمني، ۽ 813 اٽلي ۾ نوڪري لاءِ ويا، ان کان سواءِ 2025 ۾ 2 هزار 230 پاڪستاني چين، 2 هزار 210 جاپان ۽ 1 هزار 109 رومينيا ۾ نوڪري لاءِ ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.