اسلام آباد (بيورو) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي نائب صدر علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته ملڪ کي موجوده سياسي ۽ آئيني دلدل مان ڪڍڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سنجيدگي سان ڳالهين جي ميز تي اچڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان وڌيڪ ٽڪراءُ ۽ ڏڦيڙ جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي علامه ناصر عباس چيو ته پاڪستان هن وقت انتهائي خراب ۽ تباهه ڪن حالتن مان گذري رهيو آهي، جنهن مان نڪرڻ جو واحد رستو گڏيل دانش ۽ مڪالمو آهي، ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، اختلاف ضرور آهن، پر انهن اختلافن جي بنياد تي ملڪ کي وڌيڪ نقصان ڏانهن ڌڪڻ نه گهرجي، هن واضح ڪيو ته ”پنج وڏن“ جي گڏ ويهڻ واري تجويز کي محدود دائري ۾ نه ڏسڻ گهرجي، بلڪه ان عمل ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ لازمي آهي، پارليامينٽ اهو واحد فورم آهي جتي کليل بحث ٿيڻ گهرجي ۽ گڏيل فيصلن ذريعي پاڪستان کي بحرانن مان ڪڍڻ جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي، صرف خاص موقعن تي پارليامينٽ ۾ اچي پوءِ هلي وڃڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا، مستقل ۽ سنجيده مڪالمو انتهائي ضروري آهي، هن تحريڪ جو مقصد ٽڪراءُ نه، پر آئيني، قانوني ۽ پُرامن جدوجهد ذريعي عوام جي حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي، اسان جنگ نٿا چاهيون ۽ نه ئي اهو چاهيون ٿا ته خدا نه ڪري ملڪ وڌيڪ تباهي ڏانهن وڃي، علامه ناصر عباس اقتدار ۾ ويٺل قوتن کي وڌيڪ ذميواري جو احساس ڏياريندي چيو ته اصل ذميواري حڪومت تي عائد ٿئي ٿي ته اها برداشت، وسيع نظر ۽ شائستگي سان سياسي عمل کي اڳتي وڌائي، ته جيئن عوام جو اعتماد بحال ٿئي ۽ ماڻهو بغير خوف جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن.