ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر/ عرفان بلوچ ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي ڪراچي پهچي ويو، سنڌ حڪومت پاران سندس آجيان ڪئي وئي آهي. سهيل آفريدي پاران آچر تي ڪراچي جي تاريخ جي وڏي جلسي جو اعلان ڪيو آهي. ڪي پي وڏو وزير سهيل آفريدي سنڌ جي دوري تي ڪراچي پهتو، جتي سندس آجيان لاءِ سوين ڪارڪن پهچي ويا، رش سبب بدنظمي به ٿي. سهيل آفريدي ڪراچي پريس ڪلب پهتو. پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو.ڪراچي جي عوام پاران ڀرپور استقبال ڪيو ويو ان ڪري 6 ڪلاڪ لڳي ويا ايئرپورٽ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ايندي.هتي اچڻ جو مقصد آهي ته عمران جي پيغام مطابق اسٽريٽ موومينٽ ڪئي وڃي.پنجاب جي حڪومت جي حڪومت جو رويو بلڪل به سٺو نه لڳو اسان جتي ويندا هئا سين، اتي بازارون بند ڪيون وينديون هيون.هتي پنهنجي دوستن سان ملندس،سنڌ حڪومت دعوت ڏني هئي ته اچو ۽ جلسي جي به اجازت واري ڳالهه ڪئي وئي هئي. لکت ۾ جلسي جي اجازت ناهي ملي جڏهن ته اسان سڀئي گهرجون پوريون ڪيون آهن. جناح گرائونڊ ۾ 4 بجي آچر ڏينهن تي جلسو ڪرڻ وڃون پيا اهو ڪراچي جو تاريخي جلسو هوندو. هن چيو ته عمران خان بشرا بيبي ناحق قيد ۾ آهن هر حتي عمران جي ڀيڻ اڊيالا جيل وينديون آهن ملڻ لاء ته انهن کي ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي. ڀيڻن سان ڪڏهن ملاقات ڪرڻ ڏيندا آهن ڪڏهن نه منهنجو ليڊر ملڪ جو سڀني کان وڌيڪ مقبول ليڊر آهي. عوام جي مينڊيٽ جي ڌاڙو هنيو ويو هو اڃا به اهو ڌاڙو جاري آهي.صحافين سان به سٺو سلوڪ نه ڪيو ويو شهيد ارشد شريف کي به ماريو ويو ڪيترائي صحافي آهن جن برو سلوڪ ٿيو .هتي آيو آهيان ته ڪجه سٺو ڏسڻ لاء مليو آهي.صحافين کان بغير اسانجو گذارو ناهي صحافي اسان لاء اسان صحافين لاء بيهندا آهيون. سنڌ ۾ هن وقت تائين شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت نظر اچي پئي.اڳتي ڏسون ته صدر آصف علي زرداري جي حڪومت اسان سان ڇا ٿي ڪري.ڪي پي ڪي جي تاريخ رهي آهي ته ٻيون موقعو حڪومت لاء ڪنهن کي ناهن ڏيندا پر الحمدللہ اسان جي حڪومت ٽيون ڀيرو به جاري آهي ڇو ته اتان جي عوام مطمئن آهي.آپريشن جي حوالي سان اسان سياسي سماجي تنظيمن سان مشورو ڪيو اتي اهو طعي ٿيو ته ملٽري آپريشن حل ناهن ان ڪري نه ڪيا وڃن.اسان جو جهڳڙو ئي ان ڳالهه تي آهي ته آپريشن جي اجازت اسان کان ڪير گھري ئي ڪون پيو.ڪي پي ڪي جي حڪومت پاڻي جي معاملي تي سنڌ جو ساٿ ڏنو هو.غربت جي تناسب سان اين ايف سي ۾ اسانجو وڏو حصو ٺهي ٿو جيڪو نه ٿو ڏنو وڃي ،سنڌ حڪومت يقين ڏياريو آهي ته ان معاملي تي ساٿ ڏيندا،ڪي پي ڪي ۾ شناختي ڪارڊ تي 20 لکن جو علاج مفت ڪيو ويندو آهي جيڪو ڪنهن به صوبي ۾ ناهي .وزیراعلیٰ خیبر پختونخوا سہیل آفریدیچيو آهي ته اسان صرف ٽي ٽي پي نه، پر سڀني دهشتگرد تنظيمن جي مخالفت ڪندا آهيون، خيبر پختونخوا ۾ ملٽري آپريشنن سان امن قائم نه ٿيندو، ڪي پي ۾ آپريشن جو مقصد عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ آهي. ايئرپورٽ کان باغ جناح ۽ پوءِ ڪراچي پريس ڪلب تائين وزيراعليٰ ۽ اُن سان هلندڙ ريلي جو استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن باني پي ٽي آءِ جي حق ۾ نعري بازئ ڪرڻ جاري رکيا. هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم مونکي خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڳالهه ٻولهه لاءِ بلائيندا ته مان ضرور ويندس، وفاق، ڪي پي حڪومت، سياسي جماعتون ۽ سيڪيورٽي ادارا گڏجي خيبر پختونخوا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ رستو ڳولين. وڏي وزير چيو ته عمران خان جي تحريڪ اقتدار لاءِ نه پر آئين ۽ قانون جي بالادستي، آزاد عدليه ۽ آزاد ميڊيا جي بحالي، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪجهڙو قانون ۽ حقيقي جمهوريت جي قيام لاءِ آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي کي ناانصافي سان قيد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين سياسي قيدين کي به ناانصافي سان رکيو پيو وڃي. هن واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ دهشتگردن ۽ انهن جي آبادڪاري جي سخت مخالفت ڪري ٿي، خيبرپختونخواهه ۾ 80 هزار جانين جي قرباني جي باوجود، فوجي آپريشن مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن ۽ حل اهو آهي ته عوام جي مينڊيٽ واري حڪومت، سياسي ۽ مذهبي پارٽين ۽ قبائلي بزرگن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته بند ڪمرن ۾ ڪيل فيصلا پائيدار امن فراهم نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته هن صرف اسٽريٽ موومينٽ لاءِ تياري جو مينڊيٽ حاصل ڪيو آهي ۽ ڳالهين جو مينڊيٽ محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس وٽ آهي. وڏي وزير سچ ۽ انصاف لاءِ بيهڻ تي صحافي برادري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيدن ارشد شريف، صابر شاڪر، معيد پيرزاده ۽ اياز مير جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب، صحافي برادري ۽ سياسي پارٽيون هڪ ٻئي کان الڳ نه آهن ۽ سڀني کي حقيقي آزادي جي تحريڪ جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت قائم ٿي سگهي. خيبر پختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪراچي پهچي ويو آهي. ڪراچي ايئرپورٽ تي صوبائي وزير سعيد غني ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي آجيان ڪئي ۽ کيس اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پارائي.
سڄو ملڪ بند ڪري عمران کي آزاد ڪرائينداسين:عليما خان
راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عوام عمران خان سان گڏ آهي، اسين کيس جيل مان ڪڍنداسين، اسين سڄو پاڪستان بند ڪنداسين، اسين کيس هلڻ نه ڏينداسين. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته منهنجا وارنٽ جاري ڪيا ويا، اڄ جج پاڻ موڪل تي هليو ويو. اسان سومر تائين وقت گهريو هو، اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي. اسان عمران خان سان اڊيالا جيل ٻاهران نه ملي رهيا آهيون، اسان سندس آزادي لاءِ ويٺا آهيون. ڪافي ٿي ويو، عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي، هي قوم جي آواز آهي.عليما خان چيو ته اڱاري 13 جنوري تي اڊيالا جيل ٻاهران قرآن پاڪ جي تلاوت ڪنداسين. هر ڪو هزارين قرآن پاڪ سان گڏ جيل ٻاهران قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو. ان کان پوءِ شهيدن، قيدين ۽ پاڪستان لاءِ دعائون گهريون وينديون.هن چيو ته سنڌ حڪومت عقلمند آهي، هن ريلي جي اجازت ڏئي هڪ سٺو قدم کنيو، اسان هن فيصلي جو استقبال ڪريون ٿا. پنجاب حڪومت مينڊيٽ چور آهي، ان ڪري اهو ظلم ڪري ٿي. ڪالهه، لاهور ۾ اسان جي ڪارڪن جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو ۽ ان کي قتل ڪيو ويو. اڄ مان عدالت ۾ پيش ٿيس پر ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. عليمه خان چيو ته باني قيد تنهائي ۾ آهي، اسان کي خبر ناهي ته هو ڪهڙي حالت ۾ آهي. پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ چيو ته محمود خان اچڪزئي 8 فيبروري جي ڪال ڏني آهي. اسان سڄو پاڪستان بند ڪنداسين.
جمهوريت جي معاملي تي سنڌ اسان سان سهڪار ڪري: عوامي آواز جي سوال تي سهيل آفريدي جو جواب
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دوري پهتل ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي پريس ڪانفرنس دوران عوامي آواز پاران سوال ڪرڻ تي جواب ڏيندي چيو ته جمهوريت جي معاملي تي سنڌ اسان سان سهڪار ڪري، عوامي آواز پاران سوال ڪيو ويو ته اوهان صوبن جي ترقي جي ڳالهه ڪري رهيا هئا مون کي اهو ٻڌايو ته سنڌ ۽ ڪي پي جي وچ ۾ ڪهڙن شعبن ۾ سهڪار ٿي سگهي ٿو، سوال جي جواب ۾ سهيل آفريدي چيو ته جمهوريت جي معاملي تي سنڌ اسان سان سهڪار ڪري.
سهيل آفريدي جي آجيان:پ پ، ن ليگ کي دفاعي پوزيشن ۾ وجهي ڇڏيو
لاهور (عمران شفقت) سهيل آفريدي 4 ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو جتي پيپلزپارٽي پنهنجي سعيد غني کي آجيان لاءِ موڪليو. سعيد غني کيس اجرڪ پارايو، روايتي مهمان نوازي ڪئي، سنڌي ٽوپي پارائي. سهيل آفريدي سان گڏ ٻيا ماڻهو به هئا، انهن سان به اهڙو ورتاءُ ٿيو، کين پروٽوڪول ڏنو ويو. اهڙي ريت پيپلزپارٽي هڪ تير سان ڪيترائي هدف حاصل ڪري ورتا. پيپلزپارٽي وارن مسلم ليگ ن کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ته جيڪڏهن واقعي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي اها خواهش هجي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڪا جاءِ نه ڏني وڃي، ڪو احتجاج يا حق نه ڏنو وڃي، ته ڪراچي ۾ به اهو ئي ٿئي ها. ڪراچي ۾ به ساڳي اسٽيبلشمينٽ آهي ۽ معاملا به ساڳيا آهن. پر ڪراچي وارن پنهنجو موقف اهو رکيو آهي ته جيڪڏهن ڪٿي ڪو فيصلو ٿئي، ته هو ان کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن. تاثر اهو آيو ته اهڙو ڪو فيصلو اسٽيبلشمينٽ طرفان به نه هو. حقيقت ۾، جيڪڏهن ياد هجي ته سهيل ورڙائچ جي ڪالم ۾ وفاقي حڪومت تي اهو ئي الزام هو ته انهن عمران خان جي مقابلي ۾ پنهنجو ڪو سياسي بيانيو تيار ناهي ڪيو. هاڻي خبرون آهن ته هڪومت کي 5 کان 6 مهينن يعنيٰ جون تائين جو وقت ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن حڪومت کي ئي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو آهي، ته ايندڙ ٽن چئن سالن تائين پاڪستان اهڙي طرح گذاريندو. ۽ جيڪڏهن آءِ ايم ايف جي چنبي مان نڪرڻو آهي، ته ان لاءِ دٻاءُ آهي ته حڪومت ڪجهه جرئتمنداڻا فيصلا ڪري، حڪومت تي ڊيليور ڪرڻ جو دٻاءُ آهي. اسٽيبلشمينٽ طرفان دٻاءُ آهي ته عمران خان جي معاملي ۾ هو رڳو قانوني حدن تائين رهي سگهن ٿا، سياست ۾ مداخلت نه ڪندا. اهڙي طرح پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف کي جاءِ ڏئي ٻن هدفن کي ساڳئي وقت حاصل ڪيو. هڪ طرف مسلم ليگ ن کي چيو ته توهان سياسي معاملا ڊيل نٿا ڪري سگهو، ملبو توهان تي اچي ٿو.
سهيل آفريدي اسان جي دعوت تي اڄ ڄام شورو پهچندو: زين شاهه
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ تحريڪ تحفظ پاڪستان جي وائيس چيئرمين سيد زين شاهه چيو آهي ته ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي اڄ سندن چانهه جي دعوت تي ڄام شورو پهچندو. روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ اسان جي اتحادي آهي، ان ڪري اسان ڪي پي جي وڏي وزير کي چانهه پارٽي جي دعوت ڏني، هن چيو ته ملاقات ۾ ضرور سياسي ڳالهه ٻول به ٿيندي.