نواز شريف ڄاڻي واڻي غلط ڪري رهيو آهي، اسان جو ڪنهن سان جهيڙو ناهي: اچڪزئي

لاهور (بيورو) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته دنيا جو ڪو به ملڪ فوج کان سواءِ نٿو هلي سگهي، لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ 46 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، محمود خان اچکزئي چيو ته ائين ناهي جو ملڪ وٽ وسيلا موجود ناهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گڏيل عقل ۽ دانشمندي سان ملڪ کي درپيش مسئلن جو حل ڳوليو وڃي، هن چيو ته نواز شريف منهنجو دوست آهي ۽ هو پاڻ به ڄاڻي ٿو ته هو چونڊون هارائي چڪو آهي، نواز شريف سان مخاطب ٿيندي هن چيو ته نواز شريف صاحب اوهان ڄاڻ هوندي به غلط ڪري رهيا آهيو، معذرت سان اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي تربيت ئي غلط آهي،  ملڪ کي هلائڻ جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، اسان حلف کنيو آهي ته ملڪ جو دفاع ڪنداسين ۽ هر ظالم جي خلاف آواز اٿارينداسين، اهو ئي اسان جو فرض آهي، واضح رهي ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جون سياسي سرگرميون لاهور ۾ جاري آهن، محمود خان اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس جي قيادت ۾ قافلو ماڊل ٽائون ۾  موجود آهي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي ظفر چيو ته ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته وينزويلا، غزا ۽ ڪشمير ۾ جيڪي حالتون آهن، انهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هر ملڪ لاءِ پنهنجي سالمت ۽ بقا انتهائي ضروري آهي،  نه شهباز شريف سان جهيڙو آهي ۽ نه ئي نواز شريف سان جهيڙو آهي، اسان جو فوج ۽ هتان جي ايجنسين سان ڪو به جهيڙو ناهي، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ وومين ونگ جي تقريب کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته موجوده حالتن ۾ اهو به نٿو چئي سگهجي ته اسان جون عورتون آزاد آهن، اڄ به مردن ۾ اهو تاثر موجود آهي ته عورت جي عقل گهٽ آهي، صرف رئو پارائڻ يا عورتن کي بازارن ۾ وڃڻ کان روڪڻ سان عورتن جي حقن کان جان نه ڇڏائي سگهجي ٿي، الله تعاليٰ عورت کي اهو مقام ڏنو آهي جو جنت ماءُ جي قدمن هيٺ آهي، پر اڄ بلوچ سردار، پنجابي چوڌري، سنڌي  وڏيرا ۽ پشتون سماج عورت کي سندس حق نٿا ڏين، عورت اڪثر پنهنجي پيءُ جي حڪم تي هر قسم جي مرد سان زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، 8 فيبروري تي عوام جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو، هتي ظالمن کي پاليو وڃي ٿو، اڄ تائين ڪنهن به جرنيل، جج يا سياستدان کي آئين جي ڀڃڪڙي تي سزا نه ملي آهي، پي ٽي آءِ جا ماڻهو سوشل ميڊيا تي پنهنجي قيادت کان ناراض آهن. هن اپيل ڪئي ته اڄ کان مهم شروع ڪئي وڃي، هڪ ڏينهن لاءِ پنهنجا دڪان بند ڪيا وڃن، 8 فيبروري تي رستن تي نڪرنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.