خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو/شاهد سيال)خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳاڙهي پُل ڀرسان سان اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري سماجي اڳواڻ نور صبا جي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جون انصاف لاءِ دانهون، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳاڙهي پل ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري خيرپور جي سماجي اڳواڻ نور صبا جي ننڍي ڀاءُ نوجوان رسالت علي راجپوت کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا جڏهن ته اطلاع تي حد جي پوليس لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ان موقعي تي مقتول جي ڀيڻ سماجي اڳواڻ نور صبا صحافين اڳيان دانھون ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڌاريجا برادري ۽ شيخ برادري جي ماڻهن سان دشمني هلندڙ آهي قتل ان دشمني جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، ھن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي خيرپور اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳاڙهي پُل ويجهو نوجوان رسالت علي راجپوت جي قتل جي الزام هيٺ پوليس پاران ستن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو چيو آهي ته شروعاتي جاچ موجب قتل ٿي ويل نوجوان کي غيرت جي نالي تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي ۽ قتل ۾ ملوث ستن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پوليس پاران پرويز ڌاريجو، ياسر ڌاريجو، مھر شيخ، فرزند شيخ، رسول الله شيخ ۽ جاويد ڌاريجو کي گرفتار ڪري ورتو آهي ھن چيوته جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي، ملوث ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ سمورن ذميوارن کي قانون موجب سخت سزا ڏياري ويندي.
آءِ جي سنڌ جو نوٽيس، 2 مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
خيرپور:اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳاڙھي پُل ڀرسان گذريل رات هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل نوجوان رسالت علي راجپوت واري معاملي جو آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو آھي ان سلسلي۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو نوجوان جي قتل جو نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي سکر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي ۽ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي ايس ايس پي خيرپور کي هدايت ملوث مُک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيمُن ۽ انٽيلي جنٽس پوليس اهلڪارن کي متحرڪ ڪيو وڃي، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو وڌيڪ چيو آهي ته نوجوان رسالت علي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فلفور قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ۽ متاثره خاندان سان رابطو ڪري هر ممڪن تعاون ۽ سپورٽ جي مڪمل يقين ڌياني ڪرائي وڃي،گذريل رات هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل نوجوان رسالت علي راجپوت واري واقعي جو آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پاران نوٽيس وٺڻ و بعد خيرپور پوليس جاڳي پئي نوجوان جي قتل ۾ ملوث ٻن مُک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊي ايس پي سٽي جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري نوجوان رسالت علي راجپوت واري قتل ۾ ملوث ٻن مُک جوابدارن جاويد پٽ محمد پنجل ڌاريجو ۽ ياسر پٽ الله بخش ڌاريجو کي گرفتار ڪري ورتو ان ڏس ۾ ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن مٿان مقتول نوجوان جي ڀيڻ نور صبا جي فرياد تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي ۽ گرفتار جوابدارن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي واقعي ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو واضح رهي ته مقتول رسالت راجپوت ڏيڍ سال اڳ ڌاريجا برادري جي ڇوڪري سان پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن جي ڪري ڇوڪري جي وارثن نوجوان کي قتل ڪيو آهي.