پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمد سهيل آفريدي شهيد بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي انگريزي ۾ تقرير تي ناراض ٿي ويو، ۽ حڪم ڏنو ته ايندڙ تقرير اردو ۾ ڪئي وڃي. پشاور ۾ شهيد بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي چيو ته وائيس چانسلر انگريزي ۾ تقرير ڪئي، جيڪا مون کي پسند نه آئي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي چيو ته اسان جي قومي ٻولي اردو آهي، ايندڙ ڀيري انگريزي ۾ ڳالهائيندئو ته ناراض ٿيندس. هن چيو ته مون سڀني يونيورسٽين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اردو ۾ تقرير ڪن.