سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ هڪ ٽڪ ٽاڪر تي وڪيلن پاران ڪيل تشدد سبب انهن ڪارڪنن جي ساک کي ڌڪ رسيو آهي، جيڪي انصاف لاءِ آواز اٿاريندا رهيا آهن. عدالت جي احاطي اندر اهڙن واقعن عدليه جي آزادي واري تحريڪ کي به نقصان پهچايو آهي. سنڌ جو گهرو وزير ضياءُ النجار، جيڪو پاڻ به سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر آهي، سنڌ جي چيف جسٽس ظفر راجپوت کي ان حوالي سان خط به لکيو آهي. سنڌ بار ڪائونسل جي قانون موجب، تشدد ۾ ملوث وڪيلن جا لائسنس رد ڪري سگهجن ٿا. تشدد ۾ ملوث وڪيلن خلاف فوجداري ڪيس داخل ٿيا، پر هڙتال ٿي وئي ۽ هاڻي ڄاڻ ملي آهي ته اهو معاملو پنجاب بار ڪائونسل تائين به پهچي ويو آهي. البته هڪ وڪيل جو لائسنس معطل ڪيو ويو آهي، پر بار جي تاريخ شاهد آهي ته عام طور وڪيلن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي.
وڪيل برادري جو هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي، آزاد عدليه ۽ بنيادي انساني حقن جي تحفظ جي حوالي سان تاريخي ڪردار رهيو آهي. سنڌ جي وڪيلن صوبي جي حقن لاءِ به وڏي جدوجهد ڪئي آهي. جڏهن 2007ع ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف اُن وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي عهدي تان هٽائي نظر بند ڪيو، تڏهن پاڪستان جي وڪيلن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحالي لاءِ تاريخي تحريڪ هلائي. منير اي ملڪ، بئريسٽر اعتزاز احسن، عاصمه جهانگير، رشيد اي رضوي، علي احمد ڪرد ۽ حامد خان جهڙا نالا هن تحريڪ کي منظم ڪندڙن ۾ شامل هئا. ان تحريڪ دوران وڪيلن جي قيادت سميت سڄي ملڪ مان سوين وڪيل گرفتار ڪيا ويا. جڏهن جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪراچي آيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ سبب ڪيترائي بي گناهه ماڻهو مارجي ويا. شهر جا سڀ روڊ بند ڪيا ويا. افتخار چوڌري ۽ ساڻن آيل وڪيلن جي ڪراچي ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وئي ۽ قافلو واپس اسلام آباد موٽي ويو. اها تحريڪ ڳوٺ ڳوٺ تائين پهچي وئي هئي. ان دور ۾ نجي ٽي وي چينلن پهريون ڀيرو وڪيلن جي تحريڪ کي 24 ڪلاڪ پنهنجي اسڪرينن تي جاءِ ڏئي عوامي راءِ هموار ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ڪنهن به عوامي تحريڪ کي ايتري نمايان ڪوريج ڏيڻ جو اهو پهريون موقعو هو. ان ئي عرصي دوران ڊسمبر 2007ع ۾ بينظير ڀٽو راولپنڊي ۾ شهيد ٿي. ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني وزيراعظم بڻيو.
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ ججن جي بحالي بابت مري ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن تحت سڀ پارٽيون پرويز مشرف جي مواخذگي تي متفق ٿيون. اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيف جسٽس افتخار چوڌري جي بحالي لاءِ لاهور کان اسلام آباد لانگ مارچ شروع ڪيو، پر مارچ جڏهن گوجرانواله پهتو ته چيف جسٽس جي بحالي جي خبر اچي وئي. جيتوڻيڪ اها تحريڪ عدليه جي آزادي لاءِ هلائي وئي هئي، پر عملي طور معاملو صرف افتخار چوڌري ۽ چند ٻين ججن جي بحالي تائين محدود رهيو. بعد ۾ روزاني فيصلن ذريعي هڪ متوازي حڪومت جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي. هاڻي سڄي ملڪ ۾ وڪيل منظم گروهن جي صورت ۾ نظر اچڻ لڳا. الميو اهو ٿيو ته اهي وڪيل جمهوري ڪلچر کي قبول نه ڪري سگهيا.
وڪيلن ماتحت عدالتن تي دٻاءُ وجهي پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون. هڪ وقت اهڙو به آيو، جو ماتحت عدليه عدالتي ڪم جاري رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پنجاب هاءِ ڪورٽ جي اُن وقت جي چيف جسٽسن وڏي مشڪل سان حالتون سنڀاليون. تحريڪ انصاف جي دور ۾ وڪيل گردي جو بدترين مظاهرو تڏهن ڏٺو ويو، جڏهن سوين وڪيلن لاهور جي اسپتال تي حملو ڪيو. اخبارن ۾ شايع ٿيل رپورٽن مان معلوم ٿيو ته عورت وڪيلن سميت ڪيترائي وڪيل اسپتال جي آپريشن ٿيٽرن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪندا رهيا. ڪيترن وڪيلن خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا. باني پي ٽي آءِ جو ڀائٽيو، جيڪو لنڊن مان بئريسٽري جي ڊگري وٺي آيو هو، انهن وڪيلن ۾ شامل هو. لاهور پوليس ڪيترن وڪيلن کي گرفتار به ڪيو، پر پوءِ سڀ آزاد ٿي ويا. سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي ته وڪيلن جي اها قيادت، جيڪا عدالتن ۾ قانون جي بالادستي لاءِ روز دليل ڏيندي هئي، ان موقعي تي خاموش رهي. ايتري تائين جو اهو به چيو ويو ته ڪجهه سينيئر وڪيلن اسپتال تي حملي کي ان بنياد تي درست قرار ڏنو ته اسپتال جي ڊاڪٽرن وڪيلن جي بي عزتي ڪئي هئي.
سڄي سماج وانگر وڪيل برادري ۾ به مذهبي انتهاپسندي وڌندي وئي ۽ انهن جي مذهبي بيانيي کان اختلاف ڪندڙ ماڻهو نفرت جو نشانو بڻجڻ لڳا. حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته جڏهن به بار ايسوسيئيشنن جون چونڊون ٿين ٿيون، ته کٽيندڙ اميدوارن جا حامي هوائي فائرنگ ڪن ٿا. فائرنگ ڪندڙن ۾ عورت وڪيل به شامل هونديون آهن ۽ اهي ماڻهو فخر سان اهي وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪن ٿا. هڪ سينيئر وڪيل جو چوڻ آهي ته هن صورتحال جي ذميواري وڪيل تحريڪ جي اڳواڻن تي عائد ٿئي ٿي، جن صرف چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ اهڙن عنصرن جي همت افزائي ڪئي، جنهن سبب اهي گروهه هاڻي پريشر گروپن جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. اهي پريشر گروپ بار چونڊن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
صرف پريشر گروپ هجڻ سبب انهن خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي. هڪ سينيئر صحافي جو چوڻ آهي ته ڪراچي بار آئين جي بحالي لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي آهي، پر هن واقعي بار جي سڃاڻپ کي نقصان پهچايو آهي. سندس خيال ۾ سنڌ بار ڪائونسل کي هن واقعي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هڪ ٻئي صحافي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن وڪيل پاڻ فريادي بڻجي اهڙي نموني عدالتن جي احاطن ۾ عام شهري ڌرين تي حملا ڪندا رهندا ته سندن عزت ۾ بي پناهه گهٽتائي ايندي. انهن سڀني تبصرن کان پوءِ اها حقيقت ڏينهن جي روشني وانگر واضح آهي ته جيڪي وڪيل وڪيلن جي قيادت ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جي ذميواري آهي ته هو پنهنجن ساٿين کي برداشت، قانون پسندي ۽ جمهوري ڪلچر سان روشناس ڪرائين ۽ جيڪڏهن ڪو وڪيل قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ته ان جي حمايت نه ڪئي وڃي.