نصر الله گڏاڻي جي وارثن جو انصاف لاءِ ڌرڻو، پوليس جا داٻا، آءِ جي سان ملڻ نه ڏنو ويو

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: علي وسير) ميرپورماٿيلو آءِ جي سنڌ جي گھوٽڪي دوري دوران شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڌرڻو قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو پوليس جا شھيد جي وارثن تي داٻا آء جي سنڌ سان ملڻ نه ڏنو ويو تفصيل موجب آء جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو جي گھوٽڪي دوري دوران امد جي موقعي تي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي وارثن معصوم ٻچڙن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي پٽ ارسلان گڏاڻي جو چوڻ هو ته شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل کي ٻه سال گزري ويا آهن پر ھن وقت تائين پوليس قاتلن کي گرفتار نٿي ڪري جنھن سبب قتل ۾ ملوث پ پ ايم اين اي خالد احمد خان لنڊ جا گارڊ ھڪ طرفو اسان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن حاضرين تي وڃڻ وقت رستا روڪ ڪري گار گند ڪئي ويندي آهي ته ٻي پاسي ايس ايس پي گھوٽڪي شھيد ڀاءُ جي قتل ۾ مبينه طور ملوث خالد احمد خان لنڊ جي چوڻ تي پوليس جي سيڪيورٽي واپس وٺي آھي جنھن سبب جان کي خطرو آهي ٻي پاسي ان موقعي تي پوليس اھلڪارن احتجاج ڪندڙن کي دڙڪا داٻا ڏئي يرغمال بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏھن ته آء جي سنڌ سان ملڻ نه ڏنو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.