ڳالهين لاءِ ”پنج وڏن“ ۾ مينڊيٽ رڳو عمران خان وٽ آهي:ڪي پي حڪومت

پشاور(م ڊ)خيبرپختونخوا (ڪي پي) جي صوبائي حڪومت جي ترجمان شفيع جان حڪومت کي بي اختيار قرار ڏيندي چيو آهي ته ڳالهين (مذاڪرات) لاءِ “پنج وڏن” ۾ صرف عمران خان وٽ مينڊيٽ آهي، جڏهن ته نواز شريف ۽ شهباز شريف با اختيار ناهن.راولپنڊي ۾ اڊيالا روڊ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڳالهين لاءِ اعتماد جي فضا ضروري آهي ۽ ان حواليسان وڌيڪ ذميواري حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. رانا ثناءُالله جو ڳالهين بابت بيان مذاق جي برابر آهي. احتجاج کان روڪڻ لاءِ 9 مئي جا ڪيس دٻاءُ طور استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ 9 مئي جا ڪيس هاڻي آهستي آهستي هڪ “فالز فليگ آپريشن” ثابت ٿيندا پيا وڃن.هن چيو ته 4 ڊسمبر کان پوءِ باني پي ٽي آءِ جي فيملي سان ڪا به ملاقات ناهي ڪرائي وئي،هن  جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جو رويو مثبت ۽ خوش آئند آهي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي سياسي سرگرميون ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.