چين جي افغانستان تي بي اعتمادي، پاڪستان کي وڏي سفارتي ڪاميابي

اسلام آباد (معظم فخر) اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ۾ افغانستان سان لاڳاپيل سيڪيورٽي خدشا به غير معمولي شدت سان سامهون آيا آهن، جتي پاڪستان ۽ چين گڏيل پڌرائي ۾ ڪابل حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين تي موجود سمورن دهشتگرد گروهن خلاف رڳو بيانن تائين محدود نه رهي، پر واضح ۽ تصديق جوڳا قدم کڻي، جيئن افغان سرزمين ڪنهن به پاڙيسري ملڪ خلاف استعمال نه ٿئي. هن سخت لهجي مان اهو واضح ٿئي ٿو ته چين هاڻي افغانستان جي واعدن تي اکيون بند ڪري ڀروسو ڪرڻ بدران پنهنجي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو ۽ وچ ايشيا کان وٺي ايران ۽ ترڪي تائين پکڙيل معاشي ۽ تزويراتي مفادن جي تحفظ لاءِ عملي نتيجا چاهي ٿو، جنهن کي پاڪستان جي پراڻي موقف جي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي طور ڏٺو پيو وڃي ڇو ته ان سان عالمي سطح تي ان بيانئي کي هٿي ملي ٿي ته علائقي ۾ دهشتگردي جا ڪيترائي نيٽ ورڪ افغان سرزمين مان جنم وٺي رهيا آهن. دفاعي ۽ تزويراتي محاذ تي به هن ڊائيلاگ علائقي ۾ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ بابت واضح اشارا ڏنا آهن، جتي چين ڀارت جي تيز رفتار عسڪري صلاحيت مضبوط ٿيڻ ۽ جديد دفاعي نظامن جي حاصلات جي تناظر ۾ پاڪستان جي دفاعي مفادن جي مڪمل تحفظ جو عزم ظاهر ڪيو آهي.  جيتوڻيڪ گڏيل پڌرائي ۾ جديد جهازن، ميزائل نظامن يا مخصوص هٿيارن جو سڌو ذڪر ناهي ڪيو ويو، پر دفاعي سهڪار، علائقائي سيڪيورٽي ۽ توازن جهڙا لفظ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته پردي پٺيان جديد عسڪري ٽيڪنالاجي، انٽيليجنس شيئرنگ ۽ مستقبل جي جنگي تيارين بابت سنجيده ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي.  اهڙي ريت هي ڊائيلاگ نه رڳو ايندڙ سالن لاءِ هڪ واضح گڏيل روڊ ميپ مهيا ڪري ٿو، پر ان ڳالهه جو به اعلان آهي ته پاڪستان ۽ چين هاڻي رڳو روايتي دوست نه رهيا آهن، پر هڪ ٻئي جي اسٽريٽجڪ مستقبل جا ڀائيوار بڻجي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.