سنڌ ۾ خانگي تعليمي ادارن طرفان اينٽي ڪرپشن جي ڪاررواين خلاف هڙتال جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن سنڌ اينٽي ڪرپشن جي ڪاررواين خلاف احتجاجطور 9 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ مڪمل هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو،  ايسوسيئيشن جي اڳواڻن حيدر علي، شهزاد اختر، طارق شاهه، انور ڀٽي، دانش الزمان، ناصر زيدي ۽ ٻين چيو آهي ته اهي اسڪولن ۾ جاري اينٽي ڪرپشن ڪارراوين خلاف سنڌ جي وڏي وزير کان عدالتي فيصلن تي باوقار عملدرآمد جو مطالبو ڪيون ٿا،  پريس ڪانفرنس دوران هنن چيو ته سنڌ جا خانگي تعليمي ادارا سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون اسڪولن ۾ غير ضروري مداخلت ۽ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهيون آهن، ملڪ جي ترقي لاءِ تعليم بنيادي آهي ۽  خانگي ادارا محدود وسيلن ۾ به گهٽ فيس تي هزارين ٻارن کي تعليم فراهم ڪري رهيا آهن، سماجي ذميواري طور فري شپ پڻ ڏئي رهيا آهن. سندھ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي 8 ڊسمبر 2025 جي فيصلن تحت فري شپ فهرستون ريجنل ڊائريڪٽرز طرفان جمع ڪرائيون ويون، جنهن جي تصديق اينٽي ڪرپشن کي ڏني وئي ۽ ٽيمون اسڪولن ۾ معائنو ڪن پيون، هي عمل سنڌ پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز ايڪٽ 2013 جي ڀڃڪري آهي، ڇو ته واحد مجاز ريگوليٽري ادارو ڊائريڪٽرٽ آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز آهي ۽ ڪنهن ٻئي اداري جي مداخلت غير قانوني ۽ غير ضروري آهي، هنن چيو ته اسڪولن ۾ عورت استاد ۽ ننڍڙا ٻار موجود آهن ۽ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون خوف، ذهني دٻاءُ ۽ اضطراب جو سبب بڻجي رهيون آهن، هٿياربند اهلڪار اسڪولن ۾ داخل ٿي تعليمي ماحول خراب ڪري رهيا آهن، جڏهن ته والدين کي غير ضروري سوالن ۽ تفصيلن جي پڇا سبب شديد پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جيئن ته سموري ڊيٽا اڳ ئي فراهم ڪئي وئي آهي، اهڙين ڪاررواين سان سنڌ جي مشهور تعليمي ادارن، فلاحي تنظيمن ۽ خانگي اسڪولن جي ساک متاثر ٿي رهي آهي، جيڪي ڏهاڪن کان تعليم ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ڪنهن انفرادي غلطي کي مڪمل خانگي تعليمي شعبي خلاف استعمال ڪرڻ ناانصافي آهي، گرينڊ الائنس اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ تعليمي واري وزير سيد سردار علي شاهه کان پرزور مطالبو ڪيو ته اينٽي ڪرپشن کي عدالت جي فيصلن تي باوقار ۽ موثر طريقي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڏني وڃي ۽ اسڪولن ۾ سڌو معائنو کان پاسو ڪيو وڃي، اڄ کان 8 جنوري تائين سڀني ضلعن ۾ والدين ۽ اسڪول انتظاميه جا گڏيل احتجاجي اجلاس منعقد ڪيا ويندا، 8 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو ۽ 9 جنوري تي سمورا خانگي اسڪول ۽ ڪاليج مڪمل هڙتال ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.