اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي ڀاءُ خلاف ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سيل اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، رپورٽن موجب هي ڪيس فيض حميد جي ڀاءُ نجف حميد، عبدالظهور ۽ خالد منير خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جعلي دستاويزن ذريعي زمين منتقلڪرڻ جا الزام لڳايا ويا، ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد ۾ داخل ڪيل ڪيس موجب نجف حميد، جيڪو ان وقت تپيدار هو ۽ روينيو آفيسر عبدالظهور کي نامزد جوابدار بڻايو ويو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن ملي ڀڳت سان جعلي فوتي دستاويزن ذريعي قيمتي زمين پنهنجي قبضي ۾ آندي، جاچ دستاويزن موجب جوابدارن تي الزام آهي ته هنن هڪ ڪُنال قيمتي زمين جعلي طريقن سان منتقل ڪرائي، جنهن سان قومي ناڻي کي نقصان پهتو.