ڪراچي وڏي تباهي کان بچي ويو\ افغانستان مان آندل 2 هزار ڪلو بارود هٿ، 3 دهشت گرد گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي وڏي تباهي کان بچي ويو، افغانستان مان آندل 2 هزار ڪلو بارودي مواد هٿ ڪيو ويو،  انٽيلي جنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي ڪراچي ۾ دهشت گردي جي هڪ انتهائي خطرناڪ منصوبي کي وائکو ڪري ڇڏيو، ڪيترن ئي هفتن تي ٻڌل پيچيده ۽ پيشيواراڻا انٽيلي جنس آپريشن بعد هي ڪاميابي حاصل ٿي، جتي پريميئر انٽيلي جنس ايجنسي جي ڳجهي بروقت ۽ فيصلائتيڪارروائي ڪئي وئي، پريس ڪانفرنس دوران ايڊيشل آءِ جي سي ٽي ڊي ذوالفقار لاڙڪ ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ڪيپٽن رٽائرڊ غلام اظفر مهيسر ٻڌايو ته آپريشن دوران ٻه هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ انتهائي تباهه ڪندڙ بارودي مواد برآمد ڪيو ويو، ڪيترن ڏينهن ۽ راتين جي محنت کانپوءِ هڪ دهشت گرد کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کان جاچ بعد وڌيڪ اهم ڄاڻ ملي ۽ گذريل رات ٻن وڌيڪ دهشت گردن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار ٿيل دهشت گردن ۾ جليل احمد عرف فريد ولد محمد نور، نياز قادر عرف ڪنگ ولد قادر بخش ۽ حمدان عرف فريد ولد محمد علي شامل آهن، ادارن جي مسلسل نگراني ۽ غير معمولي چستي سبب دهشت گردي جو هي منصوبو وقت سر سامهون اچي ويو، برآمد ٿيل ڌماڪيدار مواد کي شهر کان ٻاهر حب واري علائقي ۾ محفوظ نموني ناڪاره بڻايو ويو، ٻه هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ بارودي مواد هٿ اچڻ سان بي شمار قيمتي جانيون بچائي ويون، جاچ موجب دهشت گردن ڪراچي ۾ سول هدفن کي نشانو بڻائڻ جي مڪمل منصوبابندي ڪري رکي هئي، جاچ ۾ اهو به معلوم ٿيو ته دهشت گردن ڪراچي کان 35 کان 40 ڪلوميٽر پري هڪ گهر ڪرائي تي ورتو هو، انٽيلي جنس ادارن انساني ۽ فني ذريعن ذريعي سخت نگراني ڪئي، آپريشن کي مڪمل رازدارانه رکيو ويو ته جيئن عوام ۾ خوف ۽ هراس نه پکڙجي، ڪارروائي دوران بوبي ٽريپس ۽ ممڪن خطرن جو به بارڪ بيني سان جائزو ورتو ويو، ڪارروائي دوران 30 کان وڌيڪ پلاسٽڪ ڊرمز ۾ بارودي مواد ۽ پنج ڌاتي گيس سلنڊر به هٿ ڪيا ويا، شروعاتي جاچ موجب هي ڌماڪيدار مواد افغانستان مان بلوچستان ۽ پوءِ ڪراچي آندو ويو هو، ثبوت ظاهر ڪن ٿا ته دهشت گرد نيٽ ورڪ پاڙيسري ملڪن مان آپريٽ ڪيو پئي ويو ۽ هن منصوبي جي پٺيان انڊين مفادن لاءِ ڪم ڪندڙ دهشت گرد گروهه شامل هئا، ذريعن موجب ڀارتي حمايت يافته بي ايل اي ۽ بي ايل ايف افغانستان ۾ محفوظ ٺڪاڻا استعمال ڪن ٿيون، دهشت گرد نيٽ ورڪ جا لاڳاپا بشير زيب، بي ايل اي، فتنه الهندستان ۽ مجيد بريگيڊ سان ڳنڍيل هجڻ جا ثبوت پڻ مليا آهن، يوريا تي ٻڌل ڌماڪيدار مواد دهشت گردي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ان جي سپلاءِ چين کي ٽوڙڻ سيڪيورٽي ادارن جي اولين ترجيح آهي، جاچ دوران اهو به سامهون آيو آهي ته مقامي سهولتڪار معمولي مالي فائدن عيوض دهشت گردن جي مدد ڪندا آهن، جڏهن ته رهائشي گهر لڪڻ ۽ بارودي مواد تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن، ان حوالي سان گهرن جي ڪرائي واري نظام تي سخت نگراني ۽ اثرائتي جانچ کي انتهائي ضروري قرار ڏنو ويو آهي، يوريا ۽ ٻين ڪيميڪلز جي غير قانوني استعمال خلاف قانون لاڳو ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انٽيلي جنس ايجنسيون دهشت گردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، دهشتگرد منصوبي سان لاڳاپيل سڀني ذميوارن جو پيڇو جاري آهي ۽ وڌيڪ تفصيل جلد سامهون آڻڻ جو امڪان آهي.

لڪي مروت ۾ نجي فيڪٽري جي بس ۾ ڌماڪو، هڪ ماڻهو مارجي ويو

پشاور ( م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت جي علائقي نواردا خيل ۾ خانگي سيمينٽ  فيڪٽري جي بس ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ هڪ شخص مارجي ويو، پوليس موجب هي واقعو لڪي سٽي ٿاڻي جي حدناندر پيش آيو، جتي سيمينٽ فيڪٽري ڏانهن ويندڙ بس کي نشانو بڻايو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ شخص جان وڃائي ويٺو جڏهن ته ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سيمينٽ فيڪٽري جي ملازمن کي کڻي ويندڙ گاڏي کي بگوخيل روڊ تي نواردا خيل جي ويجهو ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن پاران نشانو بڻايو ويو، پوليس موجب زخمين کي ترت ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سڀني کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪندي سرچ آپريشن به شروع ڪيو ويو، اسپتال انتظاميه موجب حملي ۾ زخمي ٿيل ٻن ماڻهن جي حالت نازڪ آهي.

ڪراچي ۾ دهشت گردي جو خطرو موجود، مڪمل نيٽ ورڪ ناهي پڪڙيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ دهشت گردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي صوبائي گهرو وزير ضيءُ الحسن لنجار چيو آهي ته رئيس ڳوٺ ۾ دهشت گرد نيٽورڪ خلاف سيڪيورٽي ايجنسين ۽ سي ٽي ڊي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، شروعاتي ڪارروائي دوران پهريون هڪ دهشت گرد گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي نشاندهي تي ٻيا ٻه ساٿي به گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته مڪمل نيٽورڪ اڃان قانون جي گرفت ۾ ناهي آيو، جيئن انٽيليجنس ايجنسيون، سي ٽيڊي ۽ اسپيشل برانچ پيشيوارڻي مهارت سان ڪم ڪري رهيون آهن، اميد آهي ته سمورا نيٽ ورڪ جا دهشت گرد پڪڙيا ويندا، ائيرپورٽ تي چيني شهرين تي حملي کان پوءِ سڀني سڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ادارن کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي، ۽ مختلف وقتن تي دهشتگرد عناصر جي شڪست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي، بلوچستان ۾ به سيڪيورٽي ادارا، اسپيشل برانچ، سي ٽي ڊي ۽ آءِ بي گڏجي دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رکيا آهن، جوائنٽ آپريشنز تحت گرفتاريون ۽ ڪارروايون مسلسل جاري آهن ۽ جڏهن ته خطرا موجود آهن، ڪراچي جيئن ته ملڪ جو انتهائي اهم شهر ۽ تجارتي مرڪز آهي، ان جي تحفظ کي ترجيح ڏني وئي آهي، الحمدلله ائيرپورٽ حمله کانپوءِ ڪراچي ۾ ڪا وڏي دهشتگردي وارو واقعو پيش نه ٿيو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انٽيليجنس ايجنسيون، سي ٽي ڊي ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا هر وقت متحرڪ آهن ۽ بروقت ڪارروايون ڪري رهيا آهن، گرفتار دهشت گردن جا سويلين هدف هئا، جڏهن ته وڌيڪ جاچ کانپوءِ واضح ٿيندو ته ڪهڙن علائقن يا هنڌن کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو هو، دهشت گردن جي بروقت گرفتاري سان ڪراچي هڪ وڏي امڪاني تباهي کان بچي ويو، ٻئي طرف ڪراچي ۾ ڌماڪا خيز مواد برآمد ٿيڻ بعد گرفتار دهشتگردن جي نشاندهي تي وڌيڪ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيلن ۾ عورتون پڻ شامل آهن، سڪيورٽي ذريعن موجب ڌماڪا خيز مواد جي تياري لاءِ استعمال ٿيندڙ سامان مختلف هنڌن تان خريد ڪيو ويو، جڏهن ته دهشتگردن پاران ڪيترن مهينن کان منصوبا بندي جاري هئي، ڌماڪيدار مواد هٿ اچڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو، جيڪو سي ٽي ڊي ۾ سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ دهشت گردي ۽ ايڪسپلوزو ايڪٽ جون شقون شامل ڪيون ويون آهن، ڪيس ۾ ڪالعدم بي ايل اي جي ڪمانڊر بشير زيب ۽ سندس ساٿين کي نامزد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.