پاڪستان جو ٽيڪس نظام ناقابل برداشت، اين ايف سي صوبن تي ڪو احسان ناهي:اقبال احمد

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)ايف بي آر جي اڳوڻي ميمبر اقبال احمد چيو آهي ته  جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايف بي آر جي پنجن سالن واري پروجيڪشن کي سنجيده ۽ قابلِ اعتبار سمجهي ٿو، ته پوءِ واقعي هو داد جو مستحق آهي.حقيقت اها آهي ته هن سال جو ٽارگيٽ 14,130 ارب رپيا هوصرف پنجن مهينن ۾ ئي 450 ارب رپين کان وڌيڪ شارٽ فال ٿي چڪو آهي،گذريل سال به ٽارگيٽ حاصل نه ٿيو ايف بي آر گذريل ٻن ٽن سالن کان هڪ ئي فارمولو استعمال ڪري رهيو آهي،هن چيو ته هر ٽيڪس ريٽ وڌايو ويو آهي، مثال طورجيڪو ٽيڪس 2 سيڪڙو هو، اهو 6 سيڪڙو ڪيو ويونتيجي طور وچولي آمدني وارو ماڻهو به 50 سيڪڙو تائين ٽيڪس ڏئي رهيو آهي اهڙو نظام نه پائيدار آهي، نه عملي،هن چيو ته ٽيڪس وڌائڻ جو لاڙو آمدني وڌائڻ بدران معيشت کي وڌيڪ دٻائي ٿو مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ ٽيڪسن جي ورڇ واري فارمولي کي ٻيهر ڏسڻ جي ضرورت آهي؟ جي سوال تي هن چيو ته ها، پر ان لاءِ آئين، سماجي معاهدي ۽ سياسي حقيقتن کي سمجهڻ ضروري آهي،اين ايف سي ايوارڊ صوبن تي ڪو “احسان” ناهي،اهو آئين ۾ ڏنل حق آهي،صوبن ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو اختيار مرڪز کي ڏنو پر ٽيڪس آخرڪار صوبن جي عوام کان ئي گڏ ٿيندو آهي،مرڪز کي گهرجي ته صوبن کي “بار” نه سمجهي پر وفاقي شراڪتدار سمجهي،هن چيو ته زرعي آمدني ٽيڪس ۾ وڏي گنجائش ناهي،پراپرٽي ٽيڪس اڳ ئي ماڻهن لاءِ ڳرو آهي،ويلٿ ٽيڪس (Wealth Tax) ٻيهر لاڳو ڪيو وڃي ماضي ۾ ويلٿ ٽيڪس جو وڏو حصو پراپرٽي مان ايندو هو،2000ع کان پوءِ ختم ڪيو ويو،هن چيو ته صوبن طرفان غير متحرڪ ملڪيت تي مرڪز طرفان متحرڪ اثاثن تي ويلٿ ٽيڪس سان جي ڊي پي جو هڪ ٻه سيڪڙو اضافو ممڪن آهي، يعني 2500 ارب رپيا تائين آمدني ٿي سگهي ٿي،هن چيو ته نيشنل ٽيڪس ڪائونسل  ڇو غير فعال آهي ؟مرڪز ۽ صوبن لاءِ گڏيل فورم هجڻ گهرجي،پر عملي طور غير فعال آهي،سالن کان ميٽنگ ئي ناهي ٿي،هن چيو ته ايف بي آر جي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي تي آءِ ايم ايف سان ٽارگيٽ ٻيهر ڳالهين کانسواءِ ڪو رستو ناهي جيستائين ٽيڪس قانونن ۽ رولز ۾ ترميم نه ٿيندي ٽيڪس پاليسي آفيس صرف ڪاغذي سڌارو رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.