مٽياري (عوامي آواز رپورٽ)هالا ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ مسافر وين ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب چار مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 کان مٿي زخمي ٿي پيا، ريسڪيو ذريعن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن قومي شاهراهه تي ٽرالر مسافر وين تي چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار چار مسافر موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ يارنهن مسافر سخت زخمي ٿي پيا، حادثي سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته وين ۾ ڦاٿل مسافرن کي ڪرين جي مدد سان ٻاهر ڪڍيو ويو. زخمين ۽ فوتين کي کڻڻ لاءِ ريسڪيو ٽيمون فوري طور متحرڪ ٿي ويون، واقعي جي اطلاع ملڻ تي مقامي پوليس ۽ انتظاميا به موقعي تي پهتيجن فوتين ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال هالا منتقل ڪيو. پوليس موجب حادثي کان پوءِ ٽرالر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٽرالر کي قبضي ۾ وٺي قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.