قمبر ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ جسقم ڪارڪنن طرفان ريلي

قمبر (رپورٽ:محمود شيخ) قمبر ۾ معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جسقم طرفان مرڪزي ناڻي واري سيڪريٽري عزيز الرحمان شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي ڪارڪنن پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاجي ريلي سان خطاب ڪندي اڳواڻن عزيز الرحمان شيخ، شاهجهان ڪلهوڙو، خالق چانڊيو، حسينن بخاري، محسن شيخ ۽ ٻين چيو ته وڏي ستم ظريفي آهي جو  ڪيترن ئي سالن کان هڪ معصوم پريا ڪماري گم آهي ۽ حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي سُري، اسين سمجهون ٿا ته پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙ ۽ اقتداري ڌر ۾ ويٺل پ پ پ جا حڪمران هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، جيڪي هن سنڌي قوم کي نام نهاد بازيابي جي نالي تي پوليس آپريشن ڪرائي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، ڇا اغواڪار رياست کان ايترا ڏاڍا ٿي ويا آهن، جو رياست هڪ معصوم نينگري جي بازيابي لاءِ به مختلف ٽال مٽول ڪري رهي آهي، سنڌي قوم ٻيهر منظم ٿي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ هڪ طاقتور جدوجهد ڪندي ۽ جيستائين پريا ڪماري بازياب نه ٿي ٿئي تيستائين جسقم جا ڪارڪن سندس آزاديءَ لاءِ جدوجهد جاري رکندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.