سنڌ هاءِ ڪورٽ ٺٽو اقتصادي زون ۾ ٽيڪس وصولي کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٺٽي اقتصادي زون ۾ بائونڊري وال ٽيڪس جي جبري وصولي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت اسٽي آرڊ جاري ڪندي  ضلعي ڪائونسل ٺٽو کي ٽيڪس وصولي کان روڪي ڇڏيو، عدالت سنڌ حڪومت، ضلعي ڪائونسل ٺٽو ۽ ڊائريڪٽر ٽيڪس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواست گذار جي وڪيل صلاح الدين گنڊاپور ايڊووڪيٽ چيو ته اقتصادي زون 2020 ۾ پاڪ-چين معاهدي تحت قائم ڪيو ويو هو، چين اقتصادي زون ۾ 60 سيڪڙو سيڙپڪاري ڪئي آهي، قانوني طور تي، ضلعي ڪائونسل کي اقتصادي زون مان ٽيڪس وصول ڪرڻ جو اختيار ناهي، ضلعي ڪائونسل ٺٽو درخواست ڏيندڙن کان 200 رپيا في چورس فٽ ٽيڪس طلب ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.