ن ليگ پاران اقتدار کان ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ محفوظ رستي جي تياري؟

اسلام آباد (اسد طور) ملڪ جي سياسي حلقن ۾ هڪ اهم امڪاني رابطي بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن، جنهن تحت عمران خان، وزيراعظم شهباز شريف، نواز شريف، صدر آصف علي زرداري ۽ آرمي چيف، فيلڊ مارشل عاصم منير وچ ۾ ڳالهين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. سوال اهو اٿاريو پيو وڃي ته ڇا جيل جا در کوليا ويندا، ڇا عمران خان ٻاهر ايندو يا سياسي سطح تي ڪا وڏي ملاقات ٿيڻ وڃي رهي آهي.  گذريل رات وزيراعظم جي سينيٽر ۽ سياسي معاملن بابت اهم شخصيت راڻا ثناءُ الله، پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ حميد مير سان ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان پهرين پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان فوجي قيادت خلاف تنقيد بند ٿيڻ گهرجي. ان کان پوءِ پنجن اهم اڳواڻن کي ويهي ڳالهائڻو پوندو، جنهن سان ملڪ کي درپيش سياسي بحران جو حل نڪري سگهي ٿو. اهڙي تجويز ان ڳالهه جو اظهار آهي ته حڪومتي حلقن، خاص طور تي نون ليگ اندر، پنهنجي سياسي مستقبل بابت ڳڻتي وڌي  رهي آهي. پي ٽي آءِ کي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته پارٽي جا لڳ ڀڳ 15 اهم سوشل ميڊيا اڪائونٽس، جن ۾ عمران خان جو ايڪس (ٽوئيٽر) اڪائونٽ، پي ٽي آءِ جو سرڪاري اڪائونٽ، يوٽيوب ۽ فيس بڪ جا پيج شامل آهن، انهن تان فوج بابت اڳ ۾ ڪيل تنقيد هٽائي وڃي ۽ مستقبل ۾ اهڙي مواد کان پاسو ڪيو وڃي. ان کان پوءِ ئي باضابطا ڳالهين جو عمل اڳتي وڌي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته اهڙو ڪو به فيصلو عمران خان جي رضامندي کانسواءِ ممڪن ناهي. پارٽي قيادت جو چوڻ آهي ته عمران خان سان جيل ۾ ملاقات کان پوءِ ئي ڪنهن اڳڀرائي بابت سوچيو وڃي سگهي ٿو. ٻئي طرف نون ليگ ۽ ٻين سياسي ڌرين جو خيال آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي جيل مان ڪڍي ڳالهين لاءِ تيار ڪيو وڃي ته ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ گهٽجي سگهي ٿي ۽ اميد جي فضا بحال ٿي سگهي ٿي. هن وقت نون ليگ بنيادي رانديگر طور نظر اچي ٿي، پر ان وٽ عوامي حمايت گهٽجي چڪي آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان به لاڳاپا اڳ جهڙا ناهن رهيا. ان جي ابتڙ عمران خان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه خاص ناهي، تنهنڪري هو پنهنجي موقف تي قائم آهي. جيڪڏهن کيس موقعو ملي ته هو آزادي، سياسي اسپيس ۽ ايندڙ چونڊن تائين رليف جي شرط تي ڪنهن ڊيل لاءِ تيار ٿي سگهي ٿو. نون ليگ عمران خان سان ڳالهين ذريعي پنهنجي سياسي حيثيت ٻيهر بحال ڪرڻ چاهي ٿي، جيئن فوج ڏانهن وڃايل سياسي اسپيس ٻيهر حاصل ڪري سگهجي. جيڪڏهن واقعي اڊيالا جيل جا دروازا کوليا وڃن ۽ سڀ ڌريون وزيراعظم هائوس، ايوان صدر يا آرمي هائوس ۾ گڏ ويهن، ته ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ نمايان گهٽتائي اچي سگهي ٿي ۽ عوام ۾ اميد پيدا ٿي سگهي ٿي. بهرحال نون ليگ جي ڪوشش اها به نظر اچي ٿي ته اقتدار کان الڳ ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ لاءِ ڪو محفوظ رستو تيار ڪيو وڃي، ڇو ته عوامي حمايت هاڻي محدود رهجي وئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  ڇنڇر 03 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.