”ڪاوڙيل ماڻهن کي حب الوطني جو ليڪچر ڏئي چپ نٿو ڪرائي سگهجي“

لاهور (امداد سومرو) سوشل ميڊيا تي زروين نظاماڻي جي مضمون تي گوڙ متل آهي. اهو سادو مضمون هو جنهن کي بعد ۾ هٽايو ويو هو. پهريان شايد اهو هزارين ماڻهن پڙهيو هجي پر هاڻي ان کي لکين ماڻهو پڙهي رهيا آهن. هاڻي ان جا ترجمو ٿيل اسڪرين شاٽ وائرل ٿي ويا آهن. مضمون ۾ عام ڳالهيون لکيل هيون، ۽ اهو ٻڌايو ويو هو ته حب الوطني ڪيئن پيدا ٿئي ٿي. اها هڪ عالمي حقيقت آهي ته حب الوطني زبردستي پيدا نٿي ڪري سگهجي. ڪنهن کي زور ڏئي محب وطن نٿو بڻائي سگهجي. وطن سان محبت پاڻمرادو ٿيندي آهي. اسان کي پنهنجي ڌرتي سان هر حالت ۾ پيار آهي. شڪايتون ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو غير محب وطن آهي. جيڪي ماڻهو نظام کان ناراض هوندا آهن، انهن کي ليڪچر ڏئي يا بار بار حب الوطني جو سبق پڙهائي خاموش نٿو ڪري سگهجي. مضمون ۾ جنريشن زي جو ذڪر هو ته هن نسل کي زبردستي قابو نٿو ڪري سگهجي، ۽ اها ڳالهه غلط به ناهي. نئين نسل کي  به ساڻ کڻي هلڻو پوندو. ضروري ناهي ته هو هر ڳالهه ۾ صحيح هجن، پر زبردستي انهن کي چپ نٿو ڪرائي سگهجي. دنيا جا اهي ملڪ ڪامياب ٿيا آهن جن نئين نسل کي گڏ کنيو، ۽ جن ائين نه ڪيو، اتي جنريشن زي سمورا نظام اٿلائي ڇڏيا. انسان جي تاريخ ۾ هر نئين نسل اڳئين کان وڌيڪ تيز، هوشيار ۽ اڳتي وڌيل رهي آهي. اهو ممڪن ناهي ته اسان جا ٻار سوچ ۽ سمجهه ۾ اسان کان پوئتي هجن. رخ ڪڏهن غلط ٿي سگهي ٿو، پر تجربو ۽ سندن ذهانت گڏ ڪجي ته بهتر نتيجو نڪري ٿو. پابنديون لڳائڻ سان ڪڏهن به مسئلا حل ناهن ٿيندا. ڳالهه ٻڌڻي پوندي ۽ پوءِ پنهنجي ڳالهه رکڻي پوندي. صرف ٻڌائڻ، پر ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئڻ ممڪن ناهي. خيال رهي ته زورين نظاماڻي قيصر نظاماڻي ۽ فوزيا قاضي جو پٽ آهي، جيڪي پاڪستان جا مشهور اداڪار آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  ڇنڇر 03 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.