سنڌ پوليس جي نئين آءِ جي کي سال جا ٽارگيٽ طئي ڪري ڪم جي شروعات ڪرڻ گهرجي

اسان گذريل ڪجهه ايڊيٽوريل ان موضوع تي لکيا آهن ته سال اچڻا وڃڻا آهن، اهي پاڻمرادو ڪنهن کي تبديل نٿا ڪري سگهن پر ان تبديلي لاءِ پاڻ کي ڪجهه سوچڻو ۽ لوچڻو پوندو آهي. ان حوالي سان پاڻ تجويز ڏني هئي ته گذريل سال جو جائزو وٺي  ان روشنيءَ ۾ نئين رٿابندي سان نئين سال ۾ داخل ٿيڻ گهرجي. ٻيو ايڊيٽوريل لکيو هيوسين ته سال 2026 ڪيئن گذارجي ان ۾ به اسان  حڪومتن، سياسي، سماجي ادبي تنظيمن کي مشورو ڏنو هيوسين ته پنهنجي گذريل سال جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي ان روشني ۾ نئين حڪمت عملي ۽ ٽارگيٽ سان نئين سال ۾ داخل ٿيڻ جو سوچڻ گهرجي.

ان حوالي سان عوامي آواز ۾ ڪالهه 2 جنوري تي شايع ٿيل ان وي لاگ کي اڄ جو موضوع بڻائجي ٿو جنهن ۾ امداد سومري چيو آهي ته ”نئين سال سان گڏ ئي سنڌ ۾ پوليس جي ڪمان تبديل ٿي وئي آهي. نئين ڪمان يا نئين قيادت لاءِ ڪهڙا چئنلجز هوندا ۽ ڇا اهي انهن چئلينجز جو مقابلو ڪري سگهندا. سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل جاويد عالم اوڍو چارج سنڀالي ورتي آهي، جڏهن ته ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين ڏسجي ته امن امان جي صورتحال تسلي بخش ناهي. ڪڏهن اهڙو واقعو ٿي وڃي ٿو جنهن مان لڳي ٿو ته پوليس مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. جڏهن ته نئين دور ۾ ڪرائيم کي بهتر پوليسنگ ۽ ٽينڪالاجي (جهڙوڪ سي سي ٽي وي ۽ سيف سٽي سسٽم) سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. پر اهو چئيلنج آهي جيڪو نئين آءِ جي سنڌ جي آڏو هوندو. ان کان  علاوه سنڌ جي اترين علائقن ۾ ڌاڙيل راڄ، قبيلائي خوني جهيڙا ۽ ڀوتارن جي ڏوهارين کي مليل سرپرستي وارا معاملا پڻ آهن جيڪي ختم ڪرڻا پوندا. اسان سمجهون ٿا ته نئين سال 2026 سنڌ لاءِ پاڻ سان گڏ نئون انسپيڪٽر جنرل به آندو آهي اتفاق سان 31 ڊسمبر تي اڳوڻو آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ رٽائرڊ ٿي ويو هو ۽ ان جي جاءِ تي جاويد عالم اوڍي کي نئين آءِ جي طور مقرر ٿيڻ جو موقعو مليو آهي. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي کي نئين سال وانگر هڪڙين اميدن ۽ نيڪ تمنائن سان ڏٺو وڃي ٿو پر ڇا جاويد عالم اوڍو پاڻ به ايئن محسوس ڪري ٿو ۽ نئين سال جهڙو اتساهه وٺي ڇا غير معمولي ڪارڪردگي جو پلان ۽ چئيلنج رکي ٿو. اسان جو خيال آهي ته سندس آءِ جي سنڌ طور هڪ اهڙي موقعي تي مقرري ٿي آهي جنهن مان کيس اتساهه وٺڻ گهرجي ۽ سال 2026 جا پنهنجي لاءِ ٽارگيٽ مقرر ڪري ۽ پوءِ انهن ٽارگيٽ کي آڏو رکي ڪارڪردگي ڏيکاري.

هونئن ته آءِ جي سنڌ جون جيڪي ذميواريون ۽ گهرجون آهن تن کان هي سينئر پوليس آفيسر به يقينن واقف هوندو پر پوءِ به اسان جي کيس صلاح آهي ته هو سال 2026 لاءِ پنهنجي حصي جا ٽارگيٽ طئي ڪري ان رٿابندي سان جيڪڏهن نئين سال ۾ پنهنجي ڪم جي شروعات ڪندو ته يقينن سندس ڪم درست رخ ۾ ٿيندو پاڻ ان پاسي نٿو سوچي ته پوءِ کيس عوامي آواز جو هي ايڊيٽوريل کيس ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪرائي ٿو.

نئين سال 2026 سان گڏ نيئن آءِ جي سنڌ طور مقرر ٿيل سينيئر پوليس آفيسر جاويد عالم اوڍي کي جيڪي وڏا چئيلنج آهن تن مان ڪجهه امداد سومري جي وي لاگ ۾ آهن ۽ ڪجهه اسان تجويزن طور رکون ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ رکڻ آءِ جي  سنڌ جي اولين ذميواري آهي، ان کان علاوه ڌاڙيل  راڄ، قبيلائي جهيڙن جي آڙ ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ ۽  وڏيرڪو نظام آهي جيڪو کيس ختم ڪرڻ جي ”مشن“ طور  هٿ ۾ کڻڻ گهرجي. اهي وڏا مقصد ڪيئن ماڻي سگهجن ٿا ان تي سوچڻ آءِ جي سنڌ جو ڪم آهي.

اسان جي کيس اها تجويز آهي ته هو آءِ جي سنڌ  طور پنهنجي ڪارڪردگي کي مثالي، يادگار ۽ تاريخي بڻائڻ لاءِ هڪ گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي سگهي ٿو جنهن ۾ هو سنڌ جي پراڻن ۽ رٽائرڊ آءِ جيز، سينئر پوليس آفيسرن، صحافين دانشورن ۽ ڪامورن کي گهرائي انهن کان تجويزون وٺي سگهي ٿو ۽ پوءِ انهن مليل تجويزن کي پاليسي يا ٽارگيٽن جي شڪل ڏئي ان رٿابندي سان هن نئين سال ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن آءِ جي سنڌ اهڙي گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي ٿو ته ان مان کيس ڪيتريون ئي سٺيون سٺيون ۽ نيون تجويزون ملي سگهن ٿيون، جن تي عمل ڪرڻ سان نه صرف سندس آءِ جي سنڌ واري ڪارڪردگي انفرادي طور تي بهترين رهندي پر ان سان مجموعي طور تي پوليس جي ڪارڪردگي به بهتر ٿيندي جنهن جو فائدو سنڌ جي عوام کي رسندو.

آءِ جي سنڌ جاويد اوڍي کي اهو به ڏسڻو پوندو ته پوليس  جي ساک ڪيئن عوام ۾ بهتر ڪجي ۽ ڪيئن ان کي ”عوام دوست پوليس بڻائجي“. اسان وٽ ايف آءِ آر درج ڪرائڻ جو نظام به ڪو اتساهيندڙ ناهي جو عوام پاڻ سان ٿيل وارداتن ۽ واقعن کي تر تڪڙ ۾ پوليس ٿاڻي تي رپورٽ ڪرائي. هتي جيترو ايف آءِ آر داخل ڪندڙ جوابدارن کي پوليس جون پريشانيون ۽ تڪليفون ڏسڻيون پونديون آهن ايتري ته تڪليف ڏوهارين کي به ناهن ڏيندا. اسان جو پوليس نظام ڏسجي ته ڏوهارين لاءِ وڌيڪ سازگار آهي هتي عام ۽ شريف ماڻهن کي پوليس وڌيڪ تنگ ڪندي آهي جنهن جو نئين سري سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. اسان هن موقعي تي آءِ جي سنڌ کي اها به صلاح ڏينداسين ته اهو هر ضلعي، تعلقي ۽ يوسيز سطح تي ڏوهارين جي نالن جو ريڪارڊ هر ٿاڻي تي رکرائي ۽ پوءِ انهن ڏوهارين جي چرپر تي پوليس جي نظر هجي. ان سان گڏ هٿيارن کي هٿ ڪرڻ جو به لاڳيتو  آپريشن ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڏوهارين کي هٿيارن سان واردات ڪرڻ جو موقعو نه ملي. ايئن موبائل چورن ۽ ڦورو گروهن جا به نالا پوليس ٿاڻن وٽ درج هئڻ گهرجن ته  ۽ انهن جا فوٽو اشتهاري ڏوهاري طور گهٽين بازارن ۾ لڳائڻ گهرجن ته جيئن عام ماڻهو به انهن تي نظر رکي سگهن.

مطلب ته پوليس کاتي ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. گهڻي ڪم جي گنجائش آهي تنهن ڪري سنڌ پوليس جي سربراهه کي هڪ تمام وڏي چئيلنج سمجهي ڪري ۽ جامع رٿابندي سان اها ذميواري سنڀالڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.