اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي رياستي ادارن خلاف ڊجيٽل دهشتگردي واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت يوٽيوبر عادل راجا، صحافي وجاهت سعيد خان، صابر شاڪر ۽ شاهين صهبائي، اينڪر پرسن حيدر رضا مهدي، تجزيه نگار معيد پيرزاده ۽ اڳوڻي فوجي آفيسر اڪبر حسين کي ٻه ٻه عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. اي ٽي سي اسلام آباد ۾ پراسڪيوشن طرفان ڊجيٽل دهشتگردي واري ڪيس ۾ گڏيل طور تي 24 شاهدن کي پيش ڪيو ويو، جج طاهر عباس ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌايو. پراسڪيوشن طرفان راجا نويد حسين ڪياني عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته جوابدارن طرفان ايڊووڪيٽ گلفام اشرف گورايا پيش ٿيو، ايڊووڪيٽ گلفام گورايا کي عدالت طرفان وڪيل مقرر ڪيو ويو هو، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ موجب جوابدارن جي غير موجودگي ۾ ٽرائل ڪري سگهجي ٿو. عدالت ڊجيٽل دهشتگردي واري ڪيس ۾ عادل راجا، حيدر مهدي، وجاهت سعيد، صابر شاڪر ۽ معيد پيرزادا کي ٻه ٻه ڀيرا جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي ٻين قلمن ۾ پڻ گڏيل طور 35 سال قيد ۽ هر هڪ کي 15 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالت پراسڪيوشن جي استدعا تي جوابدارن جي غير موجودگي ۾ ٽرائل مڪمل ڪري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو. واضح رهي ته آبپارا ٿاڻي واري ڪيس ۾ صابر شاڪر، معيد پيرزادا ۽ سيد اڪبر حسين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته شاهين صحبائي، حيدر مهدي ۽ وجاهت سعيد کي پڻ سزا ٻڌائي وئي، ان کانسواءِ رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ شاهين صحبائي ، حيدر مهدي ۽ وجاهت سعيد کي سزا ٻڌائي وئي.