ڪراچي ۾ مائي ڪلاچي ڀرسان گٽر مان 2 عورتن، ٻار ۽ مرد جا لاش هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي مائي ڪلاچي ڀرسان هڪ گٽر چار ماڻهن جا لاش مليا، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ٻڌايو ته گٽر مان هڪ مرد، ٻه عورتن ۽ هڪ ٻار جو لاش مليو آهي، اسد رضا موجب مائي ڪلاچي مان ملندڙ اهي لاش لڳ ڀڳ 10 کان 15 ڏينهن پراڻا آهن، جن کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ريسڪيو عملدارن کي علائقي جي رهواسين  طرفان اطلاع مليو هو ته مين هول ۾ هڪ لاش موجود آهي، جڏهن لاش ڪڍي پٿر هٽايا ويا ته وڌيڪ ٽي لاش به مليا، پوليس عملدارن موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ کان پوءِ ئي موت جو سبب معلوم ٿي سگهندو، جڏهن ته گٽر ۾ لاشن کي لڪائڻ لاءِ سرون ۽ پٿر به وڌا ويا هئا، پوليس يا ريسڪيو عملدارن ان ڳالهه جي تصديق نه ڪئي ته هٿ آيل لاشن تي تشدد جا نشان موجود آهن يا نه، پوليس عملدارن موجب جاچ ٽيم واقعي بابت سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي گٽر مان چار لاش ملڻ جي واقعي جو وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ تيز رفتار سوزوڪي جي ٽڪر سبب مهمان ٻارڙي فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ماڙي پور مڇر ڪالوني صدام چوڪ ڀرسان تيز رفتار سوزوڪي پڪ اپ جي ٽڪر سبب هڪ معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪالوني صدام چوڪ وٽ تيز رفتار سوزوڪي پڪ اپ ٻارڙي کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب هوءَ سخت زخمي  ٿي ۽ فوت ٿي وئي، فوت ٿيل نينگري جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايس ايڇ او ڊاڪس نند لعل ٻڌايو ته فوت ٿيل ٻارڙي جي سڃاڻپ 7 ورهين جي زينب ڌيءَ فيصل جي نالي سان ڪئي وئي، حادثي کان پوءِ سوزوڪي پڪ اپ جي ڊرائيور زخمي حالت ۾ نينگري کي اسپتال پهچائڻ لاءِ رڪشا ۾ ويهاريو، پر پاڻ گاڏي واقعي واري هنڌ ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس موجب سوزوڪي پڪ اپ کي تحويل ۾ ورتو آهي، پوليس ٻڌايو ته فوت ٿيل زينب ڪورنگي جي رهواسڻ هئي، جيڪا پنهنجن مٽن مائٽن جي گهر مهمان طور آئي هئي، هوءَ گهر ٻاهران روڊ تي ٻين ٻارن سان گڏ کيڏي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي وئي.

حيدرآباد ۾نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ھڪ نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو. جنھن کي پوليس کڻائي اسپتال ۾ رکرائي ڇڏيو آهي، مڪي شاھ ٿاڻي جي حد ڪينٽ قبرستان جي مان ھڪ 30 سالن جي اڻڄاتل  نوجوان جو لاش هٿ آيو، ماڻھن جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب نوجوان کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو ۽ لاش جي مٿان سيمينٽ جو بلاڪ رکيو ويو ھو، جنھن کي کڻائي اسپتال ۾ رکيو ويو آهي، لاش جي سڃاڻپ رات تائين نه ٿي سگھي ھئي.

لانڍي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾موٽرسائيڪل سوار عورت فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ٽرالر جي ٽڪر سبب موٽرسائيڪل هلائيندڙ عورت فوت ٿي وئي، پوليس موجب فوت ٿيل عورت پاڻ موٽرسائيڪل هلائي رهي هئي، حادثي کان پوءِ 10 ويلر  ٽرالر جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس ٽريلر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور  جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي، فوت ٿيل موٽرسائيڪل سوار ڇوڪري جي گهروارن ٻڌايو ته بشريٰ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ پراڻن ڪپڙن جي فيڪٽري ۾ انچارج هئي، گهروارن جو چوڻ آهي ته بشريٰ جي اوڪاڙا ۾ تدفين کان پوءِ قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي ويندي، ان کان اڳ اختر ڪالوني سگنل تي به ٽرالر جي ٽڪر سبب پنڌ هلندڙ شخص فوت ٿي ويو هو .

ڪراچي ۾ پوليس مقابلي دوران رڪشا ۾ ويٺل شاگردياڻي مارجي وئي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي نمبر 6 ۾ چراغ هوٽل ڀرسان مبينا پوليس مقابلي دوران گولي لڳڻ سبب رڪشا ۾ ويٺل 17 ورهين جي شاگردياڻي مارجي وئي، ريسڪيو عملدارن موجب پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلي دوران مارجي ويل  ڇوڪري جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 17 ورهين جي ڪومل نالي سان ٿي، مارجي ويل نينگري فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي هئي، ڇوڪري جي گهروارن ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو ڪورنگي نمبر 6 مارڪيٽ ڀرسان مبينا پوليس مقابلي دوران پيش آيو، ڇوڪري پنهنجي امڙ ۽ ننڍي ڀاءُ سان گڏ ناني جي گهران واپس اچي رهي هئي، وارثن جو چوڻ آهي ته مبينا پوليس مقابلي دوران فائرنگ سبب رڪشي جو ڊرائيور به ٻانهن ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو پر زخمي رڪشي ڊرائيور ڪيڏانهن ويو ان بابت ڪجهه به ڄاڻ ناهي، والد موجب مقتولا ڪومل ٻن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هئي، ڪورنگي نمبر 6 مارڪيٽ ۾ مبينا پوليس مقابلي جون وڊيوز به حاصل ڪيون ويون آهن، پوليس جي  دعويٰ آهي ته مبينا مقابلي دوران مولا بخش نالي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو، ايس ايس پي ڪورنگي فدا حسين جانوري ٻڌايو ته عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حدن ۾ ٻه ڏوهاري بئنڪ مان رقم ڪڍرائي نڪرندڙ شهري کان ٽي لک رپيا ڦري فرار ٿي رهيا هئا، جنهن دوران ڪورنگي نمبر 6 مارڪيٽ ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ آمهون سامهون مقابلو ٿيو، هڪ ڏوهاري ڦريل رقم کڻي فائرنگ ڪندو فرار ٿي ويو، پوليس آفيسر موجب رڪشا کي گولي هلندي لڳي پر مارجي ويل شاگردياڻي کي ڪهڙي پاسي کان گولي لڳي ان جو تعين نه ٿي سگهيو، واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري ٽيم جوڙي وئي آهي، جيڪا ايس ڊي پي او لانڍي  فائزه ڪري رهي آهي، جاچ ۾ ايس ايڇ او لانڍي ۽ ايس آءِ او پڻ شامل آهن، جيڪڏهن واقعي ۾ پوليس جي غفلت يا لاپرواهي ثابت ٿي ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي پوليس مقابلي دوران شاگردياڻي جي مارجڻ واري واقعي جو صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس ورتو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي ڪورنگي کان واقعي جا مڪمل تفصيل طلب ڪري ورتا، صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته واقعي جي غير جانبدار، شفاف ۽ جامع انڪوائري ڪري سموريون حقيقتون منظر عام تي آنديون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.