اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي مشهور هائوسنگ سوسائٽي پارڪ ويو سٽي ۾ نئين سال 2026 جي آمد جي موقعي تي وڏي پيماني تي جشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، تقريب دوران شاندار آتشبازي پڻ ڪئي وئي، جنهن کي شرڪت ڪندڙن طرفان تمام گهڻو ساراهيو ويو، جشن دوران ڪجهه ناخوشگوار واقعا به پيش آيا، جن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، وائرل وڊيوز ۾ ڪجهه نوجوانن کي سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندي ڏسي سگهجي ٿو، وڊيوز موجب نوجوانن پارڪ ۾ لڳل بينچون، ڪنڊي تارون ۽ ٻيون تنصيبات ٽوڙي ڇڏيون، جڏهن ته ڪجهه شيون ويجهي پاڻي ۾ اڇلائيندي به نظر آيون،سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ٻين وڊيوز ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان لاٺي چارج جا منظر پڻ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته اها ڪارروائي ان وقت ڪئي وئي، جڏهن بنا ٽڪيٽ ڪنسرٽ ايريا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ماڻهن سيڪيورٽي تي پٿراءُ ڪيو، واقعي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل سامهون آيو، خرم اقبال لکي ٿو ته هي عليم خان جي اسلام آباد ۾ واقع هائوسنگ سوسائٽي پارڪ ويو سٽي آهي، اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته نوجوانن کي ڪهڙي ڳالهه تي ڪاوڙ هئي، پر اهڙي صورتحال تي افسوس کان سواءِ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، سندس چوڻ آهي ته ملڪ کي ڀلي پيرس جهڙو ئي ڇو نه بڻايو وڃي، اهڙا منظر پوءِ به ڏسڻ ۾ ايندا رهندا.