برطانيا ۾ عمران خان جي تصوير تي ڪاري مس اڇلائي وئي

لنڊن (م ڊ) برطانيا ۾ هڪ مشهور ٽرڪ، جنهن تي اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي تصوير وارو پوسٽر لڳل هو، نامعلوم ماڻهن طرفان نقصان جو شڪار بڻايو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽرڪ تي لڳل عمران خان جي تصوير تي ڪاري مس اڇلائي وئي آهي، جنهن بعد پي ٽي آءِ جي حمايتي صارفين طرفان سخت ردعمل سامهون آيو، سوشل ميڊيا تي هڪ واهپيدار لکيو آهي ته هاڻي برطانيا ۾ هر هنڌ ردعمل طور عمران خان جي تصويرن وارا ٽرڪ نظر ايندا، پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جو چوڻ آهي ته ڪجهه ماڻهو عمران خان ۽ سندس تصوير سان ايتري نفرت ڪن ٿا جو هو اهڙا قدم کڻڻ لاءِ به تيار ٿي وڃن ٿا، ارم جعفري چيو آهي ته شايد انهن کي اندازو ئي ناهي ته هتي هزارين گاڏين تي عمران خان جون تصويرون لڳل آهن، ريسٽورنٽن ۽ دڪانن ۾ به تصويرون موجود آهن، جيڪڏهن هڪ تصوير هٽائيندا ته اسان ڏهه وڌيڪ لڳائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.