ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ملير نشترآباد ريلوي ٽريڪ ڀرسان مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل ڏوهاري 12 ورهين جي ٻار جي قتل ۾ ملوث هو، ملير نشترآباد ريلوي ٽريڪ ڀرسان ٿيل مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار ڦرلٽ دوران 12 ورهين جي ٻار کي قتل ڪيو هو ۽ سندس امڙ کي زخمي ڪيو هو، ماڊل ڪالوني ٿاڻي جي حدن ۾ مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ محمد رضوان ولد فضل حڪيم طور ٿي آهي، جيڪو 15 مئي 2025 تي لانڍي ٿاڻي جي حدن ۾ ڦرلٽ دوران 12 ورهين جي ٻار امين عرف شانو کي قتل ۽ سندس ماءُ ناصره کي زخمي ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث هو، ڪيس جي جاچ ايس آءِ يو پوليس ڪري رهي هئي، جڏهن ته پوليس عملدارن موجب مارجي ويل جوابدار ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار محمد رضوان جي قبضي مان 30 بور پسٽل، لوڊ ٿيل ميگزين، گوليون ۽ سچل ٿاڻي جي حدن مان چوري ٿيل موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي.