ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي ملازمت مدي ۾ چئن سالن جي واڌ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي ملازمت واري مدي ۾ وڌيڪ چار سالن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي ملازمت واري مدي ۾ وڌيڪ چار سالن جي واڌ جي  منظوري ڏني آهي، هي منظوري ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي شاندار ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي ڏني وئي آهي، جنهن سبب وزيراعليٰ کي پنهنجي اڳوڻي پاليسي ۾ تبديلي آڻڻي پئي، گذريل ٻن سالن دوران وڏي وزير صوبي جي ڪنهن به وائس چانسلر کي ٻي مدت نه ڏني هئي ۽ ان حوالي سان سمورو سياسي ۽ سفارتي دٻاءُ به قبول ڪيو هو پر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي ڪارڪردگي سبب مراد علي شاهه کي فيصلو تبديل ڪرڻو پيو ۽  کيس وڌيڪ چار سال مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.