2025 جنگين جو سال رهيو

تحرير: خدا بخش بروھي۔

اسين جيڪڏھن مجموعي طور تي عالمي امن سياست ۽ رونما ٿيندڙ واقعن کي ڏسنداسين ته ڪافي سالن کان دنيا جو امن سواءِ ڪجهه ملڪن جي تباه ٿي ويو آھي پر جيڪڏھن محض، 2025 کي عالمي سياست ۽ عالمي امن جي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته هي سال انساني تاريخ جي انهن سڀ کان ڪارن بابن مان هڪ باب طور سامهون اچي ٿو، جتي جديد عالمي نظام، طاقتور ادارن ۽ بين الاقوامي قانون جي موجودگيءَ باوجود جنگ، خونريزي ۽ تباهيءَ جو سلسلو روڪجي ناھي سگهيو، خاص ڪري هن 2025 جي سال دوران غزه، فلسطين، ڪشمير، سوڊان، شام، يمن، لبنان ۽ يوڪرين ۾ هلندڙ تڪرارن لکين انساني زندگيون ڳڙڪائي ڇڏيون آھن جن ڪروڙين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو کربين ڊالرن جو مالي نقصان پهچايو آھي، جتي دنيا جو وھنوار بيچيني ۽ بحران واري ڪيفيت مان گذرندي ڏسجي ٿو، انهن سمورن بحرانن جي وچ ۾ گڏيل قومن جو ادارو، جيڪو عالمي امن جو وڏو چمپيئن سمجهيو وڃي ٿو، سو به ذري گھٽ ليگ آف نيشن ناڪامي وانگيان جيڪو عالمي جنگ جو سبب بڻجي ختم ٿي يا ايئن کڻي چئجي ته  عملي طور ناڪام نظر اچي رھيو آھي ان جو وڏو مثال دنيا جي ملڪن جا احتجاج خاص ڪري عرب ليگ مسلم اتحادي ملڪ يا چين سميت ڪيترن وچ ايشيا ۽ مغربي ملڪن جي خدشن احتجاجن باوجود ھي ادارو فلسطين ۽ ڪشمير ۾ امن قائم نه ڪري سگھيو آھي اتي اتر سوڊان اوڀر تيمور کي آزادي ملي ٿي پر مسلم ميجارٽي کي حق ڏيڻ ۾ ھو بيوس لاچار ٿو ڏسجي ان اندازو ٿو لڳي اھا ڪنھن ٻي طاقت جي ايجنڊا جي محتاج آھي

 گذريل سال 2025 جي جنھن ۾ خاص ڪري غزه ۽ فلسطين جو الميو 2025 ۾ انساني تاريخ جي بدترين سانحن مان هڪ بڻجي ثابت ٿيو آھي ھتي وڏي انساني نسل ڪشي کلي عام ٿيندي رھي اتي امريڪي ھٿيارن ۽ اختيارين جي زور تي انساني خون وھندو رھيو پر امريڪي اختيارين ويٽو ۽ جي مجرمانه خاموشي سبب جنگ بند نه ٿي سگھي ان ڪري بيگناه شھرين ٻارن، پوڙھن، عورتن ۽ عام شھرين جي لاشن ۽ زخمين مان اسپتالون ڀرجي ويون نه رڳو اسپتالون محفوظ رھيون پر امدادي ٽيمن کي اسرائيلي فوجين امداد ورھائڻ نه ڏنو ان ڪري بک بدحالي جلاوطني جو اھڙو قيامت خيز وقت شروع ٿيو جنھن انساني ڪنڌ جھڪائي ڇڏيا پر ٻئي پاسي نيتن ياھو سرڪار سندس يھودي لابي ۽ انھن جي پئسي تي پلجندڙ طاقتون تماشو ڏسڻ ۾ پوريون ھيون جيڪو سلسلو اڄ به نام نھاد جنگي بندي جي باوجود جاري ۽ ساري آھي جنھن کي مڪمل بند ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي۔

 بين الاقوامي امدادي ادارن موجب آڪٽوبر 2023 کان وٺي 2025 جي پڄاڻي تائين غزه ۾ 80 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار شامل آهن، جڏهن ته هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، جيڪو قتل و غارت چنگيزي بربريت وارو سلسلو اڃا تائين جاري آهي۔ غزه جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو بنيادي ڍانچو مڪمل طور تباه ٿي چڪو آهي، اسپتالون، اسڪول ۽ رهائشي علائقا کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويا آهن۔ مالي نقصان جو اندازو 40 کان 50 ارب ڊالرن تائين لڳايو پيو وڃي۔ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جون قراردادون، جنگ بنديءَ جون اپيلون، انساني حقن بابت رپورٽون، ايستائين جو عالمي عدالت انصاف جا فيصلا به سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو جي نذر ٿي ويا، جنهن گڏيل قومن جي باقي رهيل اخلاقي ساک کي به ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي۔جتي فلسطينين لوڙيو ۽ ڀوڳيو جان مال جي قربانيون ڏنيون   گڏوگڏ ڪشميرين سان گذريل 76 سالن کان انڊيا جي بربريت جو شڪار آھن لکين جانيون ضايع ٿيون آھن لکين زخمي ھزارين جيلن ڀوڳين ٿا پر اتي ساڳي قصو آھي اھو به گڏيل قومن جي ناڪاميءَ جو هڪ زنده مثال آهي۔ وري اتي شھيدن جو ڪاٿو لڳائينداسين ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري شهري مارجي چڪا آهن، جڏهن ته هزارين لاپتا ۽ لکين ماڻهو نفسياتي ۽ معاشي مسئلن جو شڪار آهن۔ 2019 کانپوءِ سياسي جبر، مواصلاتي پابنديون ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون لڳاتار جاري آهن۔ گڏيل قومن جي قراردادون هجڻ باوجود ڪشميري عوام اڄ به حقِ خود اراديت کان محروم آهي ۽ ادارو رڳو ڳڻتيء جي اظهار جي حد تائين محدود نظر اچي ٿو۔

ساڳئي طرح لبنان ۾ حزب الله خلاف اسرائيل جي کليل جارحيت کي روڪڻ ۾ به گڏيل قومن جو ڪردار رڳو تماشائي بڻيل آهي۔ گڏيل قومن جي اها بي وسي اسرائيل طرفان ايران خلاف مسلط ڪيل هڪ طرفي جنگ، ان دوران ڪيترن ئي ايراني شهرين ۽ عسڪري قيادت جي شهادت ۽ پوءِ قطر تي ميزائل حملن جي صورت ۾ به دنيا ڏٺو ته آفريڪا ۾ سوڊان جي گهرو ويڙه 2023 کان 2025 تائين هڪ خطرناڪ انساني بحران ۾ تبديل ٿي چڪو آهي۔ گڏيل قومن جي اندازن موجب ٻن سالن جي هن گهرو جنگ ۾ هاڻي تائين محتاط اندازي سان 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 80 لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن۔ ملڪ بک بدحالي ڏڪار جھڙي صورتحال مان گذري رھيو آهي ۽ مالي نقصان 20 ارب ڊالرن کان وڌي چڪو آهي۔جتي به گڏيل قومون جنگ بندي ۽ سياسي حل ۾ ناڪام نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته علائقائي طاقتون عالمي سرپرستي هيٺ غيرقانوني هٿيارن ۽ مالي مدد ذريعي هن تڪرار کي هوا ڏئي رهيون آهن، جن تي گڏيل قومن جو ڪو به ضابطو يا ڪنٽرول ناهي۔

شام جي گهرو جنگ کي چوڏهن سال مڪمل ٿي چڪا آهن۔ هن ڊگهي جنگ ۾ هاڻي تائين 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ بي گهر ٿي ويا آهن۔ بشار الاسد حڪومت جي خاتمي ۽ احمد الشرع المعروف ابو محمد الجولاني جي قيادت هيٺ قائم وڏي جنگي ڌر هيئۃ تحرير الشام جي اقتدار ۾ اچڻ باوجود، علائقائي طاقتون، جن ۾ اسرائيل به شامل آهي، شام جي فطري وحدت کي ٽوڙڻ جون ڪوششون جاري رکيو ويٺيون آهن۔ واضح رهي ته اسرائيل گولان جي ٽڪرين تي، جتي اڳ ئي قبضي ڪري ويٺو آهي، شام جي سرحد سان گڏ هڪ خودساخته حفاظتي بفر زون قائم ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ترڪيه به شام سان پنهنجي سرحد تي اهڙي ئي بفر زون ٺاهڻ جي منصوبي تي عمل پيرا آهي، جنهن جو مقصد شام ۾ سرگرم ڪرد ويڙهاڪن کي پنهنجي سرحد کان پري رکڻ آهي۔ ان سان گڏ تازو آمريڪا به هڪ ڀيرو ٻيهر داعش جي مبينا ٺڪاڻن تي فضائي حملا ڪيا آهن۔ اهڙي صورتحال ۾ شام جي معيشت مڪمل تباه ۽ بنيادي سهولتون ناپيد ٿي چڪيون آهن۔ اھو واضع ٿي چڪو آھي گڏيل قومن جي ثالثي سلامتي ڪائونسل ۾ وڏين طاقتن جي اختلافن سبب بار بار ناڪام ٿي رهي آهي، جنهن ڪري شام عالمي سياست جي شطرنج تي هڪ مهره بڻجي چڪو آهي جڏھن ته وچ۔ اوڀر ۾ يمن جو بحران به دنيا جي بدترين انساني سانحن مان هڪ آهي۔ اندازي موجب هتي هلندڙ جنگ سبب سڌي يا اڻ سڌي طرح 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن ته لکين ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن۔ مالي نقصان 100 ارب ڊالرن کان مٿي وڃي چڪو آهي۔ گڏيل قومن جي ڪوششن باوجود هتي مستقل امن قائم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جو بنيادي سبب علائقائي طاقتن جي پراڪسي جنگون ۽ عالمي طاقتن جا ذاتي مفاد آهن۔

ساڳئي طرح روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ گذريل ٽن سالن کان جاري جنگ پڻ عالمي امن کي شديد ڌڪ پهچايو آهي۔ 2022 کان شروع ٿيل هن جنگ ۾ هيستائين 5 لک کان وڌيڪ فوجي ۽ شهري مارجي يا زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيڻ جون رپورٽون آهن۔ يوڪرين جو انفراسٽرڪچر سخت متاثر ٿيو آهي ۽ مالي نقصان 500 ارب ڊالرن کان وڌي چڪو آهي۔ هن عالمي تڪرار ۾ سلامتي ڪائونسل ۾ روس جي ويٽو پاور گڏيل قومن کي عملي ڪردار ادا ڪرڻ کان معذور بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ دنيا هڪ نئين سرد جنگي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن جو ثبوت يورپي ملڪن طرفان پنهنجي دفاعي بجيٽن ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪرڻ آهي۔

ان ئي ساڳي پسمنظر اسين انڊيا پاڪستان جو جائزو وٺنداسين ته رڳو مئي مهيني ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ چار ڏينهن جاري رهندڙ شديد فوجي ڇڪتاڻ ڏکڻ ايشيا کي انتهائي خطرناڪ موڙ تي آڻي بيهاريو۔ ڪنٽرول لائين تي هوائي حملا، ميزائلن جي نقل و حرکت ۽ جارحانه بيان جن ايٽمي جنگ جا خدشا پيدا ڪري ڇڏيا۔ جيتوڻيڪ هي ڇڪتاڻ مڪمل جنگ ۾ تبديل نه ٿي سگھي اھا ھڪ سٺي ڳالھ آھي پر ان دوران ڪافي جانيون ضايع ٿيون، سرحدي آباديون لڏي ويون خاص ڪري انڊيا جو وڏو معاشي نقصان ٿيو سندس گھمنڊ ختم ٿيو ۽ کيس پنھنجي ڪمزوري ۽ پاڪستاني فوجي صلاحيتن جو خوف اندازو ٿيو پر حيرت جي ڳالھ اها آهي ته ٻن ايٽمي طاقتن وچ ۾ هن انتهائي خطرناڪ صورتحال دوران به گڏيل قومن جو ڪردار رڳو رسمي بيانن ۽ صبر جي اپيلن تائين محدود رهيو، جڏهن ته اهڙو تڪرار ڪنهن هڪ ڌر جي معمولي غلطيءَ سان دنيا کي ايٽمي تباهيءَ جي ڪناري تائين وٺي وڃي سگهي ھا،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.