صنعا، رياض، ابوظهبي(م ڊ) سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ اتحادي فوج يمن ۾ عرب امارتن فوجي گاڏين تي حملو ڪيو. سعودي اتحاد جي مطابق، مُڪلا بندرگاهه تي متحده عرب امارات کان جيڪي هٿيار پهتا اهي عليحدگي پسند قوتن لاءِ هئا. سعودي اتحاد بندرگاهه جي ڊرون وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ بندرگاهه تي گاڏين جي لاهڻ کي ڏيکاريو ويو آهي. سعودي اتحاد چيوآهي ته هن محدود آپريشن ۾ مُڪلا بندرگاهه تي لاهڻ وارن هٿيارن ۽ فوجي گاڏين کي نشانو بڻايو. آپريشن ٻن جهازن جي اجازت کان سواءِ بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ ۽ اوڀر يمن ۾ ڏکڻ عبوري ڪائونسل لاءِ هٿيار ۽ فوجي سامان لاهڻ کان پوءِ ڪيو ويو. اتحاد جي ترجمان ڪرنل ترڪي المالڪي چيو ته ٻئي جهاز فجيره بندرگاهه کان روانا ٿيا ۽ 27 ۽ 28 ڊسمبر 2025 تي مُڪلا پهتا، پر انهن کي اتحاد جي گڏيل فورسز ڪمانڊ کان ڪا به باضابطه اجازت نه ملي. هن چيو ته عملي هٿيارن ۽ فوجي گاڏين جي وڏي مقدار کي لاهڻ کان اڳ جهازن جي ٽريڪنگ سسٽم کي به بند ڪري ڇڏيو. ڪرنل ترڪي المالڪي جي مطابق، سامان جي فراهمي جو مقصد حضرموت ۽ المهره گورنريٽس ۾ تڪرار کي ڀڙڪائڻ هو، جيڪو تڪرار گهٽائڻ جي ڪوششن جي واضح خلاف ورزي آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2216 (2015) جي پڻ خلاف ورزي آهي. هن وڌيڪ چيو ته يمن جي صدارتي قيادت ڪائونسل جي چيئرمين جي درخواست تي سعودي اتحاد جي هوائي فوج اڱاري جي صبح هڪ محدود ۽ انتهائي درست آپريشن ۾ مڪلا جي بندرگاهه تي لوڊ ڪيل هٿيارن ۽ گاڏين کي نشانو بڻايو. يو اي اي جي بچاءَ وزارت سومر تي اعلان ڪيو ته هن يمن ۾ مقرر ڪيل پنهنجي دهشتگردي جي خلاف يونٽن جي مشن کي رضاڪارانه طور تي ختم ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري نيوز ايجنسي وام جي رپورٽ موجب، بچاءُ وزارت جي هڪ بيان جو حوالو ڏيندي، تازو پيش رفتن کان پوءِ هڪ جامع جائزي کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته يو اي اي 2019 ۾ يمن مان پنهنجا فوجي ڪڍيا، پر ڪجهه خاص يونٽ يمن ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ لاءِ مقرر ڪيا ويا. ان کان اڳ، يمن جي صدارتي ڪائونسل (PLC) جي سربراهه رشاد العليمي، گڏيل عرب امارات (UAE) سان گڏيل دفاعي معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. گڏيل عرب امارتن يمن بابت سعودي عرب جي بيان تي مايوسي جو اظهار ڪندي سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن کان گهر ڪئي هئي ته يمني حڪومت جي مطالبي موجب 24 ڪلاڪن اندر پنهنجي فوج يمن مان واپس گهرائي ۽ ڪنهن به ڌر کي عسڪري يا مالي مدد وارو عمل فوري طور بند ڪري. سعودي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته يمن جي امن لاءِ ڳالهيون ئي واحد حل آهن، يو اي اي جو يمني ڏکڻ عبوري ڪائونسل تي دٻاءُ وجهي ڪارروائين تي راضي ڪرڻ افسوسناڪ آهي، اهو قدم سعودي قومي سلامتي، جمهوريه يمن جي امن ۽ سڄي خطي لاءِ خطرو آهي. ٻئي پاسي سعودي عرب جي بيان تي گڏيل عرب امارتن طرفان ردعمل سامهون آيو، جنهن ۾ چيو ويو ته سعودي بيان سبب مايوسي ٿي آهي ۽ يمن بابت سمورا الزام رد ڪيا وڃن ٿا. يو اي اي جو چوڻ آهي ته مڪلا بندرگاهه تي لنگرانداز ٿيندڙ جهازن تي هٿيار موجود نه هئا، بندرگاهه تي پهتل جهاز يمني گروپن لاءِ نه پر اماراتي فورسز لاءِ هئا، يمن ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي کي ذميواري سان منهن ڏيڻ گهرجي. يو اي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يمن جي تازي صورتحال کي وڌيڪ نه بگاڙڻ گهرجي، سعودي اتحادي فورسز جو يمن ۾ حملو حيران ڪندڙ آهي . هوڏانهن يمن جي صدارتي ڪائونسل (پي ايل سي) جي سربراهه رشاد العليمي گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) سان گڏيل دفاعي معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب رشاد العليمي چيو آهي ته يمن ۾ موجود يو اي اي جون سموريون فورسز 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏي وڃن. سندس چوڻ هو ته يمن جي سڀني بندرگاهن ۽ زميني توڙي سامونڊي لنگهن تي 72 ڪلاڪن لاءِ مڪمل هوائي، زميني ۽ بحري ناڪابندي ڪئي پئي وڃي.