ڪراچي ۽ ڍاڪا وچ ۾ اڏامون جنوري کان شروع ٿيڻ جو امڪان

ڍاڪا (م ڊ) پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر عمران حيدر اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪراچي ۽ ڍاڪا وچ ۾ سڌيون هوائي پروازون جنوري کان شروع ٿي وينديون. هن اها ڳالهه بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان ملاقات دوران ڪئي. بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، هوائي رابطن، ثقافتي، تعليمي ۽ طبي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون. عمران حيدر ٻڌايو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻطرفي واپار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ واپاري حلقا نون موقعن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. هن چيو ته بنگلاديشي شاگرد پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم، خاص طور ميڊيڪل، نينو ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت ۾ دلچسپي رکن ٿا، جڏهن ته علاج لاءِ به مريض پاڪستان اچي رهيا آهن. پروفيسر يونس لاڳاپن ۾ بهتري جو آڌرڀاءُ ڪندي واپار ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.