واشنگٽن (معيد پيرزادا) ڀارت چناب تي ڊيم ٺاهي رهيو آهي. ڀارت طرفان اهڙا 8 ڊيم ٺاهيا ويندا جيڪي اوچائي تي ٺاهيا ويندا. ان تي پيپلزپارٽي اڳواڻ شيري رحمان ٽوئيٽ ڪيا. ڀارت جي ماحوليات واري وزارت هڪ ننڍي ڊيم جي منظوري ڏني آهي. شيري رحمان اهو ظاهر ڪيو آهي ته ڀارت 8 ڊيم ٺاهي رهيو آهي ۽ ان تي پوزيشن ورتي. پر شيري رحمان ان ڳالهه جي نشاندهي ناهي ڪئي ته ڀارت چناب سسٽم تي ڪئنال به ٺاهي رهيو آهي. انهن کي درياهن سان ڳنڍيو ويندو، رنبير ڪئنال جي ڊيگهه به وڌائي وئي آهي. جيڪڏهن ڀارت نه بيٺو ۽ درياهن تي ڪئنال ٺاهيندو ويندو ته پاڪستان جا پاڻي ذخيرا گهٽجي ويندا. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت طرفان ان تي ڪو رد عمل ناهي آيو. هي معاملو ڳنڀير آهي، مودي سرڪار اهو اشارو ڏئي رهي آهي ته پاڪستان اچي ڳالهيون ڪري ۽ ڪشمير معاملي تي به اڳڀرائي ٿئي. سنڌ طاس معاهدو به ائين لڳي ٿو ته واپس نه ايندو. هي جيتوڻيڪ جنگ ناهي، جهاز نٿا ڪيرائجن پر هي آهستي اڳڀرائي ٿي رهي آهي پر ڳنڀير آهي.