ڪارونجهر ڏاڍو خوبصورت لڳو،ان کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس\چيف جسٽس

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي ٿر بار جي وڪيلن  ڪارونجھر کي ورلڊ ھيريٽيج ۾ شامل ڪرڻ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي برقرار رکڻ جي اپيل ڪئي آهي،  چيف جسٽس چيو ته ڪارونجھر گھمي ڏٺو آھي،ڏاڍو خوبصورت لڳو،ان کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس.  چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي کي ٿرپارڪر بار ايسوئيسيشن پاران تعلقي بار ايسوئيسيشن ننگرپارڪر ۾ اچڻ تي آجياڻو ڏنو ويو،آجياڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طفر احمد راجپوت سميت ٻين به شرڪت ڪئي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ننگرپارڪر ڪورٽ ۾ نيئن قائم ٿيل اي لائبريري جو افتتاح ڪيو، جڏھن ته ٿرپارڪر بار مٺي جي وڪيلن صدر موھن لال منٺاراڻي،جنرل سيڪريٽري ڪنور امر، ظھير نھڙيو، منور ساگر، وسند ٿري ۽ ٻين پاران چيف جسٽس سان ملاقات دوران ڪارونجھر جبل کي ورلڊ ھيريٽيج ۾ شامل ڪرڻ سميت ڪارونجھر کي محفوظ بڻائڻ بابت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ڏنل فيصلي کي برقرار رکڻ جي اپيل ڪئي،جنھن تي چيف جسٽس  خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪارونجھر گھمي ڏٺو آھي،ڏاڍو خوبصورت لڳو،ان کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس،سمورن سياحتي ماڳن کي خوبصورت بڻائڻ جي ضرورت آھي،ڪارونجھر جبل تمام سھڻو آھي مونکي ڏاڍو وڻيو،آجياڻي کي خطاب ڪندي ۽ وڪيلن سان ملاقات دوران چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو ته ننگرپارڪر اچڻ جو هڪ ئي مقصد هو ته جيئن هتان جي ججن،وڪيلن ۽ غريب عوام کي جديد ۽ ٽيڪنالوجي جون سهولتون ميسر ٿي سگهن،جڏهن ججز ۽ وڪيلن کي سهوليتون ملنديون تڏهن ئي غريب،مسڪين ۽ ڪورٽن ۾ ايندڙ هر شخص کي تڪڙو انصاف مهيا ٿي سگهندو، چيف جسٽس هتان جي انتظاميه کي مخاطب ٿيندي چيو ته مقامي ماڻهن جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي انهن جي اهنجن کي گهٽايو وڃي ۽ پنهجن فرضن ۾ ڪوبه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي،هن وڌيڪ چيو ته جيترو به ٿي سگهندو جوڊيشري ۽ وڪيلن جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي گهٽايو ويندو ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي بنياد تي وڌ کان وڌ سهولتون ميسر ڪيون وينديون ته جيئن هر ماڻهو کي تڪڙو انصاف ملي سگهي،آجياڻي کي بار ايسوئيسيشن ٿرپارڪر جي صدر وڪيل موهن لال منٿاراڻي خطاب ڪندي چيو ته اسان چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جا شڪر گذار آهيون جيڪي ننگرپارڪر دوري تي آيا ۽ اسان کي وقت ڏنو،ٿرپارڪر جي ڪجهه تعلقن ۾ جوڊيشل ڪامپليڪس ناهن ۽ ڪورٽون روينيو جي عمارتن ۾ قائم آهن،اسان کي اسلام ڪوٽ ۽ ڇاڇرو جي لاءِ الڳ جوڊيشل ڪامپليڪس ڏنا وڃن،آجياڻي کي جنرل سيڪريٽري ڪنور امر خطاب ڪندي چيو ته اسان چيف جسٽس کي گذارش ٿا ڪيون ته ڪارونجهر کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو وڃي ،ڪارونجھر ھتان جي ماڻھن جو معاشي ذريعو ھجڻ سان گڏ سنڌ جي سونھن آھي ھتي ھر سال لکن جي تعداد ۾ سياح گھمڻ اچن ٿا،ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي  جنرل سيڪريٽري وڪيل ڪنور امر  تقريب ۾ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر جبل سنڌ جو ثقافتي ۽ تاريخي ورثو آهي،جنهن ۾ مختلف مذهبن جون عبادتگاهون پڻ موجود آهن،علائقي جي معيشيت جو گذرسفر پڻ ڪارونجهر جي پاڻي تي آهي،ڪارونجهر اسان جي جياپي ۽ صدين جي سڃاڻپ جي نشاني آهي،ڪارونجهر جبل بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب جبل کي هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي،آجياڻي ۾ چيف جسٽس کي ننگرپارڪر تعلقي بار ۾ اچڻ تي وڪيل ظهير نهڙيو،وڪيل راءِ سنگهه،وڪيل فقير منور ساگر،وڪيل ڪندن مالهي،وڪيل ديوت راءِ،وڪيل ملوڪ خاصخيلي ۽ ٻين پاران ٿر جي مشهور لوئي لونگيون ۽ اجرڪون اوڍايون ويون, آجياڻي ۾ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص جي صدر مير پرويز ٽالپر،وڪيل ڪانجي مل منٺاراڻي،وڪيل شريف ڀيل،وڪيل وسند ٿري،وڪيل جيلم سنگهه سميت وڏي تعداد ۾ وڪيلن شرڪت ڪئي،

  1. چيف جسٽس جي موجودگي دوران ننگرپارڪر ۾ ڪارونجھر بچائڻ لاءِ احتجاج

مٺي:چيف جسٽس جي واپسي دوران به ننگرپارڪر ۾ ڪارونجھر بچائڻ لاءِ احتجاج جاري رھيو،ننگرپارڪر پريس ڪلب آڏو ڪارونجھر سجاڳ فورم پاران سياحتي ماڳ ڪارونجھر کي بچائڻ لاءِ الھرکيو کوسو،غلام مصطفيٰ دل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 35ھين ڏينھن بہ احتجاج جاري رکيو ويو،انھي موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته ڪارونجھر اسان جو جياپو آھي جياپو کسڻ اسان کان زندگي کسڻ برابر آھي،سنڌ جو ھر ھڪ ماڻھو ڪارونجھر کي ورلڊھيريٽيج ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو،اسان چيف جسٽس جي آمد وقت ڪارونجھر بچائڻ لاءِ پرامن احتجاج ڪيو آھي،ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن کي جس ھجي جنھن چيف جسٽس آڏو ڪارونجھر جو ڪيس ڀرپور نموني رکيو آھي اسان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ مان اميد رکون ٿا ته اھو سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندا ۽ ڪارونجھر کي ورلڊھيريٽيج ڊڪليئر ڪرڻ جي مدد ڪندا،

  1. ٿر جي ڏورانهين ضلعي ۾ صرف هڪ ڪمپليڪس، وڌيڪ ادارا جوڙيا وڃن: مٺي بار

مٺي:ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن جي صدر موھن لال منٺاراڻي پاران چيف جسٽس آف پاڪستان کي سپاس نامو به پيش ڪندي ڄاڻايو آھي ته عدليه کي مظلومن، محرومن ۽ بي آواز ماڻهن جي آخري اميد سمجهيو وڃي ٿو۔ٿرپارڪر پاڪستان جي انتهائي پٺتي پيل، ڏورانهين ۽ موسمي اثرن کان متاثر ضلعن مان هڪ آهي۔ هتي غربت، اڻپڙهائي، ڏڪار، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ سماجي عدم تحفظ سبب انصاف تائين رسائي انتهائي ڏکي بڻيل آهي۔ اهڙين حالتن ۾ عدالتي نظام رڳو هڪ ادارو نه، پر عوام لاءِ زندگيءَ جي سهاري وانگر آهي۔هي عرض آهي ته اسان کي عدالتي ڍانچي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ ضلعي ۾ رڳو هڪ ئي جوڊيشل ڪمپليڪس تعمير ٿيل آهي، جڏهن ته اسان جا ٽي مئجسٽريٽ ڊپلو (جوڊيشل ڪمپليڪس کان 40 ڪلوميٽر پري)، ڇاڇرو (75 ڪلوميٽر پري) ۽ ننگرپارڪر (150 ڪلوميٽر پري) ۾ ويٺل آهن۔ عدالتي آفيسر ٻين کاتن جي عمارتن ۾ رهائش پذير آهن ۽ عدالتون به ٻين کاتن جي عمارتن ۾ قائم آهن۔ اهي عدالتون ناڪافي، تنگ ۽ زبون حالت ۾ آهن۔هي به عرض آهي ته بار رومز ۾ بنيادي سهولتن جهڙوڪ مناسب جڳهه، فرنيچر، لائبريريون، انٽرنيٽ ۽ رڪارڊ رومز موجود ناهن۔ ٿرپارڪر جي وڪيلن لاءِ تحقيقاتي ۽ ڊجيٽل سهولتن جي به سخت کوٽ آهي۔ هتي وڪيلن کي جديد قانوني تحقيقاتي اوزارن، آن لائين ڊيٽابيسز يا اي-ڪورٽ نظام تائين رسائي حاصل ناهي۔ البت هاڻي مٺي ۽ ننگرپارڪر ۾ قانون ۽ لاڳاپيل ادارن جي مدد سان اي-لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا هڪ مثبت قدم آهي، پر اڃا به وڌيڪ سهولتن جي سخت ضرورت آهي۔ انصاف ڪميشن جي سهڪار سان اهو به واعدو ڪيو ويو آهي ته هر تعلقي جي بار ۾ اي-لائبريري قائم ڪئي ويندي۔ ان باوجود، نوجوان وڪيلن کي شهري علائقن جي وڪيلن جي ڀيٽ ۾ سخت نقصان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ نون داخل ٿيل وڪيلن کي ڪيسن جي کوٽ، ڪارروائين ۾ دير ۽ مالي مدد جي ڪنهن به نظام جي غير موجودگي سبب انتهائي معاشي ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، خاص طور تي نوجوان وڪيل سخت متاثر آهن۔ ضلعي سطح تي نه ڪا باقاعده وظيفي (اسٽائپنڊ)، نه تربيت الائونس ۽ نه ئي ڪو مينٽرشپ پروگرام موجود آهي۔ اسان وفاقي عدالتي اڪيڊمي ۾ نون داخل ٿيل وڪيلن جي عدالتي تربيت لاءِ درخواست ڪئي، پر اها درخواست اڃا تائين قبول نه ڪئي وئي آهي۔هي به عرض آهي ته وڪيلن کي خاص طور تي حساس ڪيسن ۾ ڌمڪين، دٻاءُ ۽ ڪڏهن ڪڏهن بي عزتي کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ پنهنجي پيشه ورانه ذميوارين نڀائيندڙ وڪيلن جي تحفظ لاءِ ڪو مؤثر نظام موجود ناهي۔هي پڻ عرض آهي ته ججن جي شديد کوٽ سبب ڪيسن جو تمام گهڻو التوا پيدا ٿي ويو آهي۔ ان ڪري ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ جوڊيشل ڪمپليڪس مان لائيو ڪورٽ سسٽم قائم ڪري، سڌي ريت معزز هاءِ ڪورٽ بينچ ۽ معزز سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سان ڳنڍڻ عوام لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندو۔ ڇو ته ڪيس وڙهندڙ ڌريون بار بار ڊگها فاصلا طئي ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن سبب کين مالي ۽ ذهني تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون۔ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته گهڻا ڪيس وڙهندڙ غريب پسمنظر سان تعلق رکن ٿا؛ بار بار تاريخون ملڻ انصاف کي ناقابلِ برداشت بڻائي ٿي۔ آمدرفت، رهائش ۽ دستاويزن جا خرچ ريگستاني علائقن جي رهواسين لاءِ برداشت کان ٻاهر آهن۔هي به عرض آهي ته ٿرپارڪر ضلعي جا گهڻا ڪيس وڙهندڙ اڻپڙهيل آهن ۽ اردو يا انگريزي ٻوليءَ کان ناواقف آهن۔ ان ڪري هي مسئلو ٿرپارڪر مان ججن ۽ جسٽسن جي مقرري کانسواءِ حل نٿو ٿي سگهي۔ عدالتن ۾ سهولت ڊيسڪ ۽ ڪمزور ڪيس وڙهندڙن جي مدد لاءِ تربيت يافته عملي جي به کوٽ آهي۔ اهو پڻ مشاهدو ڪيو ويو آهي ته قانوني آگاهي ۽ قانوني امداد جي سخت کوٽ آهي۔ رياستي سرپرستي هيٺ قانوني امداد يا ته غير مؤثر آهي يا انتهائي ڪمزور۔ عورتون، اقليتون ۽ جبري پورهيت سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا۔هي به عرض آهي ته ضلعي ٿرپارڪر ۾ خاص عدالتن، جهڙوڪ ليبر ڪورٽ، اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۽ ٻين خاص عدالتن جي مڪمل غير موجودگي آهي۔ اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته فيملي ڪورٽون مناسب عملي سان موجود ناهن، نه ئي نابالغن جي انصاف بابت سهولتون يا صنفي لحاظ کان حساس ماحول موجود آهي۔ ماحولياتي معاملن، اقليتن يا ٻين ڪمزور طبقن بابت ڪو به مؤثر عدالتي نظام موجود ناهي۔جبري پورهيتن (Bonded Labour) بابت ڪيسن ۾ پڻ شديد مسئلا درپيش آهن۔ عدليه، پوليس ۽ روينيو کاتن وچ ۾ ڪمزور رابطي سبب عدالتي حڪمن تي صحيح نموني عملدرآمد نٿو ٿي سگهي، جنهن ڪري فيصلا لاڳو ڪرڻ اسان لاءِ هڪ سنجيده چئلينج بڻيل آهي۔هي به عرض آهي ته آفتن جي حالتن ۾ انصاف تائين رسائي جو ڪو به مؤثر نظام موجود ناهي۔ ڏڪار، لڏپلاڻ ۽ موسمي آفتن دوران عوام کي عدالتن تائين پهچ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، پر ان باوجود نه موبائل عدالتون آهن ۽ نه ئي ايمرجنسي عدالتي ردعمل جو ڪو نظام موجود آهي۔هي به عرض آهي ته تعلقي ننگرپارڪر، ڊپلو ۽ ڇاڇرو ۾ جوڊيشل ڪمپليڪسز جي تعمير لاءِ پلاٽ اڳ ئي ضلعي عدليه حوالي ڪيا ويا آهن، پر زمين موجود هئڻ جي باوجود اڃا تائين جوڊيشل ڪمپليڪس تعمير ناهن ڪيا ويا، جنهن سبب عدالتون ٻين کاتن جي عمارتن ۾ هلائڻيون پئجي رهيون آهن، جيڪو وڪيلن ۽ ڪيس وڙهندڙن لاءِ سخت تڪليف جو سبب بڻيل آهي۔هي به عرض آهي ته جوڊيشل ڪمپليڪس مٺي ۾ نئين تعمير ٿيل بار روم ۽ لائبريري ۾ بنيادي سهولتون جهڙوڪ ايئر ڪنڊيشننگ، مناسب فرنيچر ۽ لائبريري لاءِ ڪتابن جي کوٽ آهي.هي به عرض آهي ته نئين تعمير ٿيل جوڊيشل ڪمپليڪس مٺي اندر بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ۽ صدر جي آفيسن جي تعمير لاءِ اجازت ڏني وڃي، ته جيئن بار جا معاملا مؤثر نموني ۽ عدليه سان هم آهنگي سان هلائي سگهجن۔هي عرض آهي ته مٺي ۾ نئين تعمير ٿيل جوڊيشل ڪمپليڪس جي ڪينٽين مهرباني ڪري بار ايسوسيئيشن کي الاٽ ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته بار وٽ آمدني جا پنهنجا وسيلا موجود ناهن، ۽ ڪينٽين مان حاصل ٿيندڙ آمدني وڪيلن جي ڀلائي، خاص طور تي نوجوان وڪيلن جي بهتري لاءِ استعمال ڪئي ويندي۔هي به عرض آهي ته نئين تعمير ٿيل جوڊيشل ڪمپليڪس مٺي ۾ وڪيل ۽ موڪلن (Advocate–Client) جي صلاح مشوري لاءِ مخصوص ڪمرن جي تعمير جي سخت ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت رازداري سان صلاح مشوري لاءِ ڪا مناسب جڳهه موجود ناهي، جنهن سبب پيشه ورانه ڪم ۽ ڪيس وڙهندڙن جي سهولت متاثر ٿي رهي آهي۔ جڏهن ته نئين تعمير ٿيل جوڊيشل ڪمپليڪس مٺي جي احاطي ۾ ڪافي جاءِ موجود آهي، تنهن ڪري مهرباني ڪري وڪيلن کي عدالت جي احاطي اندر چيمبرز تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڪارونجهر جبل تاريخي، ثقافتي، ماحولياتي ۽ قومي لحاظ کان انتهائي اهميت جو حامل آهي، تنهن ڪري ان کي قومي ورثو (National Heritage) قرار ڏنو وڃي، ۽ ان جي تحفظ بابت معزز سنڌ هاءِ ڪورٽ جي تاريخي فيصلي تي مڪمل روح ۽ حرف سان عملدرآمد ڪرايو وڃي.هي پڻ عرض آهي ته جوڊيشل ڪمپليڪس مٺي ۾ وڊيو لنڪ سهولت مهيا ڪئي وڃي، ته جيئن معزز سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ معزز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زير التوا ڪيسن جي ڪارروائي آساني سان ٿي سگهي، محروم علائقن ۾ انصاف ۾ دير، رڳو فردن لاءِ نه پر نسلن لاءِ انصاف کان انڪار جي برابر آهي۔ اسان کي اوهان جي حضور جي دانائي، ڏور انديشي ۽ آئين سان وابستگي تي مڪمل اعتماد آهي ته اوهان انصاف جي نظام کي حقيقي معنيٰ ۾ عام پهچ وارو، انسان دوست ۽ منصفاڻو ادارو بڻائيندا.ان سلسلي ۾ اسين انتهائي شڪرگذار هونداسين،

  1. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي مٺي جڊيشل ڪامپليڪس ۽ اي لائبريري جو افتتاح ڪيو

مٺي:چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي مٺي پھتو،چيف جسٽس پاڪستان مٺي جڊيشل ڪامپليڪس ۽ اي لائبريري جو افتتاع ڪيو،  مٺي ۾ نئي ٺهيل جڊيشل ڪامپليڪس جي افتتاح سان گڏ ٻوٽا پڻ پوکيا،جڊيشل ڪامپليڪس ۾ چيف جسٽس وڪيلن ۽ ججن سان ملاقات ڪئي،

  1. چيف جسٽس ڪاسٻو  ۽ ٻيا سياحتي ماڳ گهمي ڏٺا

مٺي:چيف جسٽس ڪارونجھر جبل،ڪاسٻو ۽ ٻين سياحتي ماڳ گھمي ڏٺا،چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ڪارونجهر جبل سميت مخلتف تفريح ماڳن دورو ڪيو انھي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا،مٺي،اسلام ڪوٽ سميت وچ ۾ روڊن تي پوليس مسلسل ٻه ڏينھن ۽ ٻه راتيون الرٽ رھي ،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.