واشنگٽن (معيد پيرزادا) جمعي ڏينهن اسرائيل صومالي لينڊ کي تسليم ڪيو. اها صوماليا جي ڏکڻ ۾ آهي. اتر ڏکڻ ۾ صوماليا گلف سان ملي ٿو. ڪنهن به صومالي لينڊ کي تسليم نه ڪيو هو. سوڊان ۽ صوماليا ٻئي گهرو ويڙهه جي ڪري ورهايل آهن. اسرائيل جي ڪوشش آهي ته فلسطينين کي جهازن ۾ ڀري صومالي لينڊ ۾ ڀريو وڃي، صومالي لينڊ کي آمريڪا ڪا سهولت ڏئي. پاڪستان مذمت ڪئي آهي ۽ عرب ليگ ان جي وڏي مذمت ڪئي آهي. متحده عرب امارات اسرائيل جي مذمت ناهي ڪئي ۽ هو اسرائيل سان گڏ آهي. گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي نائب سفارتڪار يورپين کي، عرب ليگ کي ۽ گڏيل قومن جي ڪائونسل کي ته اهي فلسطين کي رياست تسليم ڪن ٿا پر صومالي لينڊ کي نٿا ڪن. اسرائيل جو حق آهي ته ان کي تسليم ڪري. آمريڪا پاڻ تسليم ناهي ڪيو پر بار اسرائيل تي وڌو آهي. يو اي اي ۽ سعودي عرب جي مفادن وچ ۾ ٽڪراءُ نظر اچي ٿو ۽ نيٺ ائين ٿيندو ته آمريڪا وچ ۾ پوندو پر شرط ڪهڙا هوندا؟ هن صورتحال ۾ پاڪستان به ڦاسندي نظر اچي ٿو، فيلڊ مارشل لبيا ۾ دفاعي سامان جي سپلاءِ جي ڊيل ڪئي آهي، اتي سعودي ۽ يو اي اي ٻئي ايل اين اي کي سپورٽ ڪن ٿا، پر اتي پاڪستان جا 2 ساٿي ترڪي ۽ قطر لبيا جي نيشنل يونيٽي جي اين يو کي سپورٽ ڪن ٿا. وچ اوڀر جا جيڪي تڪرار آهن، انهن ۾ هاڻي پاڪستان وڃي ڦاٿو آهي. پاڪستان کي ان تي پوزيشن وٺڻي پوندي، هر قدم سوچي سمجهي کڻڻو پوندو. ڪجهه سالن کان پاڪستان جي پرڏيهي آفيس کي دٻايو ويو آهي، پر هاڻي ڪنٽرول ٻين هٿن ۾ آهي، يعنيٰ جيڪا پاليسي پرڏيهي آفيس کان عالمي لاڳاپن جي حوالي سان ايندي رهي آهي، اها ختم ٿيندي پئي وڃي. پاڪستان هاڻي وڌيڪ ڦاسندو ويندو، ان جو نتيجو ايندڙ وقت ۾ سامهون ايندو.