يمن ۾ آڏو ايندڙ تازي، غير معمولي ۽ ڇرڪائيندڙ اڳڀرائي خليجي سياست، عرب دنيا جي اندروني صف بندي ۽ پوري خطي جي حڪمتِ عملي واري مستقبل بابت گهرا سوال اٿاري ڇڏيا آهن، جتي سعودي عرب طرفان مڪلا بندرگاهه جي ويجهو گڏيل عرب امارات سان منسوب هٿيارن ۽ فوجي گاڏين جي ترسيل کي نشانو بڻائي کليل فضائي ڪارروائي ڪرڻ نه رڳو يمن جنگ جي نئين مرحلي جو اعلان آهي پر سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ سالن کان دٻيل اختلافن جي کلي سامهون اچڻ جو ثبوت به آهي، ڇاڪاڻ ته هي پهريون موقعو آهي جو سعودي عرب ڪنهن ويجهي خليجي اتحادي جو نالو وٺي سڌي طرح عسڪري ڪارروائي جي ذميواري قبول ڪئي آهي، جنهن کي مبصر ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي ڇڪتاڻ ۽ ممڪن حڪمتِ عملي واري ٽڪراءَ جي شروعات قرار ڏئي رهيا آهن.
سعودي موقف موجب گڏيل عرب امارات يمن ۾ ڏاکڻي عليحدگي پسند گروهن خاص طور تي سدرن ٽرانزيشنل ڪائونسل کي هٿيار، مالي وسيلا ۽ لاجسٽڪ سهڪار مُهيا ڪري رهيو آهي، جيڪي نه رڳو يمن جي وحدت کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ۾ آهن پر ”سائوٿ عربيا“ نالي هڪ نئين رياست جي قيام جو تصور به پيش ڪري رهيا آهن، جنهن جا مبينا دعوائون سعودي عرب جي ڪجهه ڏاکڻين علائقن تائين پکڙيل آهن ۽ اهو ئي نڪتو رياض لاءِ ناقابلِ قبول آهي، ڇاڪاڻ ته سعودي قيادت ان کي پنهنجي قومي سلامتي، علائقائي سلامتي ۽ سرحدي تحفظ لاءِ سڌو خطرو سمجهي ٿي، سعودي پرڏيهي وزارت ۽ عسڪري ترجمانن موجب مڪلا بندرگاهه تي ڪيل محدود فضائي ڪارروائي اصل ۾ هڪ واضع پيغام هو ته يمن ۾ ڪنهن به اهڙي قدم کي برداشت نه ڪيو ويندو جيڪو سعودي سرحدن جي ويجهو عليحدگي پسندي کي هٿي ڏئي يا عرب اتحاد جي طئي ٿيل اصولن کان انحراف ڪري.
ٻئي پاسي گڏيل عرب امارات انهن الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته بندرگاهه تي لٿل سامان هٿيار نه هو پر يمن ۾ موجود اماراتي فوجن جي پنهنجي استعمال لاءِ موڪليل گاڏيون ۽ لاجسٽڪ مواد هو ۽ اهو ته يو اي اي 2019 کان پوءِ يمن ۾ پنهنجي باقاعده فوجي موجودگي ختم ڪري چڪو آهي، جڏهن ته سعودي عرب جو موقف آهي ته فجيره بندرگاهه مان ايندڙ جهازن بنا اجازت مڪلا ۾ داخل ٿي پنهنجا ٽريڪنگ سسٽم بند ڪيا ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ جنگي گاڏيون لاهيون، جن جو مقصد ايس ٽي سي جي عسڪري حيثيت کي مضبوط ڪرڻ هو، اهو ئي تضاد هن بحران جي اصل گهراين کي ظاهر ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته يمن جي جنگ جيڪا شروعات ۾ جوثي باغين خلاف گڏيل عرب مهم هئي. هاڻي اتحادي ملڪن وچ ۾ مفادن جي کليل جنگ ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي، سعودي عرب گڏيل يمن جي حق ۾ آهي ته جيئن سندس ڏاکڻيون سرحدون محفوظ رهن ۽ ايران نواز حوثين جو دائرو محدود رکيو وڃي، جڏهن ته گڏيل عرب امارات يمن جي ڏاکڻي ساحلي علائقن، بندرگاهن ۽ بحيره احمر ۽ باب المندب جي حڪمتِ عملي واري گذرگاهن تي اثر وڌائي پنهنجي ڊگهي مدي واري معاشي ۽ عسڪري حڪمتِ عملي کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، انهيءَ پس منظر ۾ حضرموت ۽ المهرا جهڙا سرحدي صوبا رياض لاءِ غير معمولي اهميت رکن ٿا جڏهن ته ابوظهبي انهن علائقن ۾ الڳ ڏاکڻي طاقت جي قيام کي پنهنجن مفادن مطابق ڏسي رهيو آهي، هن سموري صورتحال کي ان وقت وڌيڪ سنگين بڻايو ويو جڏهن يمني فوج جي هڪ اعليٰ عملدار طرفان اهو دعويٰ سامهون آيو ته گڏيل عرب امارات مبينا طور حوثي قيادت سان رابطو ڪري سعودي عرب جي مستقبل جي شهر نيوم تي ميزائل حملن جو مطالبو ڪيو هو، جيتوڻيڪ هن دعويٰ جي آزادانه تصديق نه ٿي سگهي پر ان خطي ۾ شڪن ۽ شبهن کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو تاثر مضبوط ڪيو آهي ته يمن هاڻي علائقائي طاقتن وچ ۾ پراڪسي جنگ جو مرڪز بڻجندو پيو وڃي.
انهيءَ پس منظر ۾ اها حقيقت به اهم آهي ته گڏيل عرب امارات اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا تيزي سان مضبوط ڪري رهيو آهي ته جيئن خطي ۾ طاقت جو توازن سعودي عرب جي مقابلي ۾ پنهنجي حق ۾ رکيو وڃي، جڏهن ته سعودي عرب پاڪستان سان دفاعي سهڪار کي ٻيهر اهميت ڏني آهي، جنهن سان اهو خدشو به جنم وٺي رهيو آهي ته مستقبل ۾ اهي صف بنديون اڻ سڌي طرح پاڪستان ۽ اسرائيل جهڙن ڌرين کي هڪ ئي حڪمتِ عملي واري دائري ۾ آڻي بيهاري سگهن ٿيون، تنهن هوندي به ماهرن موجب ايندڙ خطرو سڌي جنگ کان وڌيڪ پراڪسي تڪرارن، محدود فوجي ڪارروائين ۽ سياسي دٻاءَ جي صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ حالتون انتهائي نازڪ آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي سندس مذهبي، تاريخي ۽ دفاعي لاڳاپا سعودي عرب سان جڙيل آهن ۽ مڪي ۽ مديني جي تحفظ سان لاڳاپيل جذباتي پهلو به موجود آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي لکين پاڪستاني گڏيل عرب امارات ۾ روزگار سان وابسته آهن ۽ پاڪستان جي معيشت وڏي حد تائين خليجي ملڪن مان ايندڙ ترسيل زر تي دارومدار رکي ٿي، پرڏيهي معاملن جي ماهرن زور ڏنو آهي ته پاڪستان کي هن بحران ۾ جذباتي يا تڪڙي ردعمل ڏيڻ بدران متوازن، محتاط ۽ غيرجانبدار پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي، اسلام آباد لاءِ ضروري آهي ته هو واضع طور اهو موقف اختيار ڪري ته يمن جو بحران علائقائي ڌرين کي سياسي ڳالهه ٻولهه ذريعي پاڻ حل ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان ڪنهن به خليجي رياست جي حق يا مخالفت ۾ عسڪري صف بندي جو حصو نه بڻجندو، ڇاڪاڻ ته ماضي جا تجربا اهو ثابت ڪن ٿا ته عرب دنيا جي اندروني سياست ۾ سڌي مداخلت آخرڪار پاڪستان جي پنهنجن مفادن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿي، پاڪستان کي گهرجي ته هو او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي فورمن تي ثالثي ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو ڪردار ادا ڪري ۽ پنهنجي دفاعي وابستگين کي رڳو مقدس هنڌن جي تحفظ ۽ سڌي قومي سلامتي تائين محدود رکي، ڇاڪاڻ ته انهي محتاط حڪمتِ عملي ۾ ئي پاڪستان جي ڊگهي مدي وارا مفاد، علائقائي استحڪام ۽ اندروني سلامتي محفوظ آهن، ڇو ته جيڪڏهن اهي خليجي اختلافات بي قابو ٿيا ته انهن جا اثر نه رڳو وچ اوڀر پر ڏکڻ ايشيا تائين محسوس ڪيا ويندا۔